Thursday, 1 October 2015

مضبوط پليٽفارم جي تلاش ۾؟ .. Badar Abro

سومر 19 مئي 2014ع 

اڄ، مون ڪنهن ٻئي موضوع تي لکڻ پئي گُهريو پر هڪ نوجوان مجبور ڪري وڌو ته آئون گذريل هفتي پيش ڪيل پنهنجي راءِ کي اڳتي وڌايان. تازو جڏهن اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، تڏهن سوچيندڙ ماڻهن کي ڳرن بُوٽن جي چاپ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. خدا خير ڪندو! آئون جڏهن به ڳرن بُوٽن جي ڳالهه ٻڌندو آهيان، مون کي سنڌباد سيلانيءَ جو جِنڙو ياد ايندو آهي. اهو جِنڙو، جيڪو اٽڪل سان سنڌباد جي ڪُلهن تي سوار ٿي ويو هو ۽ پنهنجون ٽنگون سنڌباد جي ڳچيءَ ۾ ايئن وڪوڙي ڇڏيون هئائين، جو ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هو. گذريل ڀيري ’جيئڻ ڏيو، آکيرا  نه ڊاهيو!‘  جي ڳالهه ڪيم ته گهڻن صاحب کي مؤقف ٺيڪ لڳو  پر ڪي ٿورڙا صاحب ڪاوڙجي پيا. سڀني لاءِ احترام. جن کي ڳالهه نه وڻي، انهن ڇا چيو؟ نوابشاهه جي هڪ نوجوان چيو، ”توهان طاهرالقادريءَ جي صوبن واري ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪيو آهي. اگر توهان وٽ ڪو طاهر القادريءَ کان بهتر فارمولو آهي ته مهرباني ڪري ٻڌايو. توهان ڪو انقلابي پليٽفارم ٺاهيو ته اسان توهان سان گڏ آهيون. طاهر القادري ڪيڏانهن به نه ڀڄندو. باقي ڪالم لکڻ ٻارن جو ڪم آهي. اصل ڳالهه آهي عملي ڪم ڪرڻ، لکڻ کي عملي روپ ڏيڻ الڳ آهي. توهان لکڻ ڄاڻو ٿا پر عمل ڪرڻ نه!....اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان کي توهان ڪو به پليٽفارم ناهي ڏنو. اهو چاهي سياسي هجي يا وري سائنسي....حيرت آهي اسان جا کوڙ سارا اديب آهن پر ڪنهن به سنڌ جي سياست لاءِ ڪوشش ناهي ورتي.  نه وري ڪو تعليم لاءِ؟ پر مون کي خوشي آهي ته اسان کي طاهر القادريءَ جي طرفان هر طرح ريسپانس ملي رهيو آهي. مان اُن جو ساٿ ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهان ٿو. اهو انقلاب سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ آهي، ورنه پير ۽ خانداني سياست (ڪندڙ) سنڌ کي دوزخ جي تري ۾ اُڇلائي ڇڏيندا. هونئن به اسان دوزخ ۾ جي رهيا آهيون.
منهنجي لاءِ سچ پچ حيرت جي ڳالهه آهي ته طاهر القادري سنڌي نوجوان ذهنن کي به پنهنجي ’اثر جي دائري‘  ۾ وٺڻ شروع ڪيو آهي. آئون هن نوجوان جو نالو نٿو کڻان، جو آئون هن کي هڪ فرد جي سوچ نه ٿو سمجهان. منهنجو مؤقف آهي ته جڏهن ڪو هڪ شخص ڪا ڳالهه سوچي ٿو ته اصل ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهو ساڳي ڳالهه سوچي رهيا هوندا آهن. ضروري ناهي ته اها سوچ حتمي هجي، راءِ بدلجي به سگهندي آهي، پراڻي سوچ مشڪل سان بدلجندي آهي، ڇو ته اُن ۾ گهڻو مشاهدو ۽ تجربا شامل هوندا آهن. هر پراڻي ڳالهه مدي خارج نه هوندي آهي، ۽ نه وري هر نئين سوچ ’عظيم الشان‘ ۽ انقلابي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جوش ۽ بيوسيءَ ۾ ڀَٽڪيل ڳالهيون به ڪندا آهن، پاڻ تي پيٽرول هاري باهه به ڏيئي ڇڏيندا آهن. اها خودڪشي ڪا انقلابي بغاوت ته ڪونه آهي!
