ریاض سهیل
سنڌ اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبر ڊاڪٽر کٽومل جي دعوى آهي ته، ”ٿر ۾ جيڪو انفرا اسٽرڪچر موجود آهي، اهو پاڪستان جو بهترين نظام آهي.“ هن اسيمبلي ميمبرن کي گڏ هلڻ جي به دعوت ڏني ته جيئن هو اهو ثابت ڪري سگهي. انهيءَ اسيمبليءَ جي فلور تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه چئي چڪو آهي ته، ”ضلعي اسپتال مٺي ۾ آغا خان اسپتال جي مقابلي واريون سهولتون دستياب آهن.“ اها دعوى ٻڌڻ کان پوءِ هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته، جيڪڏهن ان پُٺتي پيل علائقي ۾ ايتريون جديد سهولتون ۽ نظام موجود آهي ته پوءِ اهو گوڙ ڇو آهي، ڇو ٻارڙا تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. نوجوان ۽ عورتون کوهن ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ان صورتحال ۾ ڇو ميڊيا عامر خان جي فلم ”پيپلي لائيو“ بڻيل آهي. ٿر مان اسيمبلي ميمبر مهيش ملاڻي سومر واري ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته، ”ضلعي اسپتال جي او پي ڊي شعبي ۾ ساڍا ٽي لک ماڻهن جو معائنو ڪيو ويو.“ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال تنگ ڪري ٿو ته ڇا مٺي اسپتال تفريحي مقام آهي، جتي ماڻهو عورتن ۽ ٻارڙن کي آڻين ٿا. سرڪاري انگن اکرن موجب ٿر ۾ 100 کان وڌيڪ ڊسپينسريون، بنيادي صحت جا مرڪز ۽ تعلقي اسپتالون موجود آهن. صحت جي عالمي اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته، ”انفرا اسٽرڪچر جي عدم دستيابيءَ سبب انهن صحت جي مرڪزن تائين پهچڻ لاءِ ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳن ٿا.“ جڏهن ته ٽرانسپورٽ نه هجڻ ڪري ڀاڙو 1500 کان 4000 رپيا ادا ڪرڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جيڪو پاڻ به سرڪاري نوڪري ۾ رهي چڪو آهي، ڇا اهو ٻڌائيندو ته ڏڪار ۾ جڏهن ماڻهن وٽ آمدني جا ذريعا دستياب ناهن، اُهي اِهو خرچ ڪري ضلعي اسپتال مٺي ڇو ايندا آهن؟ ان جو ته اهو ئي مطلب آهي ته ٻين صحت جي مرڪزن ۾ اسٽاف دستياب ناهي يا دوائن جي کوٽ آهي. اها به حقيقت آهي ته سواءِ ضلعي اسپتال جي ڪنهن به صحت جي مرڪز ۾ سج لهڻ کان پوءِ اسٽاف دستياب نه هوندو آهي، اُهي صرف ڊي اسپتالون آهن.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سومر تي وائرل بيمارين جي روڪٿام جي حوالي سان هڪ بل منظور ڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته، ”صحت جي عالمي اداري جي گائيڊ لائينز جي روشنيءَ ۾ اهو بل تيار ڪيو ويو آهي.“ ان عالمي اداري جي نيوٽريشن جي باري ۾ به وصف دستياب آهي، جنهن جي مطابق نيوٽريشن يعني اها خوراڪ جيڪا اسان جسماني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. متوازي غذا ۽ سرگرميون جسم کي ۽ ذهن کي تندرست رکندي آهي، جڏهن ته غير متوازي غذا سبب بيمارين جي حملي آور ۽ ذهني نشو نما متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت سڄي حڪومت جو سمورو زور ان تي آهي ته انهن ڪڻڪ فراهم ڪري ڇڏي آهي. ڇا اها ڪڻڪ نيوٽريشن لاءِ ڪافي آهي؟ ان ۾ ڪئلشيم، پروٽين، وٽامنز ۽ فٽنس وافر مقدار ۾ موجود آهي، جيڪا ذهني نشو نما لاءِ لازمي آهي. اچو ته ڪراچيءَ جي روشنين مان نڪري انڌيرن ۾ ليئو پايون. مٺيءَ کان 30 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ماڇيو ڀيل واقع آهي. جنم اشٽمي کان پوءِ ان ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو، ڇهن مهينن جي هڪ ٻارڙي مسلسل روئيندي نظر آئي ۽ ماءُ ان کي خاموش نه پئي ڪري سگهي. ٻارڙيءَ جو مسئلو کير هو، جيڪو ماءُ سمجهي ته رهي هئي، پر مجبور هئي. شريمتي ٻائي جسامت ۾ ڪافي ڪمزور نظر اچي رهي هئي. سندس چوڻ هو ته، هو بيمار رهي ٿي ۽ کير نه ٿو لهي. هوءَ ڊاڪٽر وٽ به وئي هئي، پر ڊاڪٽر ڪجهه دوائون ڏنيون ۽ چيو ته ”خوراڪ کائو“ پر هاڻي هوءَ خوراڪ ڪٿان آڻي؟ ٻن ٻارڙن جي ماءُ شريمتي ٻائي ٻڌايو ته، هن وٽ اهو ئي علاج آهي ته پاڻيءَ ۾ ٿوري کنڊ ملائي، ٻارڙيءَ کي ڏئي ڇڏيندي آهي، جنهن کان پوءِ اها خاموش ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ بورچي خاني ۾ ڪجهه پَچندي ڏسي ڪري اسان تجسس ۾ اندر داخل ٿياسين، اُتي موجود عورت کان دريافت ڪيو ته هو ڇا ٺاهي رهي آهي. هن مسڪرائيندي چيو ته، ”ڀائرو توهان پاڻ ئي ڏسي وٺو.“ ديڳڙيءَ ۾ پاڻي هو، جنهن ۾ لوڻ ۽ ڳاڙها مرچ موجود هئا، جڏهن ته بصر به ڪٽيل نظر آيو جيڪو ان شورٻي ۾ وجهڻو هو. ٿر ۾ اهو منظر ڪنهن هڪ ڳوٺ جو ناهي، اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڏينهن رات اهڙي طرح ئي رهواسي گذارين ٿا. اهو ئي انهن جي نيوٽريشن جو رستو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻن سالن جي ڏڪار ۾ ڪيترائي جانور مري چڪا آهن يا وري ماڻهو ملڪيت وڪڻي ڪري پنهنجن اثاثن کان محروم ٿيندا رهيا آهن.
