سومر 06 اپريل 2015ع
|
سڄي دُنيا جون نظرون هن وقت يمن تي آهن، ته ايران اُتي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا سعودي بالادستي برقرار رهي ٿي. انهيءَ صورتحال سبب خِطي ۾ عدم استحڪام وڌڻ جا خطرا پيدا ٿي چُڪا آهن. ڪراچيءَ ۾ به هن وقت اهڙي قسم جي راند کيڏي پئي وڃي، جتي اين اي 246 وارو تڪ ته ڄڻ يمن بڻيل آهي، جتي ايم ڪيو ايم پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ ۽ تحريڪ انصاف بالادستي قائم ڪرڻ چاهي ٿي. وچ شهر جي خالص اُردو آباديءَ جي اڪثريت تي مشتمل هن تڪ ۾ 1988ع کان متحده قومي موومينٽ بنا ڪنهن وقفي جي ڪاميابي حاصل ڪندي اچي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي هميشه جماعتِ اسلامي جو ميمبر ايندو رهيو آهي، جيڪو به انهيءَ آباديءَ مان هوندو آهي. موجوده صورتحال ۾ ائين ٿو لڳي ته، ڄڻ جماعتِ اسلامي هتي موجود ئي ناهي، جماعتِ اسلامي خيبر پختونخوا ۾ تحريڪِ انصاف جي اتحادي جماعت آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ اندر ماضيءَ ۾ اها تمام مضبوط جماعت رهي آهي. بقول هڪڙي جماعتي اڳواڻ جي ته، اين اي 246 واري تڪ تي هميشه کين اڳواڻي ملندي رهي آهي، هتي اُنهن جا خاندان آباد آهن، جيڪي نسل در نسل پارٽيءَ سان گڏ هلي رهيا آهن، ان ڪري اهي تحريڪِ انصاف کي اهو تڪ ڪنهن به صُورت ۾ نه ڏيندا. گُذريل عام چُونڊن ۾ ڌانڌليءَ جا الزام هڻي جماعتِ اسلامي بائيڪاٽ ڪيو هو، جڏهن ته 12 بجي تائين اين اي 246 تي جماعتِ اسلامي جي اُميدوارَ کي 10 هزار ووٽ ملي چُڪا هُئا، پولنگ اسٽيشنن تي موجود پارٽيءَ جي ووٽرن پوءِ اهو ووٽ تحريڪِ انصاف جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو هو. بقول جماعتِ اسلامي جي مقامي اڳواڻ جي ته، تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته، اهو ووٽ سندن حِصي جو آهي پر دراصل اهو جماعتي ووٽر هو، جيڪي پنهنجي تنظيم سان سچا آهن.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ تحريڪِ انصاف جي سولو فلائيٽ نظر اچي ٿي، ڇو ته هيستائين ان جو ڪنهن به پارٽيءَ سان چُونڊ اتحاد نظر نه ٿو اچي، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ، ايم ڪيو ايم جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو اهو بيان به سامهون آيو آهي ته، اسان پاڻ کي غير جانبدار رکيو آهي. گُذريل عام چُونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي لڳ ڀڳ 2 هزار ووٽ مليا هُئا، جيڪي اُنهن ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. اين اي 246 واري تَڪَ ۾ آغا خاني ڪميونٽيءَ جو به وڏو ووٽ بئنڪ آهي، جيڪو هميشه فيصلا ڪُن ثابت ٿيندو رهيو آهي. ڪريم آباد، شريف آباد، حُسين آباد ۽ ٻين علائقن جي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ اها ڪميونٽي ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيندي رهي آهي، ته ڇا هاڻ اهو ووٽ تحريڪِ انصاف کي ملي سگهي ٿو؟ ڇو ته شهر جي ٻِي ڪميونٽي بوهري برادريءَ ۾ تحريڪِ انصاف لاءِ ڪُجهه نرم رويو ڏٺو پيو وڃي ۽ پهريون دفعو ان ڪميونٽيءَ تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ به شرڪت ڪئي، نه ته ماضيءَ ۾ بوهري برادري اليڪشن جي ڏينهن تائين سياسي نظر ايندي هئي، هاڻي بوهري علائقن ۾ بم ڌماڪن کي ان جي ردِعمل سان جوڙي سگهجي ٿو يا نه؟ ان جو پوليس وٽ ڪو به ثبوت ڪونهي.