هن نوجوان جي ڳالهه بِنهه وائڙي به ڪونه آهي. ڏسو! سندس ڳالهه ۾ ايترو وزن ته آهي، جو هاڻوڪي طرزِ حڪمرانيءَ مان بيزار پيو نظر اچي ۽ ’ڪنهن مضبوط پليٽفارم ۽ ريسپانس‘ جو مطالبو پيو ڪري. هِيءَ ڳالهه البت سنڌ جي قوم پرست، جمهوريت پسند سياستدانن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن لاءِ سوچڻ جهڙي آهي ته سندن سمورين ڪوششن جي باوجود  ڪي نوجوان سنڌ کي پنجن ڇهن صوبن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه جي پٺڀرائي ڇو ٿا ڪن؟ ظاهر آهي ته هِيءَ موجوده سيٽ اپ ۽ لاقانونيت مان ڪنهن قسم جي مايوسيءَ جو اظهارآهي. ان جو جواب اسان جا قوم پرست ۽ جمهوريت پسند سياستدان ئي بهتر ڏيئي سگهن ٿا ته نيٺ هو نوابشاهه جي هن نوجوان کي مطمئن ڇو نه ڪري سگهيا آهن؟ ايتري مايوسي ۽ عدم اطمينان، جو سنڌ کي ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ لاءِ تيار!
هن نوجوان جو خيال آهي ته  اديبن ۽ ڪالم نويسن کي ڪو (سياسي) پليٽفارم مهيا ڪري ڏيڻ کپندو هو، ۽ ڇاڪاڻ ته اديبن ايئن نه ڪيو آهي، انڪري هو طاهر القادريءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو آهي. نوجوان حيران آهي ته سنڌ ۾ ”کوڙ سارا اديب آهن پر ڪنهن به اديب سنڌ جي سياست ۽ تعليم لاءِ ڪوشش ناهي ورتي!“ ڇا سندس خيال درست آهي؟ ڇا اڄوڪن سنڌي سياستدانن کي سياست ڇڏي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ گهرجي؟ ۽ سندن خال اديبن ۽ صحافين کي ڀرڻ گهرجي؟ آصف زرداري، سائين قائم علي شاهه ۽ قادر مگسيءَ کي ادب تخليق ڪرڻ گهرجي؟ ۽ جيڪي صاحب اڄ ادب ۽ شاعري تخليق ڪن ٿا، انهن کي سياست ڪرڻ کپي؟ جيڪڏهن اها راءِ نامناسب آهي ته پوءِ  هِي مطالبو ڇو ٿو اُڀري؟ مون اڪثر سياستدانن کي به ٻڌو آهي، جيڪي اديبن کان قوم ۽ ملت جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ جي ’فرمائش‘ ڪندا آهن. ادب ۽ صحافت پنهنجي جاءِ تي انتهائي ذميوار  شعبا آهن، ۽ سياست هڪ جُدا ۽ تمام حساس ڪم آهي، معاف ڪجو! جيڪو ڪم ڪارل مارڪس جو هو، سو هن ڪيو، جيڪو ڪم لينن جو هو، سو لينن ڪيو، جيڪو ڪم گورڪيءَ جو هو، سو گورڪيءَ ڪيو. هر ڪنهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، هڪٻئي کي  سوچي سمجهي گڏجي ڪرڻو آهي.  وڪيٽ ڪيپر بالنگ نه ڪندو، ۽ بالر بيٽسمين جي جاءِ ڪونه سنڀاليندو. ڊاڪٽر انجنيئرنگ نه ڪندو ۽ انجنيئر وڪالت نه ڪندو. سو، اها فرمائش ئي غلط آهي. البت سماج سڀني جي ذميواري آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي، ۽ جنهن کان جيترو پُڄي ٿو، ڪري ٿو.
