اسان جي تنقيد جو رُخ مخالفن ڏانهن آهي، بيانن جا ڌوڙيا آهن، ”هُو هِيئن نٿا ڪن، هُونئن نٿا ڪن!... ٺا ! ٺا! ٺا!“ اندر جي باهه ٻاهر ڪڍي اسان ٿَڌا ٿي وڃون ٿا. جڏهن هيانءُ تي ڇَنڊو پوي ٿو ۽ منهنجا جذبا آٺرجن ٿا، تڏهن آئون ٻه ٽي ڳالهيون سوچيان ٿو: مون کي ڪيترو سچ ٻُڌايو ويو هو ۽ مون ڪيترو لِڪل سچ ٻڌايو؟ ۽ اسانجا مخالف ڪير آهن؟ آئون ٿوري دير لاءِ بيهي سوچڻ لڳان ٿو! حڪومت؟ حڪومتي پارٽي؟ فلاڻي لساني پارٽي؟ فلاڻي مذهبي پارٽي؟ فلاڻو ادارو؟ يا فلاڻو ادارو؟ آئون جيترو سوچيان ٿو، اوترو ڌٻڻ ۾ ڦاسندو وڃان ٿو. اسان اڌ سچ ڳالهائي ڳالهائي هڪٻئي کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي، اُن ڪيفيت ۾ منهنجا حَواس به جواب ڏيئي بيهي رهيا آهن ۽ هيجان ۾ چوڻ لڳن ٿا: ”ها! هِي به مخالف آهي، هُو به دشمن آهي، هُو، به ... ۽ هُو به!“ جنرل ضياءُ الحق واري دور ۾ جڏهن آئون قيد ڪاٽي رهيو هئس، ساڳئي وارڊ ۾ هڪ چريو به قيد هو، عبدالصمد! هُو وارڊ جي سڀني قيدين کي پنهنجو دُشمن سمجهندو هو ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ ۾ هر وقت هڪ ڀڳل ڪُرسيءَ جي ٻانهين رکندو هو. هڪ ڏينهن خودڪشي ڪري ڇڏيائين. هُو سڀني کي دشمن سمجهندو هو، پر پنهنجو دُشمن پاڻ نڪتو!
آئون سوچيان پيو ته، ڪٿي اسان ۾ ’عبدالصمد‘ واري ڪيفيت ته پيدا ڪونه پئي ٿئي! اسان به ڪيڏي نه هيجان ۾ آهيون. اسان پاڻ هيجان ۾ پيا آهيون يا ڪنهن هٿ وٺي اُن ڪيفيت ۾ اُڇلايو آهي؟ اسان ايئن ته ڪونه هئاسين! آخر ڇا ٿيو آهي جو اسان پنهنجي ’عظيم ماضيءَ‘ جي دعويداريءَ جي باوجود پاڻ کي پاتال ۾ ڪِريل ٿا سمجهون! ڪٿي اسان ۾ دربدري، ويچارڳي، خود ترسي ۽ نِڌڻڪو هجڻ جو احساس ته نه ڀرجي ويو آهي؟ ڇا سچ پچ اسان ايتري پستيءَ ۾ ڪِري پيا آهيون جو اُتان نڪرڻ ناممڪن آهي؟ ڪٿي اسان ڀَڳل ڪرسيءَ جي ٻانهين کڻي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ته ڪونه پيا ڪريون؟ ڪٿي اسان خوف ۾ ته مبتلا ٿيندا ڪونه پيا وڃون؟ ڪٿي اسان جون سوچون دُرست رُخ ۾ وڌڻ کان ڀَٽڪي ته نه ويون آهن؟ سوچڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟ خود تنقيديءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟
ڇا اڄ ڪا مياڻي مَتل آهي؟ ڇا اسان پيرين اُگهاڙا آهيون ۽ ڌرتي تَتل آهي؟ اُن مياڻيءَ ۾ ڪير ڪير لٿل آهي؟ آئون ڪنهن ٻئي تي نه، پنهنجو پاڻ تي تنقيد جا تِيرَ وسائي رهيو آهيان، انڪري منهنجي ڳالهه تي ڪنهن جذباتي جوان کي ڪاوڙجڻ نه گهرجي. آئون هيجان ۾ دانهون ڪري رهيو آهيان ته، ”مون سان ظلم آهي، هو سڀ منهنجا دشمن آهن، آئون هنن سڀني کي پُورو ڪندس!“ هوش حواس مان نڪتل اهڙي حالت ۾ مياڻيءَ جي ميدان مان هوش محمد شيديءَ جو پاڪ روح ظاهر ٿئي ٿو ۽ مون کي ڌونڌاڙي چوي ٿو، ”هوش ۾ اچ! مياڻيءَ مان سبق سِک! جوش ۾ اچي مون به تلوار کنئي هئي پر انگريزن جي بندوقن ۽ بارود آڏو منهجي تلوار ڪم نه آئي هئي! تون ڀڳل ڪرسيءَ جي ٻانهين رکي ڇَڏ ... ۽ سوچ ته تون ڪهڙي حڪمتِ عملي ۽ مَت سان پنهنجن مخالفن کي مياڻيءَ ۾ مات ڏيندين؟“.
مون کي موهن جي دڙي جي زندگيءَ وارا ڏينهن ياد اچن ٿا. اهو ڪيڏو نه سگهارو سماج هو! هزارها گهر ۽ ماڻهو، هر ماڻهو پنهنجي ڪِرت ۽ واپار ۾ مصروف، وڻجارن جا پري پري تائين سفر ۽ خوشحال شهر ... پر هڪ ڏينهن ڪي ماڻهو گهوڙن تي سوار ٿي آيا ۽ موهن جي دڙي جي گهٽين ۽ گهرن ۾ تِيرَ لڳل لاش ڇڏي ويا. ڪيڏو نه ڪمزور هو اُهو سماج! موهن جي دڙي وارو سماج سگهارو هو يا ڪمزور؟ ڏاها چون ٿا، ”ڪا زنجير اوتري مضبوط هوندي آهي، جيتري اُن جي سڀ کان ڪمزور ڪَڙي!“ ڪنهن جيئري ۽ مضبوط سماجَ جي سَگهه ان جي معاشي سرگرمين ۽ واپار ۾ هوندي آهي، موهن جي دڙي جي ڪمزوري ان سماج ۾ ڪنهن به جارحيت جي خلاف مزاحمت جي صلاحيت جو نه هجڻ هو. جيڪو سماج معاشي سرگرميءَ ۾ جيترو مصروف هوندو آهي، سو اوترو خوشحال ٿيندو آهي، ۽ جيڪو مزاحمت جي صلاحيت نه رکندو آهي، سو ’دڙو‘ ٿي ويندو آهي. آئون هڪ ڀيرو وري سوچيان ٿو ته، آئون ڪٿي بيٺو آهيان؟ منهنجي سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو ڪٿي بيٺا آهن؟ مون ڪيترو سچ ڳالهايو آهي؟ مون کي ڪيترو سچ ٻڌايو ويو آهي، مون کي ڪيترو ڀَٽڪايو ويو آهي؟
آئون ٿر جو نوحو بار بار نه پڙهندس. آئون ذوالفقار علي ڀٽي کان، نذير عباسي، ۽ مرتضيٰ ڀٽي کان بينظير جي شهادتن ۽ قوم پرستن جي سَڙيل لاشن تي سوچي سوچي نِڍال ٿي پيو آهيان، دماغ جون رڳون ڦاٽڻ واريون آهن. گذريل سڄو هفتو آئون فقط اُن صدمي سبب لکي نه سگهيس جو منهجي حالت عبدالصمد جهڙي ٿي پئي هئي. منهنجي هڪ ڊاڪٽر دوست صلاح ڏني، ”ٻه ٽي ڏينهن سوچڻ بند ڪر! ٻه ٽي ڏينهن اخبارون نه پڙهه ۽ ٽي وي نه ڏس!“ مون ٻه ٽي ڏينهن پاڻ کي سمجهايو ته، ”آئون ڪجهه به نه سوچي رهيو آهيان!“....پر ڇا اهو ممڪن آهي ته، هنن حالتن ۾ زنده انسان ”ڪجهه به نه سوچي!“ مون ڪٿي پڙهيو هو ته، ”هنن حالتن ۾ به جيڪڏهن تون پُرسڪون آهين، ته ان جو مطلب آهي ته توکي حالتن جو پوريءَ طرح ادراڪ نه آهي!“.
