Thursday, 1 October 2015

عزت نفس ماريو ۽ ڪرپٽ ڪريو پاليسي .. Badar Abro

21 اپريل 2014ع

حامد مير تي خطرناڪ خوني حملو ٿيو. اهو حملو ڪي تمام حساس سوال اٿاري ويو آهي. وقت کي جواب ڏيڻو آهي پر ڪونه ڏيندو.  ڇو؟ توهان پاڻ سمجهدار آهيو.  سچ واقعي تلخ آهي، ٽُوهه کان به ڪؤڙو آهي، نِڙيءَ کان هيٺ نه لهندو آهي. شيخ اياز به ته ايئن ئي چيو، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي!“ انڪري سچ سان ياري رکڻ به وڏو ڏوهه آهي. حامد مير ۽ صحافت جي آزاديءَ تي ٻئي ڀيري ڳالهائبو، هي رڳو هڪ صحافيءَ  جو مسئلو نه آهي. پوري صحافت، سچ ۽ خدا جي خلق سان سچائيءَ ۽ حوصلي سان بيهندڙن جو مسئلو آهي. 
گذريل ڀيري جا ڳالهه چيم، ان تي هڪ دوست چيو، ”باقي سڀ ٺيڪ! پر غريبن مسڪينن تي ڪاوڙ  مناسب نه آهي!“ هڪ صاحب سوال ڪيو، ”جيڪڏهن اسڪولن ۾ پڙهائي نه هجي ته پوءِ شاگرد ڇا ڪن؟ ڪاپي به نه ڪن ڇا؟“ انهن سوالن جا جواب اٿم پر ڏيڻ مان فائدو؟ ڪو به پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ لاءِ تيار نه آهي.  ڪو به پاڻ کي غلطيءَ تي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪوبه اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪرپشن ڪنهن به سطح تي هجي، سرطان آهي، ’خبيث چڪر‘ آهي، ان کي هر سطح تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪو به جواز بيڪار آهي، ڪو به  اجايو دليل هن مريض (سماج) کي ماري وجهندو. ڪو به اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪرپشن کي سماج ۾ مٿان کان هيٺ پاڙن تائين هٿ وٺي لاٿو ويو آهي. ڪرپشن برفاني ٿڌ وانگر  سماج جي نرين ۾ ويهي وئي آهي، سماج ڳڱاٽجي ويو آهي. جيئن ته اسان به ان سماج جو حصو آهيون، اسان به ڳڱاٽجي ويا  آهيون. ... ۽ هاڻي مڊل ڪلاس جا  ’پڙهيل ڪڙهيل‘  فرد به چون ٿا، ”رڳو  وڏن کي جهليو، ويچارن ننڍن ۽ ڪمزورن کي ڇڏيو !“ ان جو ڇا مطلب ٿيو؟ ”ننڍا چور چوريون ڪندا رهن، وڏا چور  اندر ٿين ته جيئن اڄ جا ننڍا .. سڀان جا وڏا ٿيندا وڃن!؟“ چوندا آهن،”ڪک جو چور، سو لک جو چور“. فيصلو پاڻ ڪريو.
هاڻي اسان پاڻ  کي ’حق تي‘ قرار ڏيڻ لاءِ ان دليل جو سهارو ورتو آهي ته ”جيستائين وڏا ڌاڙيل ڌاڙا هڻن ۽ آزاد گهمن، ان مهل تائين ڳنڍي ڇوڙن کي ڇڏي ڏجي ته ويٺا روزگار ڪن، ڇو ته ٻيو روزگار ڪونهي!“ عجيب منطق آهي. برابر! ڌاڙيلن کي ڪاٺ ۾ وجهڻ گهرجي، ڪنهن انڪار ڪيو آهي؟ هتي ته چورن مٿان مور، ۽ مورن مٿان سرموڙ ويٺا آهن. هڪ زيانخور ٻِلو پاڻ ڪُڏ ڏيئي کوهه ۾ پيو آهي ته ٻائيتال مچي ويو آهي ... خدا خير ڪري، جِنَ کي بوتل ۾ وجهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. گاجي شاهه جا فقير سُرندا سُرود ته ڏاڍي محنت سان پيا وڄائين ... خدا ڪري جِنُ بوتل ۾ اچي! آئون ايئن ڪونه ٿو چوان ته سماج ۾ ڪو هڪڙو ٻِلو آهي يا هڪڙو جِنُ آهي. هتي قِسم قِسم جا ٻِلا ۽ جِنَ جِنڙا آهن. اها ڊگهي قطار آهي، ايوب خان جي وقت ۾ ٻاويهه هئا، هاڻي ٻاويهه سؤ هوندا يا شايد اڃا به وڌيڪ! پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته بسن ۾ کيسا ڪتريندڙ، اسٽريٽ ڪرائم ڪندڙ ۽ ’وائٽ ڪالر چور‘  اشراف ۽ معصوم آهن،  اهي ڀلي آزاد هجن، ڇاڪاڻ ته حڪومت روزگار نه ٿي ڏئي! هي ڪهڙو دليل آهي ته ’سفيد پوش شريف‘  سماجي برائيءَ ۾ شامل ٿئي ته به ’ساڌ‘ سڏائي.
