Thursday, 1 October 2015

طاقت جو سرچشمو ڪٿي آهي؟ . Badar Abro

سومر 28 اپريل 2014ع 

’ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر...‘ ڏسو! سوا ٻه سئو سال اڳ سچل سرمست جيڪا سِٽَ چئي، اڄ به ڪيڏي نه ٺهڪندڙ آهي.  ڀڳت ڪبير به ساڳي ڳالهه ڪئي، ”دنيا وارن کي سچ نٿو وڻي، ڪُوڙ کي ڀڳوان نه ٿو مڃي، اي ڪبير! تون ئي چئه ته ڇا ڪريان؟ ٻئي ڪم ڏکيا آهن.“ واقعي! ٻنهي کي راضي رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.  آئون ته چوان ٿو ڪنهن کي به راضي رکڻ  ڏکيو ڪم آهي ..... پر اسان ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ته نه ٿا لکون. خوش ڪرڻو هجي ته شهنشاهه جي شان ۾ قصيدو لکون، ’ڳُجهه‘ جون ڳالهيون ڇو ڪريون؟ پنهنجي ضمير جي چوڻ تي لکون ٿا، جيترو لکي سگهياسين!
الائي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙيل هڪ جوان ته چئي ڏنو، ”تون به منافق آهين ... ڀُوري ڀيل جي ڳالهه ڪندڙ سڄي سِول سوسائٽي ’منافق‘ آهي.  شيخ اياز کان وٺي اڄ تائين، سڀ!“  نوجوان! آئون تنهنجي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.  اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا،  اتي سچ پچ ايڏيون ته ويساهه گهاتيون ٿيون آهن، جو ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تان  اعتبار کڄي ويو آهي. ڪالهه تائين جنهن ماڻهوءَ خدا جي خلق جو آواز بڻجي ڳالهايو ۽ ان ئي ڏوهه ۾ گوليون کاڌيون، اهو ئي تنقيد جو نشانو آهي، ته پوءِ  ٻين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ اسان وٽ ويساهه ماڻڻ جي منزل ڦاهي گهاٽ کان اورتي نه ملندي آهي. آئون پنهنجي دائري ۾ رهندس.
ننڍي هوندي اسان هڪ راند کيڏندا هئاسين: ڪو ٻار ڪنهن به ٻئي ٻار جي چوڌاريءَ گول دائرو ڪڍي چوندو هو، ”هيءُ اٿئي پير جو ليڪو، متان ان مان ٻاهر نڪتو آهين!“ پوءِ دائري ۾ آيل ٻار ڳچ وقت ان دائري کان ٻاهر نه نڪرندو هو، ڪنهن جي مجال آهي جو ’ وهي‘’  ٽپي!  ... تان جو ان دائري کان ٻاهر بيٺل ڪو ٻار اهو ليڪو ڊاهي ڇڏي. هي لفظ ”ڊوهي وجهڻ“ هندي لفظ ’دُهائي‘ مان نڪتل ٿو لڳي، پر سنڌيءَ ۾ ان جو مطلب آهي: قسم يا جهل. سوچيان ٿو ته اسان جو سماج اسان کي مقدس  ’ليڪا نه ٽپڻ‘ جي هدايت ڪيتري ننڍي عمر ۾ ڪئي ۽ تربيت ڏني. عوام جو ’مقدس ليڪو‘ ڇا آهي؟ چڱن قدرن جو احترام-  اڄ به هر ڪو اهو ئي ٿو چوي ته ’ليڪا نه لنگهو! حدون نه اورانگهيو!‘ ليڪو لنگهڻ به نه گهرجي، هر ڪو پنهنجي حد ۾ رهي ته ڪيڏو نه چڱو!  ناني پوڙهي رات جو آکاڻيون ٻڌائڻ مهل چوندي هئي، ”سمهڻ کان پهرين کٽ جي چوڌاريءَ  ليڪو ڏيئي ڪڙو چاڙهي ڇڏبو ته پوءِ ڪو به جن ڀوت ان کي اورانگهي اندر اچي نه سگهندو!“ ممڪن آهي ته ڪو دوست ان کي جنن ڀوتن جون اجايون ڳالهيون چئي ٽاري ڇڏي، پر ٿوري دير لاءِ سوچيو: ’بي وس بندو‘  اهڙي علامتي آسري ۾ پناهه نه وٺندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ نيٺ ته مروج سماجي قدرن (قانونن) جي اوٽ وٺندو، ڪنهن خيالي طاقت جي پويان ئي تحفظ ڳوليندو. اڄ  جو ماڻهو به ته دروازي کي ڪڙو ڏيئي سمجهي ٿو ته منهنجي گهر کي ليڪو اچي ويو ... سمجهڻ ۾ ڇاهي؟ آئين جو آرٽيڪل ڇهه ۽ ڏهه به ته ’اهڙا ئي ليڪا‘ آهن، اهي به پيا لتاڙجن! جِنّن ڀوتن کي ڪير جهلي؟ هيءَ ڊوهي ڪيترا ڀيرا لتاڙي وئي آهي؟