ڪنهن چيو آهي ته سنڌ جي سياست ۽ شعور جي واڌاري ۾ سنڌي اديب شامل نه رهيو آهي، يا پليٽفارم نه ڏنو آهي؟ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي ته وڏا پيلٽفارم ڏنا، ڪهڙو اديب ۽ صحافي آهي، جيڪو  سنڌ جي اهم ترين تحريڪن ۾ شامل نه رهيو آهي!؟ اديبن ۽ صحافين جيل ۽ ڦَٽڪا کاڌا آهن. انهن جي جسم تي اُڊڙيل چمڙيءَ جا نشان اڃا بيٺا آهن. اهو نسل جيڪو هاڻي پيريءَ ۾ پير رکيو بيٺو آهي، ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو آهي. ڇا نئون نسل حقيقت کان بِنهه لاعلم آهي؟ لاعلميءَ جي بنياد تي مفروضا قائم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئن چوي ته سنڌين کي پليٽفارم نه مليو آهي ته معاف ڪجو! توهان سنڌ جي جدوجهد جي تاريخ جو ڪوبه باب نه پڙهيو آهي  ۽ ان جو حصو به نه رهيا آهيو ... ۽ ها! توهان کي ڪنهن چيو آهي ته توهان وٽ ڪو پليٽفارم نه آهي، ۽ ڇا پليٽفارم رڳو سياسي پارٽين جي ’ڌرڻن، جلسي ۽ جلوس‘ جي شڪل ۾ ملندو آهي؟ جيئن طاهر القادري ۽ ٻيا صاحب ڪري رهيا آهن. هِي جو سوين ماڻهو سِول سوسائٽيءَ جي روپ ۾  پيا ڳالهائين، جن ۾ توهان جو آواز به شامل آهي، ۽ سوين ماڻهو صحافت جي پليٽفارم تان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي وسيلي گڏيل شعور جي تعمير پيا ڪن، اهو سڀ ڇا آهي؟ ڇا اهو پليٽفارم نه آهي؟
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هاڻي بار وري به قومي سياسي ڪارڪنن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت تي آهي ته اهي پنهنجي وجود جو مثبت ۽ سگهارو احساس ڏيارين. سنڌ هڪ وحدت آهي، ۽ ڪنهن جي ڪُڌي سوچ سان نه ٽُٽندي. سنڌ جو سوچيندڙ طبقو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي نوجوان ذهنن کي ڀَٽڪڻ نه ڏيندو. وقت گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي. نوجوان ٿورو سوچ!  جڏهن قوم پرست پنهنجو مؤقف ڏيڻ لاءِ ڳالهائين ٿا ته سندن لاش ڪوئلو ڪيا وڃن ٿا....۽ ايف آءِ آر ۾ انهن جي شناخت به درج نه ٿي ڪئي وڃي. طاهر القادري آئين جي غلط تشريح ٿو ڪري، ته به سڄي ملڪ جا چئنل ان جي لائيو ڪوريج ٿا ڪن، هو غير جمهوري ادارن کي غير آئيني قدمن لاءِ سڏي ٿو ته به قانون حرڪت ۾ نه ٿو اچي.  ڪا به ايف آءِ آر نه ٿي ڪاٽي وڃي. پراڻيون اخبارون اُٿلائي ڏسو! ان سان ملندڙ الزامن هيٺ کوڙ سنڌي ليکڪن، سياستدانن جوانيون جيلن ۾ گذاريون آهن.
نوجوان! سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه تمام خطرناڪ ڳالهه آهي، ’ڳالهوڙو‘ نه آهي. اها اوڀر پاڪستان وانگر باقي پاڪستان کي به ٽوڙڻ جي ڳالهه آهي. نوجوان چوي ٿو، ”توهان وٽ طاهر القادريءَ کان بهتر فارمولو آهي ته ٻڌايو!“ ادا سائين آهي، ڇو ڪونه آهي! هِي جو 1973ع وارو آئين آهي، اهو يڪراءِ ۽ گڏيل شعور تي ٻڌل فارمولو نه آهي ڇا؟ طاهر القادري ملڪ جي گڏيل شعور کان به معتبر ٿي ويو ڇا؟ اسان جو متفقه فورم يا پليٽفارم پارليامينٽ آهي.
سنڌ ۾ حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياسي ڪارڪنن لاءِ هِي تمام ڏکيو وقت آهي، پر وقت سولو ڪڏهن رهيو آهي؟ ان هوندي به  هن نوجوان جي ڳالهه خبردار ڪري رهي آهي ته، قومي ۽ جمهوري ڌريون پنهنجو تنقيدي جائزو وٺن ۽ سرڪار سُٺي حڪمراني ڪري. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته سُڀاڻي جيڪڏهن تاريخ جو ڳرو ڦِيٿو هٿن مان ڇڏائجي وڃي ته خُدا جي خلق توهان جو ساٿ نه ڏئي، ۽ ڪاوڙ ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي، جيڪو  في الحال ’ڪنٽينر مان انقلاب‘ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙو تجربو توهان کي اڳ به آهي، وري به ٿي سگهي ٿو.