آئون ڪنهن جي به شان ۾ گستاخي ڪرڻ نه ٿو چاهيان، حڪومت جي شان ۾ به نه، ڇو ته ان ڪم تي کوڙ سارا مامور آهن. آئون ته فقط اهو ٿو سوچيان ته ڪٿي آئون ذاتي طرح اهڙن ’ساڌن‘ جي قطار ۾ بيٺل، ڪونه آهيان!؟ ۽ ڇا مون کي ان پستيءَ ۾ پيل هجڻ جو احساس آهي؟ ڪو وقت هو جو چين ملڪ جا ماڻهو آفيم کائي، دنيا کي لت هڻي، پنهنجو پاڻ ۾ مست هوندا هئا. دنيا کي سندن پرواهه ڪانه هئي، هجي به ڇو؟ پر جڏهن ڪو اڳواڻ آيو ۽ قوم سجاڳ ٿي پيداوار ۾ جنبي وئي ته هاڻي آمريڪا ۽ جپان کي به وٺ نٿي ڏي. خود جپان ڏسو! هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪريل ايٽم بم جا زخم اڃا ڪونه ڇٽا آهن ۽ نه ڌرتي سائي ٿي آهي ــ پر ان حادثي ۾ نِڍال قوم جڏهن اُٿي بيٺي ته عزم۽ ترقيءَ جو معيار ٿي وئي. آئون حڪومت جي ڳڻتي پوءِ ڪندس، پهرين پنهنجي ڳڻتي ته ڪريان! پهرين اهو ته ڏسان آئون ڪٿي بيٺو آهيان؟ ڪٿي آئون ان قطار ۾ ته ڪونه بيٺو آهيان, جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي خود غرضي بيٺي آهي. ڪٿي آئون خود ترسي (Self pity) جو شڪار ته ڪونه آهيان؟ ڪٿي آئون ڪرپٽ طبقن جو اوبر ته ڪونه پيو کاوان؟ جيڪڏهن ڪو ڀڪشو فقير، بادشاهه جي در تي ڪشڪول جهلي ’دان‘ وٺي ته اهو ضرور سوچي ته ڪٿي ڏاتار پاپي ته نه آهي؟ جڏهن شري رامچندر لنڪا فتح ڪري ايوڌيا موٽي آيو ۽ فقيرن کي دان ٿي ڏنائين ته هڪ ساڌوءَ اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو ته، ”تو راوڻ کي ماري برهم هتيا ڪئي آهي!“ سوچيو ته سهي، هڪ مقبول حاڪم کي منهن تي ڪيڏي وڏي ڳالهه چيائين! ان کانپوءِ رام ۽ سيتا هِنگلاج ياترا ڪرڻ ويا ته جيئن اهو پاپ ڌوپجي! هتي ڪهڙو چڱو مڙس ويٺو آهي، جنهن جو ڏنو ’تبرڪ‘ سمجهي قبول ڪجي!؟
اسان جي سرڪار جي ڪهڙي ساراهه ڪري، ڪهڙي ڪجي!؟  اها ٻيو ڪجهه به ڪندي پر روزگار جا وسيلا پيدا ڪري نه ڏيندي، خيرات ڏيندي! خوددار ماڻهن جي عزت نفس ماري کين پِنائيندي ته جيئن خدا جي خلق خوشحال نه ٿئي پر عزت نفس ماري سرڪار ڏانهن امداد لاءِ ڏسندي رهي،  ’ووٽر‘ ٿي رهي ... ۽ بس!  آئون قطار لڳائڻ وارن کان پيار سان پڇندس، ”ادا! بابا! امان! ڌيءَ!  ان درٻار جي شاهي دروازي تي قطار لڳائڻ مان ڪهڙو فائدو اٿوَ، جتي خدا جي خلق کي عزت نفس ڏيڻي پوي ۽ موٽ ۾ ڌِڪا ملن!؟“ مون کي خبر آهي ته جواب ملندو، ”پوءِ ڇا ڪريون؟ بک ٿا مرون!“ ان جواب تي آئون ماٺ ٿي ويندس، ڇو ته آئون روزگار جا ذريعا پيدا ڪري نه ٿو سگهان. پر وري به چوندس ته موٽي اچو! سرڪار جي در تان موٽي اچو ... ايڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏيو. ڇا توهان کي ڪا سرڪار نظر اچي ٿي؟  