Thursday, 1 October 2015

ون يونٽ خلاف خيرپور جي نوجوانن جون قربانيون .. ڄام ساقي

سومر 03 جولاءِ 2006ع
 By Jam Saqi                                                                                   ڄام ساقي

http://kawish.asia/Articles1/Jam%20Saqi/2006/03%20Jul%2006.htm

1964ع ڌاري اسان حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي. لڳ ڀڳ ان ئي عرصي ۾ خيرپور ۾ خيرپور اسٽوڊنٽس فيڊريشنٺهي، جنهن کي انجمن نوجوانانِ خيرپور پڻ چيو ويندو هو. اهي ئي   ڏينهن آهن، جڏهن نوابشاهه ۾ منير احمد ميمڻ عرف ماڻڪ سنڌيوارن نوابشاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي هئي. خيرپور ۾ ان وقت اقبال شاهه بخاري ۽ مشهور ترقي پسند اڳواڻ سائين باقر علي شاهه نقويءَ جو ننڍو ڀاءُ سيد صابر حسين شاهه متحرڪ هئا ۽ انجمن نوجوانانِ  خيرپور جي بئنر هيٺ سائين علي مظاهر شاهه (هاڻوڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج علي اسلم جعفري جو والد ۽ ترقي پسند اڳواڻ) جي پٽ علي عالم جعفري سان گڏجي هلچل هلائي. مون کي منصور ميراڻيءَ ان دور جو هڪ ڪتابڙو به موڪليو آهي، جيڪو خيرپور جي نوجوانن پاران گڏيل هلچل هلائڻ جو ثبوت آهي. جننوجوانن کي ايوب خان جو جيل ڀوڳڻو پيو، هن ڪتابچي ۾ انهن جو ذڪر پڻ آهي. ون يونٽ خلاف پڻ ڪافي مواد آهي. هاڻي ايترو احوال شايد ئي ڪنهن سياسي جماعت وٽ هجي.
                ان ڪتابڙي موجب ون يونٽ جي ٺهڻ کان اڳ خيرپور هڪ خودمختيار رياست هئي، جنهن جي شروعات ۾ حڪمران مير صاحب پنهنجي وزيرن جي ذريعي رياست جو نظم و نسق هلائيندا هئا. بعد ۾ ون يونٽ ۾ ضم ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ اسٽيٽ اسيمبليٺهي ۽ خيرپور جا رهواسي چونڊن سان روشناس ٿيا. ووٽ جي ذريعي حڪومت ۾ حصي وٺڻ جا حقدار ٿيا، مگر اڃا پوريءَ طرحشعور ئي بيدار نه ٿيو هو ۽ نه وري سياسي جماعتون وجود ۾ آيون هيون، ته ون يونٽ جي بلا اچي لٿي. ون يونٽ ۽ تنهن کان پوءِايوبي دور کان ڪير واقف نه آهي. ان حالت ۾ اڳيون نور به چٽ ٿي ويو. سياست وڃي ڳجهي ڳٺ جوڙ تي بيٺي، جنهن جو نتيجو اسان سڀني جي آڏو آهي.
                خيرپور ۾ مئٽرڪ تائين تعليم خوراڪ، پوشاڪ ۽ رهائش سميت مفت هئي، جنهن سان گڏ شاگردن کي روزگار جيضمانت پڻ حاصل هئي. نوجوان پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا خواب ڏسي رهيا هئا. سکر جهڙي وڏي شهر ۾ ڪاليج ڪو نه کليو هو، ته خيرپور ۾ سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس جامع ڪاليج کوليو ويو، جنهن کي بهترين استادن ۽ تجربيگاهن سان آراسته ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ ون يونٽ جي مهربانين سان هتان منتقل ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي سڀ تعليمي سهولتون گهٽايون ويون.
                نوان ڪارخانا پئجي رهيا هئا، روزگار عام هيو. عوام خوشحال هيو ۽ وڌيڪ خوشحاليءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. ون يونٽکان پوءِ روزگار گهٽجي ويو ۽ تعليم غريب جي پهچ کان پري ٿي وئي. اهو سڀ ان ڪري ٿيو، جو حقيقي قيادت ڪا نه هئي. سربراهيءَ جي دعويدارن هميشه ذاتي فائدي تي عوام کي وڪيو ۽ ڪڏهن به کلي حڪومت وقت کان عوام جي حقن جو مطالبو ڪو نه ڪيو. وري نظر به آيا ته فقط ووٽ وٺڻ لاءِ. جيڪڏهن عوام جو آواز بڻيا ته هتان جا نوجوان شاگرد، جن ايوب جي آمريت خلاف احتجاج ڪيو، جيلڀريو ۽ ون يونٽ جو طوق لاهڻ لاءِ پڻ احتجاج ڪيو. ان سان گڏ يونيورسٽي ۽ ريڊيو اسٽيشن جا مطالبا پڻ ورجايا.
                واضح رهي ته هي اهو ئي دور هيو، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀتين تي لکيو ويو ته”ون يونٽ ٽوڙيو.. ورنه؟“ ان ڪري پڻسٺو اتساهه وڌيو. مذڪوره ڪتابڙي ۾ انهن نوجوانن جي لسٽ به ڏني وئي آهي، جيڪي ايوبي دور ۾ ون يونٽ خلاف جيلن ۾ ويا. انهن ۾اصلوڪا سنڌي به آهن ته نوان سنڌي به آهن، جن لاءِ اڳ ”مهاجر“ لکيل آهي. چڱي ڳالهه اها آهي ته ڪي اڳ پنجابي پڻ ون يونٽخلاف جيل ۾ ويا. انهن سڀني جي وڪالت لاءِ سڀ کان پهرين سائين باقر علي شاهه ميدان تي لٿو، پوءِ علي مظاهر جعفري صاحبميدان تي آيو. آخر ۾ سائين هادي بخش لاڙڪ اچي پوريون ويهون ڪيون.
                ڪمال ته صوفي محمد بسطين صاحب به آهي، جنهن بنا ذاتي واقفيت جي سڀني شاگردن ۽ نوجوانن جي ضمانت ڏني.جڏهن ته پاڻ اڳ مهاجر ۽ هاڻ سنڌي هيو.
                ان کان پوءِ 1969ع ۽ 1970ع  ۾ جيل ويل نوجوانن جي لسٽ به آهي. ڪتابڙي ۾ انهن اٺن پنجابي شاگردن کي پڻ داد ڏنو ويو آهي، جيڪي خيرپور ۾  پوليٽيڪنڪ انسٽيٽوٽ ۾ شاگرد هئا ۽ پرديس ۾ پڙهي رهيا هئا، پر حق سمجهي ون يونٽ خلاف جيل ۾ ويا.هن ڪتابڙي ۾ 1964-1965ع ۾ ون يونٽ خلاف جيل ويندڙ نوجوانن جي لسٽ آهي، جيڪا آئون هتي به لکان ٿو، پر اهو ياد رهي ته انهن مان ڪي راهه رباني وٺي چڪا آهن ته ڪي وري هينئر 19 هين يا 20 هين گريڊ جا صاحب آهن، پر اها تاريخ جي ڳالهه آهي،انصاف مطابق سندن نالا اچڻ گهرجن.
(1)  سيد اقبال حسين شاهه بخاري (2) محمد بخش (3) محمد احسن  (4) علي عالم جعفري(ڪامريڊ  علي مظاهر جعفري جو پٽ) (5) حبيب ابن مظاهر (6) سيد صابر حسين شاهه(ڪامريڊ سيد باقر شاهه جو ڀاءُ)  (7)  قاسم رضا (8) هادي بخش دايو  (9)  هاشم رضا (10) طاهر رضا (11)  فيروز احمد.
وري جيڪي دوست 70-1969ع ۾ گمبٽ، شهر کهڙا مان گرفتار ٿيا، سي هي آهن:
(1)  مخدوم اشفاق احمد  (2)   حافظ غلام حسين شيخ  (3)  حافظ اعجاز علي  (4)  محمد دائود  (5) محمد حسن  (6)  عزيز احمدميمڻ  (7) سيد مظهر علي شاهه (8)  شير احمد  (9)  محمد الياس (10) غلام رسول  (11)  محمد اشرف  (12)  غلام شبير  (13) مولابخش  (14) ثناءُالله  (15) گل محمد (16)  نور محمد  (17) ممتاز علي  (18)  محمد صديق  (19) عبدالحق  (20)  نصير احمد (21) احمد علي  (22)  غلام قادر(هاڻوڪو منصور ميراڻي (23) محمودعلي (24) هادي بخش  (25) شرف علي (26)  غلام الله (27)  رحيم الله (28)  ڪريم بخش(29)  نيباهو انصاري  (30)  محمد آچر  (13)  عطا محمد شيخ (32)  حيدر بخش.
                جيئن ته ڪاوش اخبار ملڪ جي چئني صوبن ۾ وڃي ٿي، ان ڪري آئون انهن اٺن پنجابي نوجوانن جا نالا به لکان ٿو، جيڪيخيرپور ۾ ون يونٽ خلاف جيل ۾ ويا:
(1)  محمد اڪبر(3) محمد عارف خان  (3) خليل احمد (4) ظهير احمد (5) شجاعت علي (6) ارشد جاويد (7)  محمد اسلم (8) عبدالعلي.
                اڄ ياد ٿو اچيم ته آئون منصور سان پهريون ڀيرو سائين باقر شاهه جي گهر ئي مليو هوس، ان وقت مون سان گڏ مهر حسين شاهه به هو. پوءِ منصور مون کي تنوير  عباسي جي گهر وٺي ويو، جتي ادي قمر(مسز تنوير) مون کي سڃاتو. پوءِ تنوير عباسيءَ سان ڪچهري ٿي هئي. ان ڏينهن يا پوءِ پارس سان به ڪچهري ٿي هئي. پاڻ مجاهد نوجوان آهي.
                خيرپور جو ذڪر جڏهن به ٿيو، ڦول باغ ۽ پنج گلي جا جلسا ۽ چاچا شاهه محمد درانيءَ جي شفقت ۽ چاچيءَ جي مامتا وسارڻ ممڪن نه آهن. ان بابت به ڪڏهن تفصيل سان لکبو.
يار زنده، صحبت باقي!

No comments:

Post a Comment