By Riaz Sohail
ریاض سهیل
برما جي روهنگيا مسلمانن جي حمايت ۾ مذهبي جماعتن پاران پاڪستان جي وڏن شهرن ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن ۽ اهي مظاهرا خاص طور تي انهن پارٽين طرفان ٿي رهيا آهن، جيڪي بين الاقوامي جهاد ۽ عالمي اسلامي ڀائيچاري ۾ يقين رکن ٿيون. ”روهنگيا مسلمانن کي پاڪستان ۾ آباد ڪيو وڃي.“ مذهبي پارٽيون ته اهو مطالبو گهڻي عرصي کان ڪنديون آيون آهن، پر هاڻي اهو مطالبو زور وٺي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڪراچيءَ ۾ هندو ڪميونٽيءَ جي فلاح جي دعويدار تنظيم پاڪستان هندو ڪائونسل ۽ مسلم ليگ جي ميمبر رميش وانڪواڻي به اهو مطالبو ورجايو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جنهن جا پرڏيهي مشير سرتاج عزيز ۽ خاص معاون طارق فاطمي به ميمبر هوندا. سرڪاري اطلاعن مطابق اها ڪميٽي عالمي ادارن کي ذميواريءَ جو احساس ڏياريندي، جڏهن ته وزير اعظم جو خاص فنڊ به قائم ڪيو ويو آهي. شايد ڪجهه ماڻهن لاءِ اها ڳالهه قابل تعجب به هجي ته روهنگيا مسلمانن جو ٻيو گهر يا وڏي آبادي ڪراچي ۾ واقع آهي، جيڪي مختلف دورن ۾ غير قانوني طريقن سان هتي آباد ٿيندا رهيا آهن ۽ حڪومتِ وقت ان معاملي تي پرده پوشيءَ جو اظهار ڪندي رهي آهي. ڪبير احمد پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ موجود شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي فوٽو اسٽيٽ نقل ڏيکاريندي مون کي ٻُڌايو ته، هو 1970ع ۾ پاڪستان ۾ آيا هئا، ان کان اڳ فيلڊ مارشل ايوب خان برما آيو هو ۽ ان وقت جي فوجي سربراهه چيو هو ته هو انساني همدرديءَ جي جذبي جي بنياد تي روهنگيا جي مسلمانن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ايوب خان جي دعوت تي روهنگيا ڪميونٽي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿي وئي، ان وقت بنگلاديش به پاڪستان جو ئي حصو هو، ان لاءِ سندن پهريون ٺڪاڻو اهو ئي هو.
جڏهن بنگلاديش ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو ته ڪبير احمد جهڙن هزارين ماڻهن ڪراچي جو رُخ ڪيو. پاڪستان ۾ نادرا جي قيام روهنگيا پناهگيرن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن، اڳ ۾ جيڪي شناختي ڪارڊ ڏي وٺ جي بنياد تي بڻجي ويندا هئا، هاڻي ڏکيو ڪم ٿي ويو آهي. ڪبير احمد پاڪستان جي پاسپورٽ تي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري چڪو آهي، پر هاڻي سندس ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ نٿو ٺهي، ان لاءِ سندس ٻار به ان کان محروم آهن. بنگلاديش جي قيام کان پوءِ روهنگيا مسلمانن جي پاڪستان آمد جو سلسلو بند نه ٿيو. ڪيترن ئي مهينن تائين جو اهو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هو، اهو سندس اهي ڪهاڻيون ٻُڌي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اظهر ميان ۽ سندس زال 1990ع ۾ چئن ٻارن سميت پنهنجي اباڻي ديس کي خيرآباد چئي نڪري پيا، ان وقت سندن وڏي پٽ زاهد الله جي عمر 18 سال هئي. زاهد الله جي مطابق سندن زمينن تي قبضو ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ سندس والد لِڪي ڪري بنگلاديش ويو، جتي ڪجهه پئسا ڏئي، دلال جي مدد سان انڊيا پهتو ۽ اُتي هڪ سال