جنرل ضياءُ الحق جا ڏينهن هئا، مون هڪ گوشه نشين جهوني دانشور کان سوال ڪيو هو، ”سائين! مهرباني ڪري مون کي سمجهايو ته هر پنجين، اٺين يا ڏهين سال ملڪ  ۾ مارشل لا ڇو ٿي لڳي؟ سرحدن جا نگهبان شهرن ۾ ڇو ٿا ڪاهي پون؟ اهي ته ڄڻ پنهنجو ئي ملڪ فتح ٿا ڪن!“ هن پوڙهي دانشور جي پيشانيءَ جا گهنج اڃا به گهرا ٿي ويا هئا، چيو هئائين، ”ته پوءِ ايئن سمجهه ته اهي توهان (عوام) جا محافظ نه هوندا ... توهان شهرين ۾ سُک سان ويهڻ جي عادت نه آهي، جيستائين توهان سندن مفادن ۾ خلل نه ٿا وجهو، هو به چُپ رهن ٿا، جڏهن توهان  هنن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ٿا وڃو، تڏهن هو  توهان کي ٺيڪ ڪرڻ ايندا آهن! ... ۽ ياد رکجانءِ، شايد ڪنهن کي غلط فهمي هجي، ٿي سگهي ٿو ته جنهن کي توهان بنهه پنهنجو ٿا سمجهو،  سو، توهان کي پنهنجو نه سمجهندو هجي!“ ايئن چئي، جهونو دانشور وري خاموش ٿي ويو هو پر سندس جواب منهجي ذهن تي نقش ٿي ويو. آئون سوچيندو رهجي ويس ته، ڇا هن دانشور جي ڳالهه سچي آهي؟
”ايئن وري ڪيئن ممڪن آهي؟  سڄي ساري قوم ڪنهن خوش فهميءَ يا غلط فهميءَ جو شڪار ڪيئن ٿي رهي سگهي؟ مون کي اعتبار نه ٿو اچي!“ مون بي اعتباريءَ ۽ بي وسيءَ ۾ پڇيو هو. ”ڀلي اعتبار نه ڪر، تنهنجي بي اعتباريءَ سان تاريخ جو ڦيٿو بيهي ته ڪونه رهندو ... عمر پئي اٿئي، اڳتي جيڪي ڪجهه ٿيڻو آهي، تون اکين سان ڏسندو ويندين!“ هن جواب ۾ چيو هو.  الله سائين هن دانشور کي جنت نصيب ڪري. مون تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺو ته  1993ع ۾ بينظير حڪومت ٺهڻ  کان فقط ڇهه سال پوءِ  پرويز مشرف ٽيليويزن اسڪرين تي ظاهر ٿيو ۽ پراڻو گٺل  ڊائلاگ ورجايائين، ”منهنجا عزيز هم وطنو ...  اسلام عليڪم! آئون نئين نالي سان وري موٽي آيو آهيان“ ۽ اسان سڀني ڏٺو ته ان هڪ جملي سان ميان نواز شريف جو  ’ڀاري عوامي  مينڊيٽ‘ هوا ۾ تحليل ٿي ويو، ڄڻ هئو ئي ڪونه!
هڪ سوال مون کي ڏاڍو ستائيندو آهي: ڀُٽي صاحب جي ٽن چئن نعرن مان هڪ اهم نعرو هو ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي!“ اسان ڏٺو ته جڏهن عوام پنهنجي طاقت ڏيکاري، ايوب خان گهر موٽي ويو، ون يونٽ ٽٽي پيو، عام چونڊون ٿيون، بنگلا ديش ٺهيو ... جمهوريت موٽي، ڀُٽو صاحب وزير اعظم هائوس ۾ ويٺو، يڪراءِ آئين ٺهيو  ۽ ٻيا به گهڻا معجزا ٿيا.  جڏهن، عوام کي پنهنجي ووٽ جي اهميت جي خبر پئي ته ڄڻ انقلاب اچي ويو، هاڻي وڏيرن کي ووٽ وٺڻو آهي ته کين اهو نياپن تي نٿو ملي، ووٽر جي در تائين وڃڻو پوي ٿو. وڏيرو مجبور ٿي هاريءَ وٽ وڃي! ڇا اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي ته ’طاقت جو سرچشمو  عوام آهي‘.
