Thursday, 1 October 2015

شاندار روايتن جا ڪتابي قصا ۽ اڄوڪي سنڌ

شاندار روايتن جا ڪتابي قصا ۽ اڄوڪي سنڌ
آچر  14مارچ 2004ع 

27 فيبروري تي ڪاوش ۾ دودي چانڊئي جو ڏاڍو دل ڀِڄائيندڙ ۽ احساسن کي ڇهندڙڪالم نظر مان گذريو. هيءُ هڪ درد ونديءَ ۽ ڏکاريءَ عورت جو قصو آهي، جنهن جو نالو ٻڍي باجڪاڻي آهي. ٻڍيءَ جي ماءُ مٿس اهو نالو رکڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪوڏ مان کيس دعا ڏيندي اهو به پڪ سان چيو هوندو ته ”شال ٻڍڙي ٿئين، شال ستن پٽن جي ماءُ ٿئين.“ ٻڍي ماءُ جي دعاسان ٻڍي ته ٿي ويئي، پر سندس ڀاڳ کيس اڄ قابل رحم حالتن تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ٻڍيباجڪاڻي اسان جي سماج جي اها ذميواري آهي، جيڪا هر فرد، هر ادارو ۽ هر طبقو وساري چڪو آهي. جڏهن هر فرد پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندو آهي، ته طبقا ۽ ادارا به پنهنجيذميواري وساري ويهندا آهن. جڏهن طبقن، ادارن ۽ فردن جي ذميواريءَ جو فقدان پيدا ٿيندو آهي ته سڄو سماج بي حس ٿي ويندو آهي. ڍور ته وري به پنهنجي هم جنس سان گڏجي سڏجيرهندا آهن، هڪ ٻئي جو ڪجهه نه ڪجهه خيال رکندا آهن ۽ بي سبب ڪنهن کي ستائيندا به نهآهن.
ڍولا تين سين ڍور ڀلا، چرين بن ڪا گهاس
سورج لڙي سانجهي پڙي، ڪرين گهران ري آس
(ڍولا توکان ته ڍور به چڱا، جيڪي جهنگ جو گاهه کائين ٿا ۽ سج لهڻ تي گهرنڏانهن موٽن ٿا.)
سنڌي سماج ۾ ماڻهپو، مروت ۽ چڱائي هاڻي ته ماضيءَ جا قصا ٿي ويا آهن. سچ پچته اڄ جي سنڌ کي ڏسي يقين ئي نٿو اچي، ته ڪو سنڌ ڪنهن وقت چڱي به رهي هوندي.  باشعور ماڻهو سنڌي پرنٽ ميڊيا جي جيتري تعريف ڪن ٿا، ان سان اسين سئو سيڪڙو متفق آهيون. ميڊيايا اخبارون اسان جي سماج جو آئينو آهن. سماج ۾ جيڪي به ٿيندو، ان جا عڪس اخبارن ۾ ڏسجڻ۾ ايندا. سماج ۾ قتل عام ۽ رتوڇاڻ واري انڌي ڏائڻ جيڪڏهن سون جهڙيون جوانيون ۽ شيشيجهڙا جذبا ڳڙڪائيندي وتندي ته اخبارون به انهن دکن جون ڪٿائون ته لکنديون. جيڪڏهنداداگيري جو ست سِسيو راڪاس انسانيت جي گلشن جي ڀيل ڪندو وتندو ته ان بدامني جون ڳالهيون به اوس اخبارن جي زينت بڻبيون. جيڪڏهن ڪرپشن، مسڪينان مار،  معاشري کيڪوڙهيو ڪندي ته اخبارون اهي ئي وارتائون وائکيون نه ڪنديون ته اها قلمي بدديانتي جهڙي ڳالهه