سرڪار ڪٿي به ڪانه آهي. جيڪا طاقت نوٽن تي وڪامجي، ڇا ان کي سرڪار چئبو آهي؟ ڇا خاڪي پتلون ۽ ڪاري قميص وارا سرڪار آهن؟ ڇا توهان ڪنهن ڦڙڪندڙ جهنڊي جي پاڇي ۾ ويٺل شخص کي سرڪار ٿا سمجهو؟ سرڪار کي قانوني ٻوليءَ ۾ ’حڪومت‘ چئبو آهي. حڪومت جو ڪم آهي حڪمراني ڪرڻ. انهن جهنڊي وارن مان ڪنهنجو حڪم ٿو هلي؟ انهن مان ڪهڙو صاحب پاڻ قانون جي حڪم تي ٿو هلي؟ جيڪڏهن حڪم هلي ٿو ته پوءِ قانون جي حڪمراني نظر ڇو نه ٿي اچي؟ هتي رڳو لاوارث ماڻهو ۽ انهن جا مقتول حق ٿا ملن، قاتل ڇو نه ٿا ملن؟
ڇڏي ڏيو سرڪار کي پنهنجي ڪرپٽ حال تي. جيئن وڻَ پنهنجين پاڙن جي وسيلي زمين مان طاقت وٺندا آهن، تيئن اها سرڪاري مخلوق ۽ ادارا  خدا جي خلق مان طاقت وٺندا آهن، توهان انهن کي طاقت بخشڻ بند ڪندؤ ته هو پاڻهي توهان جي پيرن تي ڪري پوندا ... رڳو پنهنجي عزت نفس کي بيدار رکو ۽ اجتماعي سوچ سان متحد ٿيو. اها ئي توهان جي طاقت آهي. آئون قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. جيڪڏهن توهان متحد ٿي بيهي رهو، شهر شهر ۾، چوڪ چوڪ تي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ... ۽ ٻيو ڪجهه به نه ڪريو، سواءِ ان جي ته توهان هڪ زبان ٿي چئو ”بس! گهڻو ٿيو! هن کان پوءِ جيڪو ڪرپشن ڪندو، هتي رکيو هوندو!“
سنڌي سماج ڪٿي بيٺو آهي؟ ڪنهن کي اندازو آهي؟ اسان ڪرپشن ڏسي اکيون ٻوٽي ٿا ڇڏيون، ڪرپٽ کي ڪرپٽ نٿا چئون ... پاڻ ڪرپشن ڪريون ٿا ۽ ان کي به جواز (Justification)ٺاهي ٿا ڏيون.  ڇا اسان پاڻ ان ڌٻڻ ۾ لٿا آهيون؟  هرگز هرگز نه! سنڌي سماج کي هٿ وٺي ان گپ ۾ لاٿو ويو آهي. جيئن شڪاري تَڙ ڪري شڪار کي اوڏانهن هڪليندا آهن جتي گازڙيا/ بندوقچي موت بڻجي انتظار ۾ ويٺا هوندا آهن .. ۽ پوءِ ڌُوڙيا ٿي ويندا آهن! سنڌي سماج کي به ايئن هٿ وٺي ڪرپشن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي ... اسان ان چال کان بي خبر آهيون ۽ سمجهون پيا ته اسان محفوظ آهيون ۽ جياپي جي واٽ تي پيا هلون! ٿورو ئي اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ اڳيان وڏي ڌٻڻ آهي، ڪو بندوق هڻي يا نه هڻي، سنڌي قوم گداگري ۽ ڪرپشن جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هوندي، جو ان مان ڪڏهن به ڪانه نڪرندي. معاشي ڏيوالو نڪتل قومون وري به اٿي بيهنديون آهن،  اخلاقي ڏيوالي جو شڪار سماج ڪڏهن به ’عاليشان مستقبل‘ ڪونه ماڻيندو آهي. جنهن سماج ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني نه هوندي آهي، اهو  چُڙي چُڙي مري ويندو آهي.