رهيو، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو. زاهد مطابق ان دوران هو بُکيو ۽ اُڃايل به رهيو، ڪيترائي ڀيرا ته کيس پِنڻو به پيو. زاهد الله چمڙي جي فيڪٽري ۾ نوڪري ڪري ٿو، سندس سئو گز تي پنهنجو پڪو گهر آهي، جنهن ۾ هو زال، ٻن ٻارن ۽ چئن ڀائرن سان گڏ زندگي گذاري رهيو آهي. ارڪان آباد ۽ برمي ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ روهنگيا ڪميونٽي مقامي آباديءَ سان گڏ رهي ٿي، ان جي ابتڙ بنگلاديش ۽ ملائيشيا ۾ انهن کي ڪئمپن تائين محدود رکيو ويو آهي. 1990ع واري ڏهاڪي تائين روهنگيا ڪميونٽي جو ڀارت جي ذريعي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري رهيو، پر بنگلاديش ۾ سرحدي سختين هاڻي اهو سفر ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. برما ۽ بنگلايش جي وچ ۾ ناف درياهه موجود آهي، جنهن کي پار ڪري هو بنگلاديش ۾ داخل ٿيندا هئا، پر بنگلاديش هاڻ سرحد تي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي، جيڪا سرحد جي خلاف ورزيءَ ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ماري ڇڏي ٿي. بنگلاديش جي سختيءَ سبب روهنگيا انهن کان نفرت ڪندا آهن ۽ ان کي ڀارتين جو ايجنٽ سمجهن ٿا. برما سان بنگلاديش جي ئي سرحد ملي ٿي، اُتي ٻيو ڪو به ملڪ نه، پر سمنڊ آهي. غياث الدين جي پيدائش ڪراچي جي آهي، پر هو رضاڪاراڻي طور تي ملائيشيا ۾ به روهنگيا ڪميونٽيءَ جي نگراني ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته، ”بنگلاديش کان رستو بند هجڻ کان پوءِ هاڻي روهنگيا ٻيڙين ۾ سوار ٿي ڪري ٿائيلينڊ ۽ اتان کان ملائيشيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انساني اسمگلر به ٻُڌ آهن، ان لاءِ هو انهن کي وچ سمنڊ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندا آهن. روهنگيا ڪميونٽي کي ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا پسند ناهي، جڏهن ته ڪجهه خاندانن کي يورپي ملڪن به قبول ڪيو آهي، پر کين خدشو آهي ته اُتي سندن مذهب تبديل ڪيو ويندو. دنيا ۾ جيڪڏهن هو ڪٿي سُٺي ۽ پنهنجي عقيدي جي مطابق زندگي گذاري سگهن ٿا ته اهو پاڪستان آهي. امن جي نوبل انعام يافته سياستدان آنگ سانگ سوچي جي ديس مان بدامنيءَ جي سبب ملڪ ڇڏڻ واري روهنگيا ڪميونٽي جي مذهب طرف غير معمولي رُجحان کين مذهبي تنظيمن جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، انهن تنظيمن کي هو پنهنجو مددگار ۽ محافظ سمجهندا آهن.
ارڪان آباد ۽ برمي ڪالونيءَ جون ڀتيون مذهبي ۽ شدت پسند تنظيمن جي چاڪنگ سان ڀريل آهن، جڏهن ته اسڪولن جي بدران مدرسن جو وڏو تعداد ڏسي سگهجي ٿو، جتي سندن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ڪجهه تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته، ”1980ع واري ڏهاڪي ۾ روهنگيا مسلمانن جي خاص طور تي حوصلي کي وڌايو ويو ۽ انهن علائقن ۾ مدرسن ۾ به اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ کين افغانستان ۾ جهاد جو رستو ڏيکاريو ويو.