Thursday, 1 October 2015

سنڌ جي شاگرد جدوجهد جو هڪ ورق! .. Jam Saqi

اربع 04 مارچ 2015ع 

فيبروري جي آخري هفتي ۾ غالبا 26 يا 27 تاريخ هئي، خبر آئي ته حسن علي، جيڪو اُن وقت سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو، ۽ نوڪر شاهي جي تعليمي ادارن ۾ مداخلت جي سخت خلاف هو، تنهن کي غير قانوني طور بدلي ڪيو ويو آهي. 28 تاريخ رات جو يونيورسٽي هاسٽل ۾ ميٽنگ ٿي، مون يوسف سان ڳالهايو ته ان سان گڏ ون يونٽ ۽ قومي زبان جا مسئلا به کڻو ته ٺيڪ آهي، نه ته، نڪو تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ڦهلجندي، نڪو سڄي سنڌ مان همدرديون حاصل ڪري سگهندي. انهن دوستن ۾ مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، يوسف لغاري، علي اڪبر بروهي جيڪو فيڊريشن جو نائب صدر هو، جيڪو هر معاملي ۾ پيش پيش هو، عنايت، مير ٿيٻو، هدايت ۽ مان جلوس ڪڍي گڏ هلياسين، جيڪو جلوس پنجن بسن تي مشتمل هو. اڳئين بس ۾ يوسف لغاري هو، ٻيءَ ۾ مجيب پيرزادو هو، شايد ٽئين ۾ نواز علي ڀٽو ۽ مسعود نوراني هئا. چوٿين ۾ علي اڪبر بروهي ۽ آئون هياسين ۽ پنجين بس شڪور دائود پوٽي جي اڳواڻي ۾ هئي. جلوس جڏهن ڪمشنر آفيس ڏانهن هلڻ لاءِ تيار ٿيو ته اسان واري بس ۾ نعرا لڳا ”ٽوڙينداسين، ٽوڙينداسين، ون يونٽ کي ٽوڙينداسين.“ ڪمشنر آفيس جو چڪر ڏيئي موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن وري ڪمشنر آفيس وياسين ته ڏاڍي پوليس هئي، ڊپٽي ڪمنشر سان بروهي جو جهيڙو ٿي پيو. هن چيو ”هليا وڃو نه ته گولي هلائيندس“. سامهون ايس پي آفيس مان ڪجهه آفيسرن ڪاوڙ مان پئي گهوريو، ته به اسان لفٽ نه ڏني. اسان کي صورتحال جي سنگينيءَ جو ڪو احساس ڪو نه هو، اسان پئي سمجهيو ته هو بوتي جي بي عزتيءَ تي پيا پچن. ان مهل اسان مان ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به ڪو نه هو ته ڪو ڄامشوري جي رستي تي اسان جي سنگتين سان ڪو ويل وهي رهيو هوندو. ”ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي!“
ٿوري دير کان پوءِ اسڪوٽر تي هڪڙي همراهه اچي ٻڌايو ته پوليس همراهن کي رستي تي ورائي وئي، ڪا خبر ڪانهي ته ڪيترا ڪيترن جا مٿا ڀڳا ۽ گرفتارين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. اسين سڀ باهه ٿي اتان نڪتاسين، سنڌ لاءِ ڪاليج بند ڪرايوسين، اتان سچل ڪاليج بند ڪرائي مسلم ڪاليج بند ڪرائڻ لاءِ پهتاسين. پوءِ واپس يونيورسٽي ڏانهن موٽڻ لڳاسين. مون رڳو سچل ڪاليج ۾ تقرير ڪئي، مسلم ڪاليج ۾ رڳو مسعود نوراني تقرير ڪئي، موٽندي مسلم ڪاليج جي دوازي تي بيٺل بس کي ڇوڪرن پٿر هنيا ۽ شيشا ڀڳا. اتان اڳتي ايندي وري ڪجهه همراهن ريڊيو جي عمارت تي پٿر وسايا، تان جو پوليس اچي هٽاين. اتان گهمي ڦري اچي يونيورسٽي پهتاسين، بوتو اڃا ٽنگيو پيو هو. اهو وڻ تان لاهي، يونيورسٽي ۽ ايس پي آفيس جي وچ ۾ روڊ تي رکي ان کي باهه ڏنيسين، نعرا هنياسين. ڪجهه دوستن ڪاوڙ وڃان ان سڙندڙ بوتي کي لتون به هنيون، اتان واندا ٿي اچي ڇٻر تي ويٺاسين. سيٽنگ ڪئي سين ۽ ان ۾ ايڪشن ڪاميٽيون ٺاهيوسين، صبح جو ڪاليج وغيره بند ڪرائي اولڊ ڪيمپس ۾ ويهي ايڪشن ڪاميٽي جي ميٽنگ ڪئي سين، جنهن ۾ ٻه مکيه مسئلا هئا. هڪ اهو ته ڪهڙو عمل ڪريون؟ وزيرن سان گفتگو، بابت طئي ٿيو ته اها ذميواري زاهد ۽ مسعود وارن کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان جا اسان ٻه حصا ڪيا، هڪ ته پمفليٽ ڪڍون، ٻيو اهو ته ڀتين تي نعرا لکون. همراهه رات جو پمفليٽ لکڻ شروع ٿي ويا. انهن ۾ لاله قادر، عمر ڀٽي، احمد شاهه بخاري، ستار بارڪزئي، نظاماڻي ۽ ڪجهه ٻيا همراهه شامل هئا.
خير ٻئي ڏينهن صبح جو آئون مسلم هاسٽل مان نڪري يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ويس ته ڏسان پمفليٽ جو ڇا حال آهي، اتي ته ڪاري وارا ڪک هئا، رڳو رينجرز جا سپاهي بيٺا هئا. اتان موٽي پاسي ۾ شهباز هوٽل ۾ اچي نيرن ڪرڻ ويٺس، جو هاسٽل ۾ دير سان سمهڻ ڪري دير سان اٿيو هوس ته بنا چانهه پاڻي يونيورسٽي پهتس. نيرن ڪري لاٿم ۽ چانهه پئي پيتم ته پنج ڇهه پوليس وارا هڪ صوبيدار ۽ هڪ سي آءِ ڊي وارو پاسي واري ٽيبل تي اچي ويٺا. چانهه پي ورتم ته همراهه اٿي آيا، چئي هل ايس پي صاحب پيو سڏي توکي، ڪو ڪم آهي. اهو ته آئون سمجهي ويس ته ايس پي جو ڪهڙو ڪم آهي، سو پڪ ٿي ته ٻڌندا. چيومان ته، ”هوٽل جو بل ڏيو ته هلون“. پوءِ وري جيلن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
 Daily Kawish -- Jam Saqi 

No comments:

Post a Comment