اسان جڏهن عوام جي ڳالهه ٿا ڪريون ته نيٺ اسان وٽ ’عوام‘ لاءِ ڪهڙي وصف ذهن ۾ آهي؟ رياست جي اعليٰ ايوانن ۾ گهمندڙ وزير، مشير، ايوانن جا رڪن؟ طاقتور ادارن جا وردي پوش ۽ غير وردي پوش صاحب، پوليس حڪام، بيوروڪريٽ، بزنس ٽائڪون، انهن سڀني جا گهر ڀاتي، سمگلر، ڌاڙيل، وڏا زميندار، سردار، انهن جا گهر ڀاتي؟ يا ڏهاڙيءَ تي گذارو ڪندڙ ۽ مڊل ڪلاس پگهاردار طبقو؟ مهرباني ڪري توهان پنهنجي هڪ لسٽ ٺاهيو، پوءِ انهن جي سامهون ها! يا نه! لکندا وڃو. آئون سمجهڻ ٿو چاهيان ته جڏهن اسان ’خدا جي خلق‘ ۽ ’عوام‘ جهڙا لفظ استعمال ٿا ڪريون ته انهن ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟ ڇا هٿيار مافيا، تيل مافيا، ڊرگ مافيا، اسٽاڪ ايڪسچينج مافيا، ٽرانسپورٽ مافيا، بلڊرز مافيا، ٺيڪيدار مافيا، قبضا مافيا وارا انهن ۾ شامل آهن، يا نه؟ جيڪو ملاوٽ ٿو ڪري، ڌاڙا ٿو هڻي ۽ هڻائي، ڀُنگ لاءِ اغوا ٿو ڪرائي، اقليتن جي خلاف دهشت گردي ٿو ڪري، ڇا اهي به عوام آهن؟ آئون گهڻيئي شعبا نه ٿو لکان، توهان پاڻ لکو ۽ انهن تي نشان هڻي پاڻ کان پڇو ته عوام ڪير آهي؟
آئون گهڻي ڊيگهه ۾ نه ٿو وڃان، ڇو ته هر شعبي ۾ واڳون ويٺا آهن. جڏهن ’ايمان ۽ ضمير‘ تي اينداسين ته پوءِ وڌيڪ تفصيل سان ڇنڊڇاڻ ڪبي. آئون پنهنجي راءِ ڏيان، توهان ڀلي متفق نه ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ آئون انهن طبقن کي ’عوام‘ مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان جيڪي رعايت يافته يا قانون شڪنيءَ ۾ ملوث آهن. عوامي طبقو اهو آهي، جنهن جو استحصال ٿي رهيو آهي، جيڪو ڀوڳي رهيو آهي، عزت نفس بچائي گونگو ٿيو ويٺو آهي، مهانگائي ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهيو آهي ۽ چڱن ڏينهن جي آسري ۾ آسمان ڏانهن ڏسي رهيو آهي. توهان ان طبقي لاءِ جيڪو به اصطلاح مقرر ڪريو، هي طبقو ’ گهاڻي جو ڏاند‘ آهي، جيڪو هر وقت پورهئي ۾ مصروف آهي، مس مس وڃي ڪا پيٽ جي پورت ڪري ٿو ... ۽ هن لاءِ ڪو به فرق نه ٿو پوي ته گهاڻي جو مالڪ دهليءَ جو مغل آهي يا سنڌي سماٽ! حڪومت ڪنهنجي آهي، ۽ هن جو مالڪ ڪير آهي؟ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي آهي، يا مسلم ليگ جي، جمهورت آهي يا فوجي راڄ! حاڪم مير آهن يا پير، سيد آهن يا آءِ ايم ايف جا عملدار!