ٿيندي. اسان پنهنجي پرنٽ ميڊيا ۾ هڪ توقع رکڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اها ڪوشش ڪريمعاشري ۾ چڱيون روايتون پيدا ڪرڻ جا جتن ڪري، معاشري جي ڪوڙ، ڪڌائپ کان بچڻ جيلاءِ سچ، سونهن ۽ سٺائي ڏانهن ماڻهن جي رهنمائي ڪري، ڇاڪاڻ ته ميڊيا معاشري ۾ هڪ مليلجليل سٺي راءِ جوڙڻ جو بهترين اوزار آهي.
معاشري ۾ غنڊا گردي، ارهه زورائي ايتري ته وڌي ويئي آهي، جو هاڻ ان کان صنف نازڪ ۽ ٻارڙا به محفوظ نه آهن. اسان جي معاشري ۾ بي حسي، لاغرضائي ۽ بيمروتي ايتري ته وائکي ٿي چڪي آهي، جو اسان جي ڀر  ۾ ڪو بي گناهه ماڻهو لُٽجي ڦرجيرهيو آهي، تڏهن به اسان اکيون بند ڪري پنهنجي ضمير کي سمهاري ٿا ڇڏيون، ته اسان جو ڇا؟ خون پياڪ رهزن پنهنجين ڪڌين ڪاررواين ۾ ايترا ته دلير ٿي ويا آهن، جو هو سينا زوري،ناانصافي ۽ ظلم کي سٺي تاويل ڏيئي پنهنجي ان روش ۾ اڳي کان اڳرا ٿي وڃن ٿا، پر اسان کيذرو به جهٻو نٿو اچي. سنڌ جي شاندار روايتن جون ڪهاڻيون يا ته ڪتاب ۾ پڙهجن ٿيون يا ته مڙئي فيشن طور اسين پنهنجي ڪچهرين ۾ ڪري ٿا ڇڏيون، پر اهي قدر، اهي رجحان ۽ اهي لاڙااسان پنهنجي ذات لاءِ ڄڻ ته غير اهم سمجهي ڇڏيا آهن، ڄڻ ته اهي سڀ ڳالهيون نمائشي آهن.انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي پرنٽ ميڊيا پنهنجي وس آهر تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي، پر ههڙي بي يقيني ۽ انڌير جي موسم ۾ اسان پرنٽ ميڊيا مان اها توقع به رکون ٿا، ته اهااسان جي سماج جا اونداها پهلو ڏيکارڻ سان گڏو گڏ هن ڌرتيءَ جي روشن رخن کان به آگاهيڏي.
ٻڍي باجڪاڻي هڪ اهڙي بي سهارا ۽ ويچاري عورت آهي، جنهن جي مظلوميت کيس ايترو ته چٿي ۽ چچري ڇڏيو آهي جو اها اخبارن جي لاءِ هڪ عدد رنگين تصوير به نٿي ڏيئي سگهي. سندس وجود باهه ۾ سڙي ڦلوڪڻا  ٿي ويو آهي، سندس ڪيفيت اها ٿي آهي:
همه تن داغ داغ شد
پنبه ڪجا ڪجا نهم
( منهنجو سڄو جسم ته داغ داغ ٿي ويو آهي، پهو ڀلا ڪٿي لڳائي ڪٿي لڳايان؟)
ٻڍي باجڪاڻي جو سندس سمجهه مطابق سماج ۾ ڪنهن ڏانهن به حساب ڪتاب ڪونهي.کيس انهيءَ حال تي ڪنهن پهچايو آهي؟ هاڻي ڪهڙن مٽن مائٽن ۽ سڳن سيڻن تي سندس ڪهڙااڌيڪار (فرض) آهن؟ هوءَ ويچاري ڪجهه به نٿي سمجهي. ويچاري ٻڍي باجڪاڻي سرڪارياسپتال جي جنرل وارڊ ۾ پنهنجي پساهه جي تند کي ا