اسان کي الائي ڪنهن غلط فهميءَ ۾  وجهي ڇڏيو آهي ته اسان سجاڳ قوم آهيون. پِنڪيون کائيندڙ آفيمي به پاڻ کي سجاڳ سمجهندو آهي. نشي  ۾ بدمست موالي به پاڻ کي هوشمند سمجهندو آهي. اسان کي پنهنجي هوشمنديءَ تي ٿڌيءَ دل سان هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻ گهرجي. منهن تي ٿڌي پاڻيءَ   جا ڇنڊا هڻي پنهنجي حالت جو جائزو وٺڻ گهرجي. اسان ڪهڙي بدحواسيءَ ۾ برادريون - برادريون ٺاهي هڪٻئي تي بندوقون تاڻي بيٺا آهيون؟ هي لاش ڪير ڪيرائي رهيو آهي؟  ڪهڙو فرق آهي ’ظالمان‘ ۾ ۽ اسان جي ’شير شاه جي شِڪرن‘ ۾ جيڪي عورتن کي مردن جي برابر حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. نياڻين کي بي آبرو ڪري قتل ڪن ٿا. ڪيڏي نه بيرحمي آهي اسان جي قبائلي نظام ۾!  وحشي ۽ وحشت ڪنهن کي چئبو آهي؟ الائي ڇو، پوءِ به اسان پاڻ کي مهذب، موهن جي دڙي جو وارث، هوشمند، با فضيلت ۽ صوفي لوڪ چئي رهيا آهيون.
هاڻي، اسان جي سماج ۾ هڪ ٻيو عنصر به داخل ٿيو آهي. غور فرمايو! اڳي، مسجدن ۾ مقامي مولوي صاحب پنهنجو فرض سمجهي پنج وقت اذآن ڏيندو ۽ باجماعت نماز پڙهائيندو هو، جيڪو ٻار قرآن پڙهڻ ويندو هو، بنا اجرت پڙهندو هو. ۽ هاڻي، خاص ڪري شهرن جي اڪثر مسجدن ۾ هڪ عدد  ’امپورٽيڊ‘ پيش امام ’براجمان‘ آهي. اڳي حليم طبيعت عالم سڳورا هئا، الله سائينءَ  جو رحماني روپ ڏيکاريندا هئا، انهن  جي محبت ڀري ڳالهه تي آمنا صدقنا چئبو هو، هاڻي امپورٽ ٿيل پيش امام کان سوال پڇڻ جي همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. ڪڏهن ڪنهن خطبي يا وعظ ۾ سندن جلالي لهجو  ۽ جلالي دليل ٻڌا اٿوَ؟ دوزخ ۽ بهشت، حلال ۽ حرام جون ڳالهيون اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون ... پر هاڻوڪا دڙڪا ۽ دهمان ٻڌي ته صفا دهلجي ٿا وڃون! لڳي ٿو محمود غزنوي ٻيهر ڪاهي آيو آهي ۽ غلطيءَ ۾ اسان مان هر هڪ کي’سومناٿ جو بت‘ سمجهي ويٺو آهي. پر هي ڪهڙا محمود غزنوي آهن جيڪي پگهار تي  پيش امامي ڪن ٿا؟ پيش امامي ڪرڻ  ڪو پيشو ته ڪڏهن به ڪونه هو! هيءَ هڪ سماجي ذميواري آهي، ثواب جو ڪم آهي ... ڪو به پرهيزگار نمازي اها سعادت حاصل ڪري سگهي ٿو، ڳوٺن ۾ اڃا به ايئن آهي ـــ پر هاڻي ڳوٺن جي ڀرسان، شهرن ۾، ۽ شهرن کان پرڀرو ڏهاڪو کن سالن کان اوچتو ئي اوچتو جيڪي عاليشان مدرسا ٺهيا آهن، انهن جو عمارتون ۽ انتظام ڏسي ڪنهن ’وڏي روحاني پيشقدمي‘  جو خيال ٿو اچي. هي ڪير ماڻهو آهن؟ هنن کي هيڏي ساري فنڊنگ ڪٿان پئي ٿئي؟ ڇا ڪي غير ملڪي ادارا ۽ رياستون سرگرم آهن؟ ايترو فنڊ سرڪاري اسڪولن تي ڇو نه ٿو خرچيو وڃي؟ ڇا سرڪار يا ٻين ادارن هنن کان پڇيو آهي ته رات وچ ۾ هي ڪهڙو روحاني انقلاب اچي رهيو آهي؟  اها سچ پچ حيرت جي ڳالهه آهي ته جتي هڪ هزار ڪوششن جي باوجود سرڪاري اسڪولن جي حالت نه ٿي سڌري، اتي ٻهراڙين ۾ عظيم الشان مدرسا ٺهي چڪا آهن، جتي طالبن لاءِ  رهائش ۽ ماني ٽڪيءَ جو بندوبست به آهي! هيءَ ’ڊيولپمينٽ‘ واقعي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.