“ ڪراچي ۾ روهنگيا ڪميونٽيءَ جو هر بالغ فرد محنت مزدوري سان جُڙيل آهي، ان ۾ صنفي فرق نه آهي. پوءِ چاهي گهر ۾ قالين سازي هجي، ٽيڪسٽائيل صنعت ۾ نوڪريون، ماهيگيري يا پنهنجو ننڍو وڏو ڪاروبار هجي، هر ڪو پنهنجي قابليت جي مطابق وابستا آهي. برمي ڪالوني ۾ برمي مارڪيٽ ۾ سندن ذاتي دڪان به موجود آهن، جڏهن ته ڪيترائي روهنگيا فشنگ لانچن جا مالڪ به آهن. برما ۾ کين جهوپڙي ٺاهڻ جي اجازت نه آهي، پر هتي سندن پنهنجا پڪا گهر آهن، جتي بجلي ۽ گئس جون سهولتون موجود آهن، رڳو پاڻيءَ جي ٿوري گهڻي تڪليف آهي. روهنگيا ڪميونٽيءَ جي اڳواڻ نور حسن ارڪان جو چوڻ آهي ته هو برما ۾ پنهنجن رشتيدارن جي مدد ڪندو آهي. زڪوات، فطري ۽ قربانيءَ جي کَلن جا جيڪي پئسا جمع ٿيندا آهن، اهي برما جي مستحقن ۾ ورهايا ويندا آهن ۽ اهو بئنڪ جي ذريعي ممڪن ناهي، ان لاءِ هُنڊي جا غير قانوني طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن. ائين به ناهي ته سمورن ئي روهنگيا جي شناختي ڪارڊ جو مسئلو آهي، پر ڪيترائي نظام جي ڪمزوري ۽ عملي جي بدعنوانيءَ سبب پاڪستان جي شهريت کان فيضياب ٿي چڪا آهن. برمي ڪالوني ۽ ارڪان آباد جا روهنگيا سياست ۾ به دلچسپي رکن ٿا. هو مذهبي، سياسي جماعتن سان به وابستا رهيا آهن، انهن تي وڌيڪ اثر مذهبي جماعتن جو آهي.
2002ع جي مڪاني چونڊن ۾ انهن روهنگيا ۽ بنگالين گڏيل چونڊون وڙهيون هيون، ان کان علاوه 2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم الائنس ۽ پاڪستان مسلم ليگ شير بنگال جي نالي سان حصو ورتو هو. ڪراچي ۾ غير قانوني پرڏيهين جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، سندن رجسٽريشن جي اداري نادرا جو چوڻ آهي ته، ”روهنگيا مسلمانن جو تعداد چئن ۽ پنجن لکن جي وچ ۾ آهي.“ جڏهن ته روهنگيا ڪميونٽيءَ جو خيال آهي ته اهو تعداد 3 لکن جي ويجهو ٿي سگهي ٿو. افغان پناهگيرن وانگر هاڻي روهنگيا به پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا ۽ هتان وڃڻ لاءِ تيار نه آهن. هڪ روهنگيا ناري ٻُڌايو ته، هو اباڻي ديس وڃڻ ته چاهين ٿا، پر جهڙي طرح اُتي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، ان لاءِ هو اُتي ڪيئن وڃي سگهن ٿا. ڪراچي ۾ بدامني ۽ وسيلن تي دٻاءُ جو هڪ وڏو سبب غير قانوني پرڏيهي به آهن، جن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پوءِ اهي افغان پناهگير هجن يا بنگالي يا وري روهنگيا. وزير اعلى سيد قائم علي شاهه جو گذريل ڏهاڙن ۾ اهو بيان سامهون آيو هو ته، ”افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو وڃي.“ هو ان معاملي تي ڪافي جذباتي به نظر آيو، پرڏيهي غير قانوني ماڻهن جي نگراني هونئن ته اسپيشل برانچ پوليس جي ذميواري آهي، جيڪا صوبائي حڪومت جي ماتحت آهي ۽ ان لاءِ قانون موجود آهي، پر هتي غير قانوني پرڏيهي پوليس لاءِ ڪمائيءَ جو هڪ مستقل ذريعو آهن، جنهن کي هو وڃائڻ نه ٿا چاهين.
پشاور واقعي کان پوءِ قومي ايڪشن پلان ۾ به غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ انهن جو ڪو ذڪر ۽ فڪر آهي. ها اهو ضرور آهي ته وفاقي حڪومت جي دل ۾ ڪا ڳالهه ضرور موجود آهي، جنهن جو اظهار گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار ڪجهه اهڙي ريت ڪيو هو ته، ”غير قانوني پرڏيهين جو ڇا ڪرڻو آهي، ان جو فيصلو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن انهن کي رکڻو آهي يا ناهي، ان تي سياسي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.“
No comments:
Post a Comment