مون کي اڌورو ادراڪ آهي، تڏهن ته اڃا دماغ جون رڳون نه ڦاٽيون آهن! ”لاعلمي به، قدرت جي مهرباني آهي!“ پر آئون سوچيان ٿو ته، جن کي پورو ادراڪ آهي، انهن جي ذهني حالت ڇا هوندي؟ سچ پچ! هن معاشري ۾ رهڻ لاءِ يا ته مڪمل لاعلم رهجي، جيئن اسان ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ اُٻرندڙ لاووا مٿان ڇِلر جهڙي تهه تي پنهنجي لاعلميءَ سبب خوش ويٺا آهيون....يا وري اسان جي ميڄالي ۾ نرم نازڪ تاندورن جو ٺهيل اعصابي نظام نه پر اسٽيل جي تارن جو ٺهيل تنتي سرشتو هجي! ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته، جتي انسانن کي زنده جلائي ڪوئلو ڪيو ويندو هجي، اُتي ماڻهو پُرسڪون ويٺو هجي، جتي ’ظالمان‘ ٻُٽ ٻڌي اچن ۽ ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃن، اُتي ڪو پُرسڪون بيٺو هجي! جتي انسانن کي جانورن وانگر ذبح ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهن جي سِرن سان فٽبال کيڏيو وڃي ... اُتي جيئرن ماڻهن کان ضرور دانهن نڪرندي. بَربريت ختم ٿيڻ جو ڪو نالو نشان نه آهي، شايد، اها اڃا وڌندي. جيڪڏهن سماج ۾ اهڙن واقعن تي خلق ۾ وڏي خاموشي ڇانئجي وڃي ته، اها خاموشي به هڪ وڏي چِيخَ آهي. ڇا ڪنهن سوچيو آهي ته، جڏهن اها خاموش پر گڏيل چِيخَ بند ذهنن مان پاڻ ڇڏائي نڙگهٽن مان ٻاهر نڪرندي، ته فِضا ۾ ڪيڏو ارتعاش ٿيندو!؟
هوش محمد شيديءَ جو رُوح مياڻيءَ ۾ بيٺو آهي ۽ چوي ٿو: ”ٻين کي تاريخ مان سِکڻ جو سبق ڏيڻ وارا! ٻڌاءِ ته تون تاريخ مان ڪيترو سکيو آهين؟ سچ ٻڌاءِ ته سنڌ مياڻيءَ ۾ ڇو هارائي وئي؟ صدمي مان ٻاهر نڪر! ’عبدالصمد‘ واري حالت مان ٻاهر نڪري اچ، حواس مضبوط ڪر ... تون مياڻيءَ ۾ ته برابر بيٺو آهين پر تو وٽ ڪهڙو هٿيار آهي؟ سَچ ٻُڌ! ڪرسيءَ جي ڀڳل ٻانهن، تلوار ۽ ڪهاڙي توکي بي موت مارائي ڇڏينديون، تنهنجو هٿيار اهو به نه آهي، جيڪو ’ظالمان‘ جي هٿ ۾ هوندو آهي. هِيءَ مرڻ مارڻ واري مياڻي ناهي. هاڻي هِيءَ جيئڻ جيئارڻ جي مياڻي آهي. تنهنجو سڀ کان وڏو هٿيار تعليم آهي، اها ئي تنهنجي ڍال ۽ زرهه بڪتر آهي. پُر امن احتجاج ئي تنهنجي طاقت آهي. هِيءَ اعصابن کي يڪجاءِ رکي، اجتماعي شعور جي طاقت سان پُر امن ۽ ڊگهي جدوجهد آهي، جيڪا قيامت تائين هلڻي آهي ... وڃ ۽ وڃي سڀني کي چَئه ته مياڻيءَ ۾ اِيئن لهو جيئن توهان مقصود قريشيءَ جي جنازي سان ڪراچيءَ جي روڊن تي نظر آيا هئا! جتي توهان حوصلي، امن، صبر ۽ تنظيم جو شاندار مظاهرو ڪيو هو“.