ڪنهن ٻئي اڳواڻ چيو هو، ”طاقت بندوق جي ناليءَ مان ڦُٽندي آهي!“  اسان ڏٺو ته ساڳيو  ڀُٽو ۽ آئين ساز  پارليمينٽ بندوق جي زور تي ايوانن مان ٻاهر ڪڍيا ويا، ۽ پوءِ ڀٽي صاحب کي عدالت جي هٿان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. ڇا اهو دليل ڪافي نه آهي ته، ’طاقت بندوق جي ناليءَ مان ڦُٽندي آهي!‘ آئون ”طاقت جو سرچشمو، عوام يا بندوق؟“  واري سوال تي وري وري منجهي پوان ٿو.  هر ڀيري عوامي حڪومت کانپوءِ مارشل لا ۽ هر مارشل لا کانپوءِ عوامي حڪومت .....  ڇا ايئن ڪونه ٿو لڳي ته بندوق جي طاقت ۽ عوام جي طاقت پاڻ ۾ ٻکين پيل آهن، ’گُٿم گُٿا‘ آهن؟ جنمن کان!
عوام ووٽ جي طاقت سان سياسي ڌرين کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائي ٿو، ۽ بندوق پنهنجي طاقت سان انهن کي ايوانن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿي! پاڻ ڪهڙي طاقت کي اصل طاقت مڃيون؟  ان ستائيندڙ سوال جو درست جواب ڇا آهي؟ هيءَ ’ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر‘ واري صورتحال آهي. ڪي ڳالهيون فلسفي ۽ شاعريءَ جي حد تائين ڏاڍيون وڻنديون آهن. شيخ اياز جون سِٽون  ياد ڪريو، ”سَڏ کي ڪي هَڏَ ناهن جو اهي ٽوڙي سگهين! ٽوڙ، جي ٽوڙي سَگهين!“  سَڏ کي هَڏ نه ٿيندا آهن، انڪري ٽوڙي نه سگهبا آهن ... آواز ۽ سوچ کي پرواز هوندي آهي، ان کي موڙي نه سگهبو آهي. ڳالهه، نه فقط خوبصورت پر درست به آهي، سوچ جڏهن پَر پکيڙيندي آهي ته پري تائين سج جي ڪرڻن وانگر پکڙجي ويندي آهي ... پر، اهي ئي ڏينهن هوندا آهن، جڏهن سڙيل ۽ هَڏ ڀڳل لاش ملندا آهن.
هندستاني فلم ’شعلي‘ ۾ گبر سنگهه جو هڪ ڊائلاگ ياد ٿو اچيم، ”جيستائين تون (ڦَٽيل پيرن سان) نچندي رهندينءَ، وِيروءَ جو ساهه هلندو رهندو، جيئن ئي تنهنجا قدم بيٺا، گولي هلندي!“ پاڪستان ۾ اها فلم جيئري جاڳندي حالت ۾ روڊن رستن تي هلي رهي آهي،  هڪڙا صاحب چون ٿا ”چپ چاپ اشارن تي نچندا رهو، سڀڪجهه سهندا رهو، حڪم مڃيندا  رهو ... اسان مقدس آهيون، اکيون هيٺ ڪري ڳالهايو!“ ٻيا صاحب چون ٿا ”ڀَتو ڏيندا رهو ... ڀُنگ ڀريندا رهو ... توهان ’منافق‘ واجب القتل آهيو، اسان تي تنقيد نه ڪريو ... نه ته گولي هلندي!“ سوچيو!  اڳوڻي وزير اعظم جي پٽ کي ڪا غيبات کڻي وئي آهي، جو سرڪار چوي ٿي، ”هن کي طالبان نه کنيو آهي، اغوا ڪندڙن ڀُنگ جا ٻه ارب رپيا گهريا هئا، هاڻي پنجاهه ڪروڙن تائين لٿا آهن.“ اهڙي ڪا وڊيو سرڪار تائين پهتي آهي، جنهن ۾ گيلاني صاحب جو زنجيرن ۾ ٻڌل پٽ چوي ٿو، ”هڪ مهيني تائين ڀُنگ نه ڀريو ويو ته هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا!“ ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته سرڪار کي خبر نه هجي ته مغُوي ڪٿي آهي؟ پاڻ ئي ٻُڌائين ٿا ته اغوا ڪندڙن سان ’سودي بازي‘ هلندڙ آهي،  پر اهي طالبان نه آهن ... شايد اهي سنڌ جي ڪچي جا ڌاڙيل هوندا!!  هي ڪهڙا جِنّ آهن، جيڪي لڀجن نه ٿا ۽  سرڪار جي سڀني ادارن کان زور ٿي ويا آهن؟! ڳالهه بندوق جي طاقت جي پئي ڪيم، سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ به ته بندوقون آهن، انهن ڪيڏا ماڻهو اغوا ۽  قتل ڪيا هوندا؟ حساب هڻبو ته هزارن ۾ نڪرندو.