هڪ صحافي دوست جو خيال آهي ته، تحريڪِ انصاف جو ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان لاءِ نرم رويو آغا خاني ووٽر جو ان کان پري ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻي ڳالهه اها به آهي ته، ڪيترائي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته، تحريڪِ انصاف بنيادي طور تي ”موسمي بُخار“ آهي، ان ڪري ڪو به هن شهر جي اهم سياسي قُوت سان ٽڪراءَ ۾ نٿو اچڻ چاهي. تحريڪِ انصاف پاران ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس جي ويجهو جلسي جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي. تحريڪِ انصاف جي اُميدوار عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته، شهر ۾ جيڪو خوف جو ماحول طاري آهي، هُو ان کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ آهي ته، سندن ۽ رينجرز جي حڪمتِ عمليءَ ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي. ڇو ته ماضيءَ جي برعڪس رينجرز تازي ٿيل آپريشن ۾ نائن زِيرو تي ڪارروائي ڪري ٻين جماعتن کي به ٿَڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ تقريبن هر ڪميونٽيءَ کي ايم ڪيو ايم سان شڪايت رهي آهي، گُذريل 4 ڏهاڪن ۾ پٺاڻ، پنجابي، سنڌي، بلوچ ڪميونٽيز ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽڪراءَ واري سياست موجود رهي آهي پر 2007ع کان مُسلسل پختون ڪميونٽي ٽڪراءَ ۾ آهي. دراصل اهي سڀ ڪميونٽيز هڪ قسم جو اينٽي ايم ڪيو ايم ووٽ بئنڪ به آهن ۽ تحريڪِ انصاف جي نظر انهيءَ ووٽ بئنڪ تي آهي. موجوده ضمني اليڪشن ۾ تحريڪِ انصاف جي ڪاميابي ڏُکي ٿي ڏسجي پر نائن زيرو تي ٻه درجن ماڻهن جو وڃڻ ۽ بار بار ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن ۾ ريليون ڪڍڻ سان تحريڪِ انصاف اهو تاثر پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته، جيڪڏهن ڪير ايم ڪيو ايم کي چئلينج ڪري سگهي ٿو ته اها صرف تحريڪِ انصاف ئي آهي، ان ڪري اهي سياسي پروگرام ڪرڻ بجاءِ اهڙي طريقي سان همدرديون حاصل ڪري رهيا آهن.
اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته، گُذريل چُونڊن کان پوءِ ڌانڌليءَ جي شڪايت تي ڪراچيءَ جي تڪ اين اي 250 جي ڪُجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ کان پوءِ تحريڪِ انصاف کي ڪراچيءَ ۾ ”انٽري“ ڏني وئي، حالانڪه ڌانڌليءَ جون شڪايتون ته ٻين ڪيترن تڪن تي به هُيون، اُن سِيٽَ ۽ ٻن ٻين صوبائي سِيٽن تي ڪاميابيءَ کانپوءِ تحريڪِ انصاف خاموشي اختيار ڪري ورتي. اهي به ڳالهيون سامهون آيون ته، ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي جي ڪاميابيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو به حِصو هو، اهو جلسو اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي دوران ڪيو ويو هو. ان جلسي ۾ عمران خان زهره شاهد جي قتل واري واقعي تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم تي ڪا تنقيد ڪئي هُئي، جڏهن ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچي پوليس زهره شاهد قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري اِشارن ۾ اُن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان ڄاڻايو هو. هن پوري صُورتحال ۾ تحريڪِ انصاف مصلحت پسنديءَ جو ثبوت ڏنو هو. ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي تازي آپريشن جيئن تحريڪ انصاف جي سُڪندڙ رڳن ۾ نئون رَت پيدا ڪيو آهي، ماضيءَ ۾ ان جو مثال ايم ڪيو ايم حقيقي جي صُورت ۾ ملندو رهيو آهي. جنهن کي آپريشن جو فائدو پهچايو ويندو رهيو آهي، هن وقت تحريڪِ انصاف، زهره شاهد جي قتل جو به حوالو ڏيئي رهي آهي، تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران اسماعيل عزيز آباد جا چڪر ڪاٽيندي به ڏسجي ٿو، اهو بدليل بدليل ماحول بدلجندڙ موسم جي به نشاندهي ڪري رهيو آهي.
