ڄام ساقي
اڱارو 8 آگسٽ 2006ع
| |
| 1962ع ۾ مون گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ ۾ فرسٽ ييئر سائنس ۾ داخلا ورتي، ان وقت به منهنجو رابطو استاد باقرسنائيءَ جي ذريعي ”پارٽيءَ“ سان هو. هڪ ڀيري رات ڌاري باقر سنائيءَ اچي ٻڌايو ته، ”هڪ روپوش ساٿي توسان ملڻ چاهي ٿو،هل!“ ٽائيم رات جا اٺ رکيو ويو هو. ساٿي مقرر جڳهه يعني ڦليليءَ جي ڪناري تي اٺ لڳي پنجن منٽن تي پهتو ۽ معافي ورتائين تهپنج منٽ دير ٿي ويئي آهي. ان کان پوءِ وقت جي پابندي منهنجي ذهن ۾ اهڙو ته ويهي رهي، جو اڄ به ڪٿي ستين وڳي جو ٽائيم ڏنلهوندو آهي، ته آئون ان کي 6 لڳي اوڻهٺ منٽ سڏيندو ۽ سمجهندو آهيان. ڪم ۾ وقت جي پابندي نه ڪبي ته ٻيا پورهيت سيڙبا ۽ تنگٿيندا. http://kawish.asia/Articles1/Jam%20Saqi/2006/08%20Aug%2006.htm | |
No comments:
Post a Comment