هاڻي اچو ان سوال تي ته خدا جي خلق ايتري چيڀاٽيل ڇو آهي، جو روح به چچرجي ويو آهي؟ وڙهي به نٿو، شايد ميس ئي مري وئي اٿس! جواب عرض آهي ته معاشري ۾ ناانصافيءَ جو ڪلچر آهي، جو ڏاڍو سو گابو آهي! ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن، رعايت يافته طبقي کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪري ٿو. سوال مان سوال اٿي ٿو ته ڀلا ايئن ڇو آهي؟ جيڪڏهن آئون چوندس ته ’خراب حڪمراني‘ آهي ته ڪو به حڪومتي وزير اٿي بيهندو ۽ چوندو ”مون کي سازش جي بوءِ ٿي اچي ... ملڪ کي خطرو آهي!“ ادا سائين جيڪڏهن اهو سڀ خراب حڪمراني سبب نه آهي ته پوءِ توهان بد امني ۽ ناانصافيءَ کي ڪنهنجي کاتي ۾ وجهندا؟ ۽ مهرباني ڪري خدا جي خلق کي اهو به سمجهايو ته بدامني ۽ سماجي ناانصافيءَ کي ختم ڪرڻ ڪنهنجو ڪم آهي؟ خدا جي خلق توهان کان ٻيو گهري ڇا ٿي؟ هر هنڌان اها ئي دانهن پئي ٻُـري ته، ”اسان سان عدالت نٿي ٿئي، ادا!“ ... ”اسان جي ڪو به نه ٿو ٻڌي!“ ... ”اسان کي فيصلو کپي!“ اهو سڀ ٻڌڻ کان پوءِ آئون ڇا سمجهان؟ ڇا عدل ۽ انصاف گهرڻ به حڪومت جي خلاف سازش آهي؟ منهنجا سائين! اهڙي نا انصافي نه ڪجو، عوام تي الزام نه هڻجو! هي ماڻهو توهانجا پنهنجا آهن، توهانجا ووٽر آهن، ايئن نه ٿئي جو انهن جو روح توهان کان کٽو ٿي وڃي. مهرباني ڪري کين سماج ۾ بهتري آڻي ڏيو، هنن سان ’عدالت‘ ته ڪريو!
توهان هن صورتحال کي ’حڪمرانيءَ جو ڏُڪر‘ چئو يا ’ماڻهپي جو ڏُڪر!‘، هر شعبي ۾ فضيلتن جو ڏڪر آهي. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هڪ طبقي ۾ حڪمراني ڪرڻ جو شوق جنون جي حد تائين ڇو آهي؟ هو ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر ڇو ٿا رکڻ چاهين؟ هڪڙا ماڻهو صرف خدمت وٺڻ لاءِ ڇو ٿا ڄمن ۽ ٻيا صرف خدمت ڪرڻ لاءِ ڇو ٿا ڄمن؟ اهو خدا جو فيصلو ته ٿي نه ٿو سگهي جو هو ’نهايت ٻاجهارو ۽ عدل ڪرڻ وارو‘ آهي، ظلم کي ناپسند ڪري ٿو‘ ته پوءِ ڇا هي انهن ماڻهن جو فيصلو نه آهي جيڪي خدا جي نالي ۾ زمين تي حڪمراني ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ جهڙن کي غلام بنائي رکن ٿا. معاف ڪجو! غلام جي وصف به هاڻي بدلجي وئي آهي. هاڻي پهرين صدي هجريءَ واري غلاميءَ جي وصف کان ڳالهه اڳتي وڌي وئي آهي. اسان وٽ زرعي غلامي، ذهني غلامي، ڪُل وقتي، جُز وقتي ۽ آزاد غلامي اڃا باقي آهي. جڏهن هاريءَ جو پٽ هاري، موچي جو پٽ موچي ۽ نوڪر جو پٽ نوڪر ئي رهي ته اها جنمن جي غلامي نه آهي ته باقي ڇا آهي؟ نسل در نسل غلامي ڇا کي چئبو آهي؟ فرعونن جي دور ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام جي قوم سان به ته اها ئي ويڌن هئي. ڪير ڪٿي بيٺو آهي؟ پاڻ ڏسي وٺو! جنهن جي هٿ ۾ طاقت اچي ٿي سو پرويز مشرف وانگر ٻانهن کڻي ڏورا ڏيکارڻ ٿو لڳي. آنجهاني صحافي اردشير ڪاوسجي مشرف جي ان حرڪت تي (12 مئي 2007، لاهور ۾ عام جلسي کي خطاب مهل) چيو هو، ”ايسا ڪون ڪرتا هئه؟ سوچو! ... ڪيا بندر هئه؟“ هن جو اشارو ٽارزن ۽ ٻين جهنگلي بن مانسن ڏانهن هو، جيڪي ساڳي طرح ٻانهون کڻي سينو ٺوڪي پنهنجي طاقتور هجڻ جو اظهار ڪندا آهن. ڇا اسان پنهنجي سماج جي ڏاڍن مڙسن لاءِ ٽارزن ۽ بن مانس جو استعارو ڪتب نٿا آڻي سگهون؟ ’اسان جا ٽارزن‘ ۽ ’اسان جا بن مانس‘ ... ڪاش ڪو ’ڀلو مانَـس‘ به ٿئي!