ٿر ۾ گذريل ڏهن مهينن ۾ 41 ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آهن. هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته صدين کان ڏڪار ۽ مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ وارو ٿري اڄ ان قدر ڪمزور ٿي ويو آهي، جو نجات جي راهه ڳولي رهيو آهي. ڏڪار معاشي ۽ سماجي لاڳاپن کي به بُري طرح متاثر ڪيو آهي، پر ان جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي ڪي به ادارا موجود ناهن. ڊاڪٽر لڪيش کتري، ٿر، عمرڪوٽ ۽ کپرو ۾ شايد واحد سائڪاٽرسٽ آهي. سندس چوڻ آهي ته، ” ٿر ۾ ڊپريشن جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ خودڪشين ۾ اضافو به انهيءَ سبب جي ڪري ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته، ”ان ڏڪار جي ڪري ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جيڪي ماڻهو بئراجي علائقن ۾ وڃن ٿا، اُهي اتان جي خوشحالي ڏسي ڪري احساس محروميءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي ٿرين جون عورتون ڳوٺن ۾ هونديون آهن، جيڪي پڻ تنها ٿي وينديون آهن، ان سبب جي ڪري ماڻهو سمجهن ٿا ته ان زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڊاڪٽر لڪيش کتري روزانو 40 کان 50 مريضن جو معائنو ڪندو آهي، جن ۾ اڪثريت ڊپريشن جي مريضن جي آهي. هڪ اهڙي ئي مريض سان عمرڪوٽ ۾ اسان جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ننگر پارڪر کان پنجن ڪلاڪن جو سفر طئي ڪري پهتو هو. هتي اچڻ لاءِ کيس هڪ جانور 7 هزارن ۾ وڪرو ڪرڻو پيو، ان سان سندس سئوٽ به موجود هو. ٻنهي کي ننگر پارڪر کان عمرڪوٽ تائين ڀاڙو 0032 رپيا ڀرڻو پيو، جڏهن ته 400 ڊاڪٽر جي فيس ۽ دوائون الڳ هيون. ان مريض جا چار ٻارڙا آهن، جن مان صرف هڪ ميٽرڪ پاس آهي، پر ٻين وانگر هو به بيروزگار آهي. ڏڪار سبب گذر سفر جا رستا بند ٿي چڪا اٿس، بس هو زندگيءَ کي زنده رکيو پيا اچن. عمرڪوٽ کان 60 ڪلوميٽر پري ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ شاهپر دين محمد ۾ گذريل مهيني هڪ نوجوان کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. چمو ميگهواڙ ٻُڌائي ٿو ته، سندس 21 سالن جو پٽ راءِ مل مزدوري لاءِ بئراجي علائقي ۾ ويو هو، پر اُتي روزگار نه مليو ۽ هو واپس اچي ويو، ان کان پوءِ سندس دماغ ۾ خلل پئجي ويو. زال مڙس ۽ 8 پٽن تي ٻڌل، ان گهراڻي وٽ 6 رڍون 2 ٻڪريون ۽ اُٺن جي هڪ جوڙي باقي آهي، جن کي اُهي وڻن مان پَن پٽي کارائيندا آهن.