ڏٺو وڃي ته، تحريڪِ انصاف گُذريل چُونڊن ۾ همدرديءَ وارا ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب وئي پر انهن ووٽرن جون همدرديون برقرار رکڻ لاءِ ڪو به تنظيمي ڍانچو موجود ئي نه هو. مون کي ياد آهي ته هڪ جلسي ۾ مون هڪ پٺاڻ نوجوان کان سوال ڪيو هو ته، توهان هن جلسي ۾ ڇو آيا آهيو؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته، ”هتي اسان جو ”خان صاحب“ آهي، ان ڪري آيا آهيون.“ شايد ان ڪري ئي تحريڪِ انصاف جي جلسن ۾ پختون آبادي گهڻي نظر ايندي آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون هُيون، جو عوامي نيشنل پارٽيءَ جي قيادت کي پارٽي ۽ پاڻ کي بچائڻ مشڪل ٿي ويو هو. نتيجي ۾ ان نوجوان طبقي تحريڪِ انصاف جو رُخ ڪيو. دراصل ڪراچيءَ ۾ وقت ۽ حڪومتن سان گڏوگڏ متحده قومي موومينٽ جو سياسي حِصو به وڌندو ويو ۽ اها ڪراچيءَ جي وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي. 2008ع جون چُونڊون هُجن يا 2013ع جون، اهڙي ڪا به ڪوشش نظر ڪانه آئي، جنهن سان شفاف اليڪشن ٿي سگهن، ته جيئن عوام جي مرضي ۽ منشا مطابق نتيجا سامهون اچي سگهن پر گُذريل ٻن سالن ۾ هڪدم قانون نافذ ڪندڙ ادارا ايڪشن ۾ اچي ويا، حالانڪ انهن ئي پگهارن سان انهن علائقن ۾ اهي پهرين به موجود هُئا، پر هاڻ اُنهن پنهنجو ردِعمل ظاهر ڪرڻ ڇو ضروري سمجهيو؟ ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ ان ڳالهه جو سُٽ سُلجهڻ اڃا باقي آهي.
اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن شفاف اليڪشن به ٿين، ته ڪراچيءَ مان ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ قومي اسيمبليءَ جون 10 سِيٽون ڪيڏانهن به نه وينديون، شهر جي وڏي پارٽيءَ جو اعزاز ته وٽن برقرار ئي رهندو. ان کان پهرين به جڏهن ڪُجهه سِيٽون ڇڏڻ جو چيو ويو هو ته، خود الطاف حُسين چئي چڪو آهي ته، اُنهن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. اين اي 246 واري تڪ تي به جيڪڏهن سختي وڌي وڃي ۽ رينجرز پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر موجود رهي ٿي، ته پوءِ ايم ڪيو ايم وٽ اهو به آپشن ٿي سگهي ٿو ته، اهي في الحال هن چونڊ عمل جو ئي حصو نه بڻجن، ڇو ته ڪاميابي انهن کي ملي ئي ويندي پر ووٽن جي شرح اها نه هُوندي، جيڪا پهرين نظر ايندي رهي آهي. گُذريل چُونڊن ۾ نبيل گبول هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، ضمني چونڊن ۾ هونئن به ٽرن آئوٽ گهٽ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم غير مقبول ٿيڻ جو الزام پاڻ تي برداشت ڪرڻ بجاءِ، ٿي سگهي ٿو ته ان سڄي صورتحال مان ئي ٻاهر نڪرڻ بهتر سمجهي پر تحريڪِ انصاف جي اُميدوار جي قسمت پوءِ به نه چَمڪندي ۽ اها سِيٽ جماعتِ اسلامي جي حوالي ٿي ويندي، جيڪا ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي ٻي وڏي جماعت آهي، پر ان کان اها سِيٽ واپس وٺڻ ايترو مشڪل ناهي.
صولت مرزا جو بيان ۽ نائن زيرو تي ڇاپي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ جاري آپريشن واضح سياسي لائين تي نظر اچي رهيو آهي، جنهن اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا ڪيترائي نوجوان، جيڪي تحريڪِ انصاف کي هڪ مُتبادل جماعت سمجهندا هُئا، هاڻ اُن کي ڪراچيءَ ۾ پختونن جي جماعت سمجهن ٿا، جيڪا انهن جي سياسي ۽ مُعاشي مفادن جي خلاف آهي.
No comments:
Post a Comment