بندوق هميشه اهو کڻندو آهي، جيڪو دليل ۾ کٽل هجي، رهزن هجي يا بنهه مجبور هجي. طالبان وٽ به بندوق آهي، ڌاڙيلن وٽ به بندوق آهي، انقلابين وٽ به بندوق  آهي ته فوج وٽ به ... هاڻي ته مذهبي، لساني تنظيمن وٽ ۽ مافيائن وٽ به بيشمار هٿيار آهن. طاقت آزمائي جاري آهي. ذميوار ڪير آهن؟  سڀ جا سڀ ...  ۽ آزار ۾ ڪير آهي؟ خدا جي خلق.  ٿي سگهي ٿو ته ڪي ڌريون بندوق جي ناليءَ مان انقلاب ڦُٽندو ڏسنديون هجن پر آئون ڪنهن به بندوقچيءَ جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان، ڇو ته بندوق ساهه وٺندي آهي، پوءِ ڇو نه اهو ڪنهن انسان جو هجي يا پکيءَ جو! گولين ۽ بارود کان ڊنل ماڻهو چون ٿا: ”بندوق کي وڏي طاقت آهي جو اها زندگي ڦُري وٺندي آهي، عوام جي طاقت کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيندي آهي“ ..... ڇا واقعي ايئن آهي!؟  ايوب، يحيٰ، ضياءُ ۽ پرويز مشرف ان بندوق جي سهاري ڪيترو وقت بيهي سگهيا؟  هر ڀيري عوام جي قوت انهن کي خالي هٿن سان تخت تان لاهي ڦِٽو ڪيو آهي. واقعي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي!
ان سڄي ها! ۽ نه!  واري صورتحال سبب عام شهري منجهي پوي ٿو ته نيٺ خدا جي خلق سان جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ عام ماڻهو پنهنجن بنيادي انساني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪهڙي غلط ڳالهه ٿا ڪن؟ نيٺ، عام ماڻهن کي، جيڪي چئني صوبن ۾ رهن ٿا، ڪڏهن هڪ جهڙي نگاه سان ڏٺو ويندو؟  سڄو سماج هيجان ۾ مبتلا آهي،  معمولي چِڙ ۽ انا ممڻ مچائي سگهي ٿي. جنهن صورت ۾ آئين ۾ (جيڪو گڏجي رهڻ جو مضبوط سماجي معاهدو آهي) هر ڳالهه صاف صاف لکي پئي آهي، مونجهارو ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ عوام، مقننه، عدليه ۽ انتظاميه ..... هر هڪ جي ذميوارين ۽ ڪم جو دائرو طئي ٿيو پيو آهي. عوام کي عام چونڊن جي ذريعي پارليامينٽ چونڊڻي آهي، ڪو ٻيو چونڊيندو ته غلط ٿيندو. پارليامينٽ قانون سازي ڪندي، ڪو ٻيو قانون سازي ڪندو ته غلط ڪندو. عدالتون عدل ڪنديون ۽ آئين جي روح جي وضاحت ڪنديون، اهو ڪم ڪنهن جرڳي ۾ يا ڪنهن ٻي سطح تي نه ٿيندو، جي ٿيندو ته غلط ٿيندو. انتظاميه رياست، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي فلاح، حفاظت ۽ قانون تي عملداريءَ جي ڪم تي مامور آهي، ان لاءِ کين اختيار ۽ وسيلا ڏنا ويا آهن. انهن ادارن کان سواءِ ڪو ٻيو ادارو انتظام هلائڻ جي ڪوشش ڪندو ته غلط ڪندو. سڀ ادارا آئين جي تابع آهن، سڀ انتظامي ادارا آئيني حڪومت جي تابع آهن. هرڪو پنهنجو ڪم ڪندو. ڊاڪٽر علاج ڪندا، اهو ڪم انجنيئرن جو نه آهي. انجنيئر  انجنيئرنگ ڪندا، اهو ڪم آڊيٽرن جو نه آهي. استاد تعليم ڏيندا، اهو ڪم  پوليس وارن جو نه آهي. صحافي صحافت ڪندا، بندوق نه هلائيندا ... هر شعبو پنهنجي جاءِ تي پنهنجي ڪم ۾ ڀَڙ آهي، هر ماڻهو پنهنجو مقرر ڪم ڪندو ۽ هر هڪ کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ جو روزگار ڪري، بس! ڪو به ادارو يا فرد ليڪا لنگهي ٻين جي  حدن ۾ دخل اندازي نه ڪندو.  