هلندڙ سال خودڪشي ڪرڻ وارن 41 ماڻهن مان 90 سيڪڙو هندو آهن، جن ۾ تعليم جي شرح انتهائي گهٽ آهي، جنهن سبب ڏڪار سندن لاءِ خوفناڪ نتيجا کڻي اچي ٿو، انهن نتيجن کان بچڻ لاءِ اهي ماڻهو چوپائي مال سميت بئراجي علائقن طرف لڏپلاڻ ڪندا آهن. گذريل ٻن سالن کان مسلسل ڏڪار قالين سازيءَ کي هڪ نئين زندگي ڏني آهي ۽ ان غير رسمي صنعت جو شڪار عام طور تي ستن سالن کان 16 سالن جي عمر وارا ٻارڙا بڻجي رهيا آهن. هڪ اهڙي کڏ ۾ 12 سالن جو سوجو ميگهواڙ 12 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو. اُهي صبح جو سج اُڀرڻ تي ڪم تي پهچن ٿا ۽ سج لهڻ کان پوءِ گهر واپس وڃن ٿا. ان سڄي وقت ۾ صرف اڌ ڪلاڪ کاڌو کائڻ لاءِ وقفو هوندو آهي، جنهن ۾ سُڪل ماني ۽ بصر کائيندا آهن يا ڪڏهن وري گهر مان ڀاڄي آڻيندا آهن. انهن ٻڌايو ته، جيڪڏهن آڱريون زخمي ٿي وڃن ته پوءِ موڪل ملندي آهي ۽ هو پوءِ کيڏي سگهن ٿا، نه ته ان کڏ مان فرار ٿيڻ جو ڪو به رستو ناهي، جتي 11 ڪلاڪ ويهڻ سبب سندن گوڏا سڄي رات سُور ۽ درد ۾ وٺجي وڃن ٿا. گاهه جي ڇت جي ان ڪمري ۾ روشنيءَ جو ڪو به انتظام ناهي ۽ نه وري انهن ٻارڙن ريشمي ذرڙن کان ڦڦڙن کي بچائڻ لاءِ ماسڪ پاتا آهن. 12 ڪلاڪن جي مزدوريءَ جو معاوضو 30 کان 100 رپيا ملي ٿو، جنهن ٻار کي ڪم ۾ جيتري مهارت آهي، ان کي ايتري ئي مزدوري ملي وڃي ٿي، پر پوءِ به اها مزدوري 100 رپين کان وڌيڪ نه ٿي ٺهي. ان ڳوٺ ۾ اسڪول جي سرڪاري عمارت ته موجود آهي، پر استاد دستياب ناهي. ڪجهه ماڻهن عملدارن کي شڪايت به ڪئي، پر ڪو به ازالو نه ڪيو ويو. ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهن هڪ نجي استاد جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جيڪو ٻارڙن کي پڙهائي ٿو ۽ ان کي 100 رپيا في ٻارڙو ادا ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي غريب خاندان 100 رپيا ڏيڻ بدران اهو بهتر سمجهن ٿا ته اهو 100 رپيا ٻارڙو کڏ ۾ ڪم ڪري کڻي اچي ته گهر جي چُلهه ڪجهه دير تائين ٻرندي رهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ نيوٽريشن ۽ روڊن جي تعمير واري اعزاز تي معلوم ناهي ڪيترا ڏينهن بحث ٿيڻ باقي آهي، پر 8 مهينن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي ٿر جي صورتحال تي اپوزيشن کي مُنهن ڏيڻو پيو پوي. ان علائقي ۾ ارباب خاندان موجود آهي، جنهن جي سربراهه ارباب غلام رحيم کي آخري ڀيرو اُن وقت ڏٺو ويو، جڏهن وزير اعظم نواز شريف مٺي آيو هو، هُن ۽ سندس خاندان پُراسرار خاموشي اختيار ڪئي آهي. ٿر مان قومي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ تي تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي گذريل چونڊن ۾ اميدوار هو، سندس مريدن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، پر اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي موقعي تي ۽ ڪراچي ۾ جلسي ۾ هڪ ريفرنس جي طور سان ٿر جو حوالو ڏنو ويو. پنجاب ۾ ٻوڏ ۾ سرگرم عمران خان فائونڊيشن اڃا تائين هتان جو رُخ نه ڪيو آهي، اهڙي طرح حُر جماعت جا مريد به هتي آباد آهن، پر مسلم ليگ فنڪشنل جو ڪو به اهم ڪردار سامهون ناهي آيو.
قومپرست پارٽين تي ته هاڻي ڪو به تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٻه ڀيرا ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ به اُنهن ماڻهن جي مدد ۾ ڪردار ادا نه ڪيو، يعني نه انهن وٽ ڊاڪٽر آهن، جيڪي وڃي ڪري طبي ڪئمپ لڳائين، نه انهن جي ايتري ساک آهي ته هو شهرن ۾ دوائون ۽ راشن گڏ ڪري، ٿر ۾ متاثرن جي مدد ڪن. اهڙو ئي قومپرست گروپ آمريڪا ۽ لنڊن ۾ موجود آهي، جن جي دلچسپي گيت ۽ سنگيت ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿي، نه ته ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو ته ڪشمير ۾ زلزلي ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن عملي ۽ مالي مدد ڪئي، پر ٻوڏ هجي يا ڏڪار برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽيءَ جو ڪو به ڪردار سامهون نه ٿو اچي.
No comments:
Post a Comment