Ë ڄاڻي ته ڪهڙي اميد تي ٽٽڻ نه ٿي ڏي، باقي سماج ۽ انسانيت ته ساڻس هرڪا ويڌن ڪري ڇڏي آهي. سندس ساهه جو سڳو انهيءَ ماني ۽ انهيءَ گوريءَ تي تڳي رهيو آهي، جيڪو ننڍو معصوم پٽ کيس پني آڻي ڏئي ٿو. پر ويچاري ٻڍي پنهنجي انهيءَ پٽ کي به شايد مياري ڪونه ڪندي، جيڪڏهن هو کيس مانيءَ ڳڀو ۽ گوري نه به آڻي ڏيندو. اهي ماڻهو اسان جي سماج جي صبر جو آخري درجو (Peak level) آهن. صبر جي مٽيءَ مان ڳوهيل وفا جا پيڪر ماڻهو ته پنهنجي دلين ۾ طوفان لڪائي ويٺا آهن.  

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي
کلي چوندينءَ کجي کي تون، تکي تلوار وانگي هو
ڳالهه ڪندي ڪندي آئون پنهنجي جذبي جي وهه ۾ وهي ويس ۽ ڪرڻ واري ڳالهه ته اڻ ڪئي رهجي ويئي. اخبارون ته اسان جي سماج جا صرف اونداها رخ ڏيکاري رهيون آهن.ڇا انهن مان اها اميد رکجي ته اهي سماج جا روشن پهلو به نظر انداز نه ڪنديون؟ اسان جيمعاشري ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، جيڪي جيڪر ميڊيا جي اک ۾ اچي وڃن ته اسين معاشري ۾هڪ مثبت ۽ صحتمند راءِ جوڙي سگهون ٿا. ڪاريءَ رات ۾ گهر مان لڪي نڪرندڙ پريميجوڙن جون ڪهاڻيون به اسان جي سماج جو حصو آهن. پر انهيءَ ئي سماج ۾ اهڙيون به ڪهاڻيون آهن، جيڪي وري انهن پريمي جوڙن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي محبت، وفا، ناموس ۽عزت جا پاسدار ڪردار آهن.
ساجن يه مت جانيي، تَين بڇڙي مَين چين
·ڏوڪي ڏاري لاڪڙي، سرگت هي سب رَين
(سڄڻ اهو نه سمجهه ته توکان وڇڙي مون کي سڪون ۽ چين حاصل ٿيو آهي، بلڪهجيئن ڏنءُ ۾ ٻرندڙ ڪاٺي سڄي رات دکندي رهي ٿي، آئون پڻ ائين ئي دکي رهي آهيان.)
اهي ڪردار پنهنجي زندگي ته رک ڪري ڇڏين ٿا، پر  پيءُ ماءُ ۽ خاندان جي عزتتي حرف نٿا اچڻ ڏين. اهڙن ڪردارن جون ڪهاڻيون ساڻن گڏ دفن ٿيو وڃن پر پڌر ڪو نه ٿيون پون.  وفا جي ته تقاضا ئي اها آهي ته پنهنجي جان ته گنوائي ڇڏجي، پر پرينءَ جي رسوائي ٿيڻ نه ڏجي. اسين ميڊيا مان اها توقع رکون ٿا ته اهي پريمي جوڙن جي چاڪليٽي موضوعن کي ڇڏي ٻڍي باجڪاڻيءَ جهڙن ڪردارن کي پنهنجو موضوع بڻائين. اخبارن ۾ جيڪي ڪجهه اچي ٿو،ان مان ٻيو ڪجهه ٿئي نه ٿئي، اهو ضرور ٿئي ٿو ته اخبارون سماج ۾ هڪ راءِ جوڙڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ ٻڍي باجڪاڻي اسان جي سماج جي هڪ ڌڪيل، بيوس ۽ ٻريل عورت آهي.سندس مڙس ٻي شادي ڪري هُتي خوش گذاري رهيو آهي، پر جيون جي جوڳ ته هي جفا واري عورت ئي وهي رهي آهي. اسپتال ۾ کيس دوا دارون نٿو ملي، سندس سڙي ويل وجود ته مهانگين دوائن سان به شايد ئي نوبنو ٿي سگهي. سندس ڌپ ڪري ويل بدن کي اسپتال جيانتظاميه الڳ ڪنهن جاءِ تي اڇلائي ڇڏيو آهي، جتي سسئي ۽ سور پاڻ ۾ پٽي رهيا آهن. سندسبدن ڪيئن سڙيو؟ سندس جسم کي باهه به سندس مڙس يا ٻئي ڪنهن ڏني آهي، ڪير ڄاڻي؟ سندسٻريل وجود جي ڪٿي به ايف آءِ آر درج ٿيل نه آهي. اسپتال انتظاميه کيس دوائون نٿي ڏيئي سگهي. مڙس مائٽ ۽ ٻيا سڳا سيڻ سندس ڪا به پرگهور ڪو نه ٿا لهن. سندس پيٽ ڄائو ننڍو پٽآهي، جيڪو پني ماني ٽڪر کائي ٿو ۽ گوري ٽڪي جيترا پئسا شايد اسان جي سماج جا حاتم طائيکيس نٿا ڏيئي سگهن. اسان جا جادم جکرا شايد نوڪري، رهائش ۽ تحفظ وغيره جهڙو پيڪيجصرف گهران نڪتل انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏيئي سگهن ٿا، جيڪا اخبار ۾ بيان ڏيڻ جي لاءِ ۽تصوير ڪڍرائڻ وقت به ميڪ اپ ضرور ڪري ٿي. سنڌ جي ڀلائي وارا ادارا، تنظيمون ۽ٽرسٽ انهيءَ رخسار جو علاج ڪرائڻ لاءِ لکين رپيا گڏ ڪري سگهن ٿا، جيڪا ٿڏي کان بيمار ئيناهي. اسان جي بي حسي ۽ لاپرواهي اسان جو ڪنڌ سڄي دنيا جي قومن اڳيان جهڪائي ڇڏيو آهي.
اسان جي بي سمجهي ته اڃا سمجهه ۾ اچي ٿي، جو اسان جي شعور ۽ ساڃاهه آڏو لوڙها ڏنا ويا آهن، پر اسان جي جهالت تي تڏهن ته ماتم ٿو ڪرڻو پوي، جڏهن اسين وقت جي ناڪاري قوتن (Evil Forces)  جا ساٿاري ۽ همدرد بنجي ٿا وڃون. ڌاڙيل ۽ ابن الوقت ماڻهو اسان جا هيرو ٿي وڃن ٿا، ڊگهي محڪوميت، وڏيرن جي ويساهه گهاتين ۽ پنهنجن جيدغابازين مان به اسان ڪو به سبق نه ورتو. اسين چاهيون ٿا ته اسان جون اخبارون اسان جي توجهه ۽ نگهداشت جي حقدار ڪردارن کي روشنيءَ ۾ آڻين ۽ اسان جي پرگهور ۽ همدردي جيضرورت مند ماڻهن تي ٻاجهه جا پها رکن. هونئن  به اسان جي ٻڍي باجڪاڻي جهڙا ويچاراڪردار ته صبر ۽ رضا جا  مجسما آهن. هو ڪنهن کي به ميار ڪو نه ٿا ڏين، ٻڍي باجڪاڻيجهڙيون نماڻيون ناريون ته ٻڏي به وينديون، ته پنهنجي آس پاس جي لهرن کي به ڪو نه ٻڌائينديون.
Daily Kawish -- Haleem Baghi

No comments:

Post a Comment