Friday, 2 October 2015

اٺون قومي مالياتي ايوارڊ ۽ سنڌ جو ڪيس

جامي چانڊيو

                    
                  اٺون قومي مالياتي ايوارڊ ۽ سنڌ جو ڪيس                         آچر 12جنوري 2014ع


ملڪ جو ستون قومي مالياتي ايوارڊ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل مرڪزي حڪومت جي ٻئي سال يعني 10 ڊسمبر 2009ع تي آيو هو، جنهن جو مطلب اِهو ٿيو ته هاڻي ملڪ جو اٺون مالياتي ايوارڊ هلندڙ سال يعني 2014ع ۾ ئي ايندو. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ قومي مالياتي ايوارڊ (جنهن کي اصل ۾ قومي نه پر وفاقي مالياتي ايوارڊ سڏڻ گهرجي) ۾ صوبن جي ڪردار کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مضبوط ڪيو ويو هو ۽ ان جو هڪ مستقل سيڪريٽريٽ پڻ قائم ڪيو ويو هو پر افسوس جو سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ هيستائين ڪوبه اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. اڳ ۾ قيصر بنگالي سنڌ جو ميمبر هو پر هن نيٺ اِهو چئي استعيفيٰ ڏني ته سنڌ حڪومت ۾ ڪوبه ساڻس گهربل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ان کانپوءِ سنڌ اڃا تائين  ان فورم تي ڪوبه اثرائتو ميمبر مقرر ڪري نه سگهي آهي، جڏهن ته سنڌ وٽ فضل الله قريشي، سيد محب الله شاهه سميت ڪيترائي تجربيڪار ٽيڪنوڪريٽ موجود آهن. بلوچستان وٽ پاڻ ڪو ايترو تجربيڪار ماڻهو نه هو ته هنن راولپنڊيءَ سان واسطو رکندڙ پر ڊگهو وقت بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ رٽائرڊ ڪاموري ۽ ٽيڪنوڪريٽ ڊاڪٽر گلفراز احمد کي اين ايف سي ايوارڊ لاءِ بلوچستان مان ميمبر مقرر ڪيو ته ستين ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 5.13 سيڪڙو مان وڌي 9.09 سيڪڙو  ٿيو ۽ بلوچستان جي بجيٽ به 53 ارب روپين مان وڌي 154 ارب روپيا ٿي. افسوس ته اِهو آهي ته اڃا تائين سنڌ ڪنهن قابل ٽيڪنوڪريٽ کي اين ايف سي ايوارڊ جو ميمبر مقرر نه ڪيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته مراد علي شاهه کي اِها اضافي ذميواري ڏني وئي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت کي ڪو ٻيو ميمبر نه ٿو وڻي ته سندن ئي پارٽيءَ جو صوبائي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر به ان ڏس ۾ مناسب ماڻهو هجي ها، ڇاڪاڻ ته تاج حيدر کي مون ڪيترن ملڪي ۽ بين الاقوامي فورمس تي سنڌ جو مالياتي ڪيس اثرائتي نموني وڙهندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن هن وقت به سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان گهربل قدم نه کنيا ته هن اهم ترين ملڪي فورم تي سنڌ پنهنجو ڪيس اثرائتي نموني وڙهي نه سگهندي ۽ ان جا نتيجا پس و پيش سنڌ ۽ ان جو عوام ڀوڳيندو. گذريل حڪومت ۾ ته وري به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي لاپرواهيون ڦٻي ويون، جو مٿي مرڪز ۾ سندن حڪومت هئي ۽ بلوچستان توڻي خيبر پختونخوا ۾ اُها حڪومت ۾ شامل هئي، پر هن ڀيري ته هو تمام ڪمزور حيثيت ۾ آهن، جو نه رڳو مرڪز ۾ سندن مخالف جماعت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي پر ٻين ٽنهي صوبن ۾ پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون مخالف حڪومتون آهن ۽ مالياتي ايوارڊ ۾ جڏهن بين الصوبائي ورڇ جو مرحلو آيو ته پوءِ هن ڀيري سنڌ مڪمل طور اڪيلائپ جو شڪار هوندي ۽ ان ڪمزور حيثيت جو سدِباب صرف ايئن ئي ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ان فورم تي پنهنجو ڪيس ڀرپور سگهه ۽ مڪمل تياريءَ ۽ دليلن سان رکي. مان سمجهان ٿو ته اُصولي طور تي ان ڪم جي تياريءَ لاءِ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪا ٽه رڪني ڪميٽي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ فضل الله قريشي، سيد محب الله شاهه، تاج حيدر، بئريسٽر ضمير گهمري يا نصير ميمڻ کي کڻي سگهجي ٿو. پوءِ ڀل ته سنڌ جي رسمي نمائندگي مالياتي ايوارڊ جي فورم ۾ ڪو هڪ اثرائتو ميمبر ڪري، جيڪو تاج حيدر به ٿي سگهي ٿو.