مڃيوسين! ته سنڌ ۾ قانوني طرح جاگيرداري نظام نه آهي، نه وري جاگيرون آهن، جاگيرون ٽٽي چڪيون آهن. ڇا واقعي! ڇا جاگيرداراڻو سماج سچ پچ ختم ٿي ويو آهي؟ سردار فلاڻو خان ... سردار فلاڻو خان ۽ سردار فلاڻو خان ڪهڙي نظام کي هلائي رهيا آهن؟ هاڻوڪو سرداري نظام ڇا آهي؟ ڇا اها به ڪا برطانوي بادشاهت وانگر نمائشي شئ آهي؟ برطانوي راڻي ته پنهنجي محل جي ڀرسان هڪ عوامي باغيچي جو پلاٽ خريد نه ڪري سگهي هئي. هتي وارا همراهه ته جيئرن جو جايون ۽ مئلن جو قبرون به ڳڙڪايو وڃن! جنهن کي چاهين ’زنده در گور‘ ڪرايو ڇڏين! اڃا تازو، ڪجهه نياڻيون جيئريون دفن ٿيون آهن. ڪنهن ڪرايون؟ توهان ٿا چئو ته قانوني طرح جاگيرداري ختم ٿي وئي آهي ... ته پوءِ سائين سنڌ سرڪار اهو به ته ٻڌايو ته غير قانوني جاگيرون ڇو قائم آهن؟ اهي سردار ڪهڙي سند ۽ اختيار هيٺ جاگيرداراڻا اختيار استعمال ڪري ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا ۽ ڏنڊ وجهن ٿا؟ هاڻي ته مغل، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جا راڄ به ختم ٿي ويا جيڪي جاگيرون ۽ زمينداريون ورهائيندا هئا. ڇا پاڪستان ۾ جاگيرون ڏيڻ جو ڪاروبار ٻيهر شروع ٿيو آهي؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته جاگيرداري ڇا ٿيندي آهي ۽ سرداري ڇا ٿيندي آهي! قوم ڇا ٿيندي آهي ۽ قبيلو ڇا ٿيندو آهي؟ مهرباني ڪري هاڻي ماڻهپي ڏانهن موٽو. توهان کي رڳو ايترو ياد ڏيارجي ٿو ته جاگيرون بادشاهه جي پاران صوبيدار ڏيندا هئا، ۽ زميندار محض ٽيڪس ڪليڪٽر عملدار هو، جيڪو ٽيڪس وصول ڪري پنهنجو حصو (ڪميشن) رکي باقي جاگيردار وٽ جمع ڪرائيندو هو، ۽ جاگيردار صوبيدار جي معرفت بادشاهه ڏانهن موڪليندو هو. بادشاهه ڪير هئا؟ جنهن پرائي ملڪ تي چڙهت ڪري ناجائز قبضو قائم ڪيو ۽ لٺ کڻي بيٺو سو ٿيو بادشاهه! ان بادشاهه جنهن شخص کي صوبيدار ڪيو، سو ڪيئن جائز ٿيو؟ ۽ ان صوبيدار جيڪو جاگيردار مقرر ڪيو، سو زمين جو ڪيترو جائز مالڪ ٿيو؟ جاگيرداري ۽ زمينداري ته ان نظام ۾ به عارضي عهدا هئا، سي به ڪهڙا معتبر ۽ قابل احترام عهدا هئا؟ عام ماڻهن ڪڏهن به ڪنهن جاگيردار ۽ زميندار کي دلي عزت نه ڏني، ماڻهو ويچارا ان وقت به ’گهاڻي جا ڏاند‘ هئا جيئن اڄ آهن. مڙئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري ڳالهه هئي ۽ آهي.
بادشاهه جي چڙهت کي سنسڪرت ۾ ’آڪرمڻ‘ چئبو آهي، اهو ئي لفظ سنڌي ۾ ٿيو ’آڪر‘، هاڻي هرڪو جاگيردار طبيعت همراهه ’آڪڙيو‘ ٿو وتي ۽ ٻين کي ڏسي مڇون مروٽي! هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته زمينداري ۽ مڇ مروٽڻ سنڌ جي ثقافت آهي ته پوءِ ان لاعلميءَ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. زمين خدا جي آهي يا وري خدا جي خلق جي! ’جو کيڙي سو کائي!‘ ڪيڏو نه سهڻو فلسفو آهي. شاهه عنايت شهيد به اها ئي ڳالهه ڪئي هئي، ۽ هارين جي ڪميون ٺاهي هئائين. ظاهر آهي ته اها ڪميون ’ زميندارن‘ (ٽيڪس ڪليڪٽرن) کي ڪونه ٿي وڻي جو کاهوڙي فقيرن ڍل نه ٿي ڏني، ماڳهي اوڙي پاڙي جا هاري به پنهنجن زميندارن کان شاهه عنايت جهڙي ڪميون جو مطالبو ڪرڻ لڳا هئا. پوءِ ڇا ٿيو؟ دهلي کان ملتان، سبي، خدا آباد ۽ ٺٽي جي فوجن فقيرن تي ’آڪرمڻ‘ ڪيو ۽ شاهه عنايت شهيد ٿيو. پاڻ ڪنهن مدي خارج بادشاهي انتظامي نظام کي سنڌ جي ثقافت نٿا چئي سگهون. ڏاند گاڏي سنڌي ثقافت جو حصو هئي، هاڻي نيون گاڏيون اچي ويون آهن، ڏاند ۽ هر جي جاءِ تي ٽريڪٽر اچي ويا آهن، ٻيهر ڏاند ڪونه جوٽبو. تيئن پراڻو فيوڊل رويو ۽ نظام به ڪونه هلندو. ان جو بدلجڻ لازمي ٿي پيو آهي. ايوب خان ۽ ڀٽي صاحب جيڪي زرعي سڌارا آندا هئا، انهن تي روح سان عمل نه ٿيو، هر پارٽيءَ جي مينيفيسٽو ۾ لکيل آهي ته زرعي سڌارا آڻبا، آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو؟ پوءِ ڇا ٿيو؟ وري جو زورآورن جاگيردارن جي اولاد کي سردارين جا پٽڪا پارائي علائقا الاٽ ڪيا ته خدا جي خلق ٻيهر ’گهاڻي جو ڏاند‘ ٿي پئي آهي.