اهو ئي انسان جي گڏيل شعور جو فيصلو آهي. آئين چوي ٿو ته جيڪو به شخص آئين ٽوڙيندو يا ان کي مسخ ڪندو، سو ڏوهاري ٿيندو. ’جيڪو به‘ جي معنيٰ آهي، ”جيڪو به!“ ڪِرڙ ڪانڊيرو هجي يا ڪو ’زورآور خان‘. الله جي مهربانيءَ سان آئين ٽوڙڻ جي طاقت ڪِرڙ ۽ ڪانڊيري وٽ آهي ئي ڪانه! انڪري اسان وٽ ان ڏوهه جا ڏوهاري عام طور ’زورآور خان‘  ئي هوندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ’زورآور‘  تي وس نه هلندو آهي ۽ ڪاوڙ انهن تي ڪڙڪندي آهي، جيڪي زورآورن جي پچار ڪندا آهن.
زور آزمائيءَ جو نتيجو ڪڏهن به چڱو نه نڪرندو آهي. جهيڙو فقط اهو ڪندو، جيڪو طاقت جي نشي ۾ هوندو، پوءِ ڪمزور پيو ڪنڊون پاسا ڳوليندو.  چوندا آهن ته ”ڪمزور ڌر هر صورت ۾ نقصان ۾ ويندي آهي“ پر هتي ته هر ڪو پاڻ کي ’تيس مار خان‘ پيو سڏائي. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ڏاڍو مڙس ڪير آهي، پاڻ فيصلو ڪونه ڏينداسون، نه وري هتي راءِ ڏيڻ سان زميني حقيقتون بدلجنديون! جيڪڏهن پهلوانن کي پِڙ ۾ لهڻ کان اڳ پاڻ ئي احساس هجي ته ڪهڙو پهلوان گوڏا کوڙيندو ته جيڪر ڪمزور ڌُر پِڙ ۾ لهي ئي نه! پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميڊيا ۽ هڪ رياستي ادارو هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. خدا خير ڪري. في الحال کڻي ڪير به چڙهتو ٿئي، تڪرار چڱي ڳالهه نه آهي.  زور آزمائي ٺيڪ نه آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي حد ۾ رهڻ گهرجي. خوف اهو نه آهي ته ڪهڙي ڌُر چِت ٿيندي؟ پر خوف هي آهي ته هيءَ ڪا نمائشي راند ڪانه آهي، ان جا نتيجا ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن تي پوندا. ڪي ماڻهو ان کي نيڪي ۽ بَديءَ جي وچ ۾ ويڙهه قرار ڏين ٿا، ڪي ان کي قلم ۽ تلوار جي وچ ۾ جنگ پيا سڏين، ڪي هڪ ڌر جي پاسي آهن ته ڪي ٻي ڌر جي. وڏي خوش فهمي ٿيندي جيڪڏهن ڪو بندوق کي طاقت نه سمجهي، ۽ وڏي غلط فهمي ٿيندي جيڪڏهن ڪو ميڊيا کي ڪمزور سمجهي. پر، جنهن ريت ميڊيا پاڻ ورهائجي رهي آهي، اها صورتحال صحافت لاءِ چڱي نه آهي.  اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي بس ٿيڻ کپي. اهو مؤقف درست آهي ته ٻنهي ڌرين کي ٿڌو ٿي، سوچڻ گهرجي ته  ليڪو ٻئي ٽيئي ڌريون اورانگهينديون رهيون آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي آئيني دائري ۾ موٽي پنهنجي پنهنجي پيشور ذميوارين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪنهن به اداري جو نقصان سڀني جو نقصان ٿيندو.
 Daily kawish.-- Badar Abro

No comments:

Post a Comment