تازو، توهان ڏٺو ته  هندستان ۾ ڪانگريس جو بُخار ڪيئن لَهي ويو! ماڻهو ايترا بيزار ويٺا هئا، جو سڄي هندستان جو نوجوان طبقو تبديليءَ لاءِ ووٽ وجهڻ نڪري پيو ۽  نريندر موديءَ کي ايوان تائين وٺي آيا. پيپلز پارٽيءَ کي ڪنهن به غلط فهميءَ ۾  رهڻ نه گهرجي، تبديليءَ جي هوا لڳندي آهي ته هر شئي ڪَک پن ٿي ويندي آهي. ماڻهن ڀُٽي صاحب ۽ محترمه جي نالي تي هر ڀيري ووٽ ڏنو آهي پر هاڻي اهو سحر ڪنهن به مهل ٽُٽي سگهي ٿو. ڪيئن؟ ان جي ذميوار هاڻوڪي حُڪمراني هوندي. چوندا آهن ته، ”توهان جيڪڏهن پنهنجو حال سمجهڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي ماضيءَ تي نظر وجهو... ۽ جيڪڏهن پنهنجو مستقبل سمجهڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي حال تي نظر وجهو!“ پنجاب ۾ ته توهان پنهنجا حال ڏسي چُڪا آهيو، باقي سنڌ ۾  به  عوام کي ووٽ جي بدلي ۾  مسلسل ڪرپشن ۽ رڪارڊ ٽوڙ بد انتظامي ملندي ته عوام ڪيترو ساٿ ڏيئي سگهندو؟ آئون اهو نه ٿو چوان ته ڀُٽو ازم جو سحر ٽُٽو آهي پر نئون نسل ۽ نئون ووٽر  جان، مال ۽ عزت جي حفاظت چاهي ٿو، مستقبل چاهي ٿو،  ڀڳل ٽُٽل رستا نه، ترقيءَ جون نيون منزلون چاهي ٿو. اڄوڪي پيپلز پارٽي عوام کي ٺَلهن واعدن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه پئي ڏئي. بلڪه پنهنجين ڪوتاهين کي به نه ٿي قبولي. اها وڌيڪ افسوسناڪ ۽ مايوس ڪندڙ صورتحال آهي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته پوليس ۽ سياسي بااثر شخصيتون پاڻ ڏوهارين جي سرپرستي پيون ڪن؛ ڄڻ هندستان جي ڪا ’آرٽ مووي‘ هلي رهي آهي. توهان ڏسو ته اُتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ماڻهو مقابلن ۾ مرن ٿا، خبر نه ٿي پوي ته ڏوهاري هئا يا بي گُناهه؟ رِڍون، ٻڪريون ۽ اناج به ’گرفتار‘ ٿي ٿاڻي تي پهچي وڃي ٿو....۽ پوءِ اُتان گم!!! خلق ته سڀ ڪجهه پئي ڏسي پر عوام جي ’محبوب سرڪار‘ ڇا پئي ڏِسي ۽ ڪري؟
خلق ڏسي پئي ته سياست وڏو نفعي بخش ڪاروبار ٿي وئي آهي. رات وچ ۾ ’ڪايا پلٽ‘ ٿي وڃي ٿي. ٺيڪا، ڪميشنون ۽ ترقياتي ڪمن ۾ حصا پتيون....خلق سڀ ڪجهه ڏسي پئي. نوابشاهه واري نوجوان  جو سوال غلط ڪونه آهي. جڏهن عوام جا عيوضي عوام کي لاوارث ڇڏي مالِ غنيمت ميڙڻ ۾ لڳي ويندا ته پوءِ سوالن سان گڏ آڱريون به اُٿنديون. اڄ آڱريون پيون کڄن، سڀاڻي ووٽ تان به هٿ کڄي ويندو. ممڪن آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ۽ ايئن  محدود ٿي وڃي، جيئن هندستان ۾ ڪانگريس جو حال ٿيو آهي. پر سائين! هِيءَ  اقتدار جي نشي جي ڳالهه آهي. نشو ته تڏهن ٽُٽندو جڏهن بوتل خالي ٿي ويندي ۽ بيلٽ باڪس مان ووٽ نه نڪرندا. في الحال ته اقتدار جو سِج موجود آهي، ڀلي ته ان جو آسمان  وفاق جي وسيع آسمان کان محدود ٿي سنڌ تائين محدود ٿيو آهي. ڪاش! کائڻ کپائڻ جو ڪلچر ختم ٿئي. تعليم، صحت، انتظام، شهري سهولتون، انصاف ملڻ لڳي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته وري ڪو سنڌباد سيلانيءَ جو جِنڙو قوم جي ڪُلهن تي چڙهي وڃي.

Daily Kawish -- Badar Abro

No comments:

Post a Comment