       سچ، ٽُوهه کان به ڪ‍ؤڙو آهي، سڀني کي نِڙيءَ ۾ اٽڪي پوندو آهي. مون پئي چيو ته سنڌي سماج کي هٿ وٺي ڀٽڪايو ۽ مجروح ڪيو پيو وڃي، گداگريءَ تي لاٿو پيو وڃي۽ اسان شڪارين جي هڪل تي هڪلجندا ڪرپشن جي ٽڪساٽ (Labyrinth)  ۾ ڦاسندا پيا وڃون. سوچيو پنهنجو سماج ڪيڏانهن ويندو؟ سماج ڇا هوندو آهي؟ خدا جي خلق ۽ اهي اصول جن تي خلق هلي ٿي. سماج منتشر ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ ... انتشار ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ انتشار معنيٰ ذرو ذري کان ڌار، ڦوٽ ۽ وڳوڙ ... هر شئي پنهنجي مقرر ترتيب کان ٻاهر! سادن اکرن ۾ ٽُٽي وِکري وڃڻ. جڏهن سماج ۽ ان جو سرشتو ٽٽي پيو ته پوءِ باقي ڇا بچيو؟ اسان پاڻ کان سوال ڪيون: ڇا اسانجو سنڌي سماج جنهن تي اسان کي ناز آهي، اڃا قائم دائم آهي؟ يا انتشار جو شڪار ٿي چڪو آهي. هلو! اسان رعايت کان ڪم وٺون ٿا ۽ چئون ٿا ته سماج ڪمزور ٿيو آهي، ڪي روايتي فضيلتون ۽ اعليٰ قدر اڃا قائم آهن، الحمدالله!  سٺو ٿيو. پر جيڪڏهن اسان ايئن چئون ته سماج جي گنبذ ۾ ڏار پئجي ويا آهن ته اعتبار ڪندؤ؟
       آئون ڪجهه سوال اٿاريان ٿو: ڇا عورت تي هٿ کڻڻ سنڌ جي ثقافت آهي؟ قبرستان مان ڀوري ڀيل جو لاش ڪڍي اڇلائڻ سنڌ جي ثقافت آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڀٽائي سرڪار جي پيرن ۾ ڪير دفن آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته سچل سرمست جي پيرانديءَ کان ڪنهنجون قبرون آهن؟ ڇا قبرستان به هندو، مسلمان ۽ ڪرستان ٿيندا آهن؟ ميان ڪجهه هوش ڌاريو. زمين خدا جي آهي ۽ خدا جي سموري خلق جي آهي. زمين نه هندو آهي، نه مسلمان ۽ نه ڪرستان. زمين ماءُ آهي، ان  جي جهوليءَ تي سڀني جو حق آهي. توهان ڪهڙي پاڪ ۽ پليت جي چڪر ۾ پئجي ويا آهيو؟  ڪجهه به پاڪ ۽ پليت نه ٿيندو آهي، سواءِ ذهنيت جي. مهرباني ڪري خدا جي تخليق کي پليت نه چئو! سماج ۾ جيڪو جنون پيو ڏسجي، ان جي پويان ڪو ’ڳجهو مفاد‘ ڪم پيو ڪري. اکيون کولي ته ڏسو!   
 Daily Kawish - - Badar Abro

No comments:

Post a Comment