زميندار پڇندا ته اهو نظام ڇو مدي خارج آهي؟ برابر سڄي دنيا ۾ زمينداري ٿئي ٿي، پر ڇا اتي زميندار جرڳا ڪري هارين تي زوريءَ فيصلا مسلط ڪن ٿا؟ نياڻيون سڱ چٽيءَ ۾ ٿا ڏيارين؟ هارين ۽ ان جي آڪهه تي ڪتا ٿا بڇائين؟ برابر سائين توهان کي تڪليف ٿيندي پر خدا هيءَ زمين پنهنجي سڄي مخلوق لاءِ جوڙي آهي، سڀني جو فائدو ٿيڻ گهرجي. اهو ته ڪو انصاف نه ٿيو ته خادم ۽ مخدوم جو سلسلو نسل در نسل هلي! آخر ڪهڙي دليل هيٺ هڪڙا ماڻهو محفوظ کان محفوظ تر هجن (خدا ڪري سدائين هجن) ۽ ٻيا ماڻهو اهڙين حالتن ۾ جو ماڻهو ۽ ڍور ساڳي ڳالهه لڳن! ڪکن ۾ رهن، نه صاف پاڻي، نه بجلي، نه علاج، نه تعليم، نه روڊ، نه ترقي ... بس ايئن ئي اگهاڙي فطرت ۾ سهڪندو وتي! هرڪو تبديليءَ لاءِ پيو واجهائي پر ڪجهه به نه ٿو بدلجي، رڳو اميدن جا پوپٽ آهن جيڪي جهنگلي گلن تي ويٺا آهن. هاڻي اڳتي ڏسڻ جي ضرورت آهي. وڏي اڪثريت لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهه نه ڪرڻ منافقي، بي ايماني، مصلحت پسندي، جهالت ۽ جمود جو ساٿ ڏيڻ آهي. پاڻ سنڌي ماڻهو هر ڪنهن کي ’راڄ ڀاڳ جو خير!‘ جي دعا ڪندا آهيون، پر هاڻي دعا به سوچي سمجهي ڏيڻي پوندي. خدا سڀني جو ڀاڳ وڌائي پر راڄ ڇو؟ راڄ معنيٰ بادشاهي، رعيت! ڀائرو خير گهرو، اسان ڪنهن جي رعيت ڇو هجون؟ ۽ ڪو اسان جي رعيت ڇو هجي! اسان کي آزاد شهري ٿيڻو آهي، غلام رعيت نه!
ماڻهو پڇن ٿا: نيٺ وڏيري (زميندار) مان جند ڪيئن ڇٽندي؟ زميندار جڏهن هارين جي ذاتي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو ته اها ڳالهه سڌريل سماج کي نه ٿي وڻي. ڇا وڏيري جو ادارو اڄ به مثبت آهي؟ بدقسمتيءَ سان هاري ۽ وڏيري جو پاڻ ۾ پنهنجائپ ۽ محبت جو نه، نابرابر معاشي مفادن وارو رشتو آهي. اڳي اسان ٻڌندا هئاسين ته ’سنڌي وڏيرو‘ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهي، فلاڻو صاحب ’ماڊل وڏيرو‘ هو. ڪنهن کي خبر ناهي ته اهو ماڊل وڏيرو ڀُنگ لاءِ اغوا ڪرائيندو هو ۽ پاٿاريدار هو. شايد ڪنهن زماني ۾ ’دبنگ وڏيرو‘ انتظامي ضرورت هئي پر هاڻي اهو ڏوهن جي دنيا ۾ ’خبيث چڪر‘ (vicious circle) جو لازمي حصو ٿي ويو آهي. آئون ايئن ڪونه ٿو چوان ته سڀ وڏيرا ۽ زميندار چورن جا سرپرست آهن، انفرادي طرح کوڙ شريف ۽ شانائتا آهن جيڪي تعليم، شعور ۽ عوام سان همدرديءَ جو مثال آهن. پر ان کي ڇا ڪجي جو وڏي اڪثريت ڪرپٽ انتظاميه ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ رابطي جو وسيلو آهي. اهي هڪ طرح جا ’سياسي نواب‘ آهن. هاڻي ته هي طبقو وڌيڪ ڏکيو ملهه ٿي پيو آهي جو عوامي نمائندگيءَ جو جبو پائي ’نئين جاگيرداريءَ‘ ۾ پنهنجي لاءِ نيون سياسي جاگيرون ٺاهيون اٿس، اهي جاگيرون رڳو ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ ئي نه پر ميٽروپوليٽن شهرن ۾ به ٺاهي ڏنيون ويون آهن. ايئن عوام جو ووٽ ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد سياسي جاگيردار هائجيڪ ڪري ويا، وري جو ان جمهوريت ۾ پِيرن ۽ پراڻن جاگيردارن به داخلا ورتي آهي ته ’گهاڻي جو ڏاند‘ اڃا به لوهه ٿي ويو آهي. جند ڪيئن ڇٽندي؟ عدالتن ذريعي قانون جي جڪڙ مضبوط ڪرڻي پوندي، ماڻهن کي حيدربخش جتوئيءَ جا ڪتاب ٻيهر پڙهڻا پوندا.
Badar Abro - Kawish
No comments:
Post a Comment