ماما قدير بلوچ کان سِکو، بلوچ نياڻي فرزانه بلوچ کان سِکو! اسان کي چريا ظالمان نه کپن، اسان کي سڙيل لاش به نه کپن، اسان کي مهذب ۽ حوصلي مند خوشحال سماج جا جِيئرا جاڳندا ڪارڪن گهرجن... سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ بيشمار شهيد ڏٺا آهن، اسان ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پيا آهيون، اسان کي پنهنجي قوم جي بقا لاءِ جنگ جي ميدان جو نقشو ڦيرائڻو پوندو. رَت نه، پگهر ڳاڙيو. مضبوط مڊل ڪلاس پيدا ڪريو، هر شعبي ۾ مهارتون حاصل ڪريو، صنعتي هنرمند ۽ واپاري پيدا ڪريو ... توهان کي توهان جي اڳواڻن اهنسا جو سبق ڏنو آهي. وڃو ۽ اهي ادارا ٺاهيو، جيڪي توهان جي قوم جا مسئلا حل ڪن، اقتصادي حالت مضبوط ڪن!
آئون تنقيدي بندوق جو رُخ پاڻ ڏانهن ئي رکان ٿو. منهنجي ذات سان ڪنهن کي ڪهڙي دشمني آهي؟ منهنجي سنڌ سان ڪنهن کي ڪهڙي ازلي دشمني آهي؟ جيڪڏهن آئون پاڻ وائڙو ۽ بَتال هوندس، ته پوءِ پنهنجو ڪهڙو دفاع ڪندس؟ جيڪڏهن آئون ڳالهه ڳالهه تي ٽانڊو ٿي ويندس، ته مونکي پنهنجي باهه کان ڪير بچائيندو؟ منهنجو عقل منهنجو ڪيترو ساٿ ڏيندو؟
انگريزن سنڌ ڪيئن حاصل ڪئي؟ ۽ بند بئراجون ۽ ريلوي نظام ڪيئن وڌائون؟ ظاهر آهي ته اڳواٽ رٿابنديءَ سان! هاڻي، آئون پاڻ کان پڇان ٿو، ”اسان ڇا ڪيو؟“ جذباتي غازي ٿي سوچڻ بدران تاريخ پڙهان ٿو. ۽ وري مياڻيءَ ۾ بيٺل هوش محمد شيديءَ جي رُوح ڏانهن ڏسان ٿو، جيڪو هاڻي مون ڏانهن ڏسڻ بدران محتاط جرنيل وانگر خاموشيءَ سان چئني پاسي پري پري تائين ڏسي رهيو آهي ته، ڇا سنڌ ۾ هاڻي دانش، معقوليت، علم ۽ فنون لطيفه جون ڳالهيون نه ٿينديون؟ ڪارخانن، صنعت، خدمتن ۽ مهارتن جي ڳالهه نه ٿيندي؟ يا هتي رڳو خون خرابو، قبيلن جا جهيڙا، ’ڪارا‘ ۽ ’ڪاريون‘ آهن؟ ذهني توانايون ايئن مفلوج ٿي ويون آهن يا نيلسن منڊيلا واري حڪمتِ عمليءَ مان به ڪجهه سکيو آهي؟؟!
Daily Kawish- Badar Abro
No comments:
Post a Comment