دنيا ۾ جتي به گهڻ-قومي يا گهڻ-رياستي وفاقي نظام آهن، اُتي وفاق ۾  گڏ رهندڙ قومن يا رياستن/ صوبن وچ ۾ مالياتي وسيلن جي ورهاست کي بنيادي اهميت حاصل هوندي آهي، جنهن کي معاشي وفاقيت  (Fiscal Federalism) يا معاشي عدم مرڪزيت (Fiscal Decentralization) پڻ چيو ويندو آهي. اهڙين جمهوري وفاقي رياستن ۾ اهو استحقاق قومن يا رياستن/ صوبن جو هوندو آهي، ته اُهي گڏجي طئي ڪن، ته آخر وفاق کي پنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ ڪيترا وسيلا ڏنا وڃن؟ ڇاڪاڻ ته وفاق ته هڪ معاهدي ۽ انتظامي سرشتي جو نالو آهي، جڏهن ته ان جون اِڪايون قومن يا رياستن/ صوبن تي مشتمل هجن ٿيون. دنيا جي مختلف 28 وفاقي ملڪن ۾ مالياتي وفاقيت جا اُصول ۽ طريقا مختلف آهن پر انهن ۾ هڪ فرق بلڪل واضح آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته جن ملڪن ۾ اڄ به مرڪزيت پسند وحداني طرز جو وفاقي نظام آهي، اُتي مالياتي معاملن ۾ پڻ مرڪزيت پسندي آهي، جڏهن ته عدم مرڪزيت تي ٻڌل وفاقي نظامن ۾ وفاقي ايڪايون (جن کي رياستون، صوبا، لينڊر ۽ ڪينٽنس پڻ چيو ويندو آهي) مالياتي معاملن ۾ پڻ مڪمل خودمختيار هونديون آهن. دنيا جي 28 ملڪن مان ڪينيڊا ۽ سئٽزرلينڊ اُهي ملڪ آهن، جتي وفاق کي صرف 45 سيڪڙو روينيو گڏ ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ مرڪز کي 54 سيڪڙو ۽ آسٽريا، آسٽريليا، بيلجيم، برازيل، انڊيا، جرمني ۽ اسپين ۾ مرڪز کي 60 سيڪڙو کان 75 سيڪڙو روينيو گڏ ڪرڻ جو اختيار آهي، اهڙيءَ طرح ارجنٽينا، ملائيشيا، ميڪسيڪو، روس ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ اِها شرح 80 سيڪڙو ۽ ٻن ملڪن نائجيريا ۽ وينزويلا ۾ اها شرح ماڳهين 97 سيڪڙو ۽ 98 سيڪڙو آهي پر انهن اڪثريتي ملڪن ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي مرڪزي نظام باوجود صوبن يا رياستن جا جدا جدا اڪائونٽ هوندا آهن ۽ مرڪز پنهنجو حصو ڪٽي، اُهي رقمون واپس صوبن/ رياستن جي اڪائونٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيندو آهي. مثال طور سئٽزرلينڊ، ڪينيڊا، بيلجيم ۽ جرمنيءَ ۾ وفاقي ملڪ ملڪي آمدنيءَ مان 30 سيڪڙي کان 40 سيڪڙو حصو کڻندا آهن، جڏهن ته ارجنٽينا، آسٽريليا، آسٽريا، برازيل، انڊيا، ميڪسيڪو، نائجيريا، روس، اسپين، ڏکڻ آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ اها شرح 45 سيڪڙي کان 60 سيڪڙي تائين آهي، پر پاڪستان دنيا جو اهڙو واحد وفاق آهي، جتي ”اُبتي گنگا“ وهي ٿي. ڇهه ڏهاڪا گذرڻ باوجود پاڪستان ۾ وفاقي ڍانچو برطانوي بيٺڪيتي طرز جو آهي، جنهن جو بنياد اختيارن جي مرڪزيت ۽ مخصوص ناجائز مفادن جي تحفظ وارو رهيو آهي.
قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ پاڪستان ۾ شروع کان تڪراري ۽ پنجاب جي مفادن تحت ٺهندو رهيو آهي. جڏهن اوڀر پاڪستان اسان سان گڏ هو ۽ اهو آباديءَ جي تناسب جي حساب سان سمورن صوبن ته ڇا! پر سڄي اولهه پاڪستان کان به گهڻائيءَ ۾  يعني 56 سيڪڙو هو ته اين ايف سي ايوارڊ جو بنياد آبادي نه پر روينيو ۽ زميني پکيڙ (Inverse Population Density) هئا، ڇاڪاڻ ته اُن زماني ۾ پنجاب رڳو ان صورت ۾ ئي ملڪ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ڪري سگهيو ٿي؛ نتيجي ۾ بنگالين جي بار بار مطالبي باوجود آبادي، هڪ معيار طور  مالياتي ورڇ ۾ شامل ٿي نه سگهي ۽ جيئن ته اولهه پاڪستان ايراضيءَ ۽ آمدنيءَ ۾ وڌيڪ هو، ان ڪري مالياتي ايوارڊ ۾ رڳو اُهي ٻه معيار رکيا ويا. پر بنگال جي عليحدگيءَ کانپوءِ، جڏهن پنجاب آباديءَ جي لحاظ کان باقي سمورن صوبن کان گهڻائيءَ جي حيثيت ۾ يعني 56 سيڪڙو ٿيو؛ ته شهيد ڀُٽي جي حڪومتي دور ۾ پهرين 1974ع جي اين ايف سي ايوارڊ تحت، صوبن وچ ۾ مالياتي ورڇ جو بنياد اڳ جيان روينيو ۽ زمين بجاءِ اڪيلي سر آباديءَ کي بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته بنگال جي جدائيءَ کانپوءِ پنجاب جي آبادي 56 سيڪڙو هئي. هونئن دنيا جي 28 وفاقي رياستن ۾ اهڙو ڪوبه وفاقي سرشتو نه آهي، جنهن ۾ صوبن وچ ۾ مالياتي ورڇ جو بنياد ۽ معيار رڳو اڪيلي سر آبادي هجي. پرويز مشرف دور ۾ ڇهين ايوارڊ تحت سڀ کان اول ته 55 سيڪڙو حصو سڌيءَ ريت مرڪز کنيو، جنهن کي Vertical Distribution چيو ويندو آهي ۽ باقي رهيل 45 سيڪڙي حصي مان وري پنجاب کي 57.36 سيڪڙو، سنڌ کي 23.71 سيڪڙو، بلوچستان کي 5.11 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا کي 13.82 سيڪڙو ڏنو ويو، جنهن کي ورڇ جوڳو پول چيو ويندو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به وفاقي نظام تحت وسيلن جي اهڙي ناجائز ورڇ جو ڪو مثال موجود نه آهي، يعني ٻنهي طرفن کان ان فارمولا تحت ملڪ جي مالياتي ايوارڊ جي صورت ۾ مالياتي وسيلن جو وڏو حصو پنجاب کڻيو وڃي، جڏهن ته ملڪ جي مجموعي مالياتي آمدنيءَ ۾ سنڌ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي ۽ جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ جو تعين روينيو جي پيداوار جي بنياد تي ڪيو وڃي ته پنجاب جو حصو وڃي 23.04 سيڪڙو بيهندو ۽ سنڌ کي 69.02 سيڪڙو حصو ملندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اِها ورڇ رڳو ايراضيءَ جي بنياد تي ٿيندي ته پوءِ بلوچستان جو حصو وڃي 82 سيڪڙو بيهندو. سوال آهي ته جڏهن آمدني ۽ ايراضيءَ جي بنياد تي اڪيلي سر اِهي ايوارڊ نه ٿا  اچي سگهن ته پوءِ اڪيلي سر آباديءَ جي بنياد تي اهو تعين ڪيئن جائز هوندو! نتيجي ۾ مالياتي وسيلن جي ورڇ پاڪستان ۾ هميشه مرڪز ۽ صوبن توڙي پنجاب ۽ ٻين صوبن وچ ۾ مستقل تڪرار جو سبب رهي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت (10 ڊسمبر 2009ع) تي ملڪ جي ستين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو، جنهن موجب مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ هاڻ 44%-56% جي شرح تحت ڪئي وئي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻ صوبا 44 سيڪڙي بجاءِ 56 سيڪڙو کڻن ٿا ۽ مرڪز 56 سيڪڙي بجاءِ 44 سيڪڙو حصو کڻندو. اِهو چڱو ٿيو جو 18هين آئيني ترميم ۾ هاڻي صوبن جي ان حصي يعني 56 سيڪڙي کي آئيني تحفظ حاصل آهي، جنهن مطابق صوبن جو حصو وڌي ته سگهي ٿو پر ان کي گهٽائي نه ٿو سگهجي، جڏهن ته اُصولي طور ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته اها شرح 20%-80% رکي وڃي ها، جيئن اها 1996ع جي پنجين مالياتي ايوارڊ کان اڳ هئي. دنيا جي تاريخ ۾ شايد اهو پهريون واقعو هوندو، جو 1996ع ۾ ٽن مهينن لاءِ چونڊون ڪرائڻ لاءِ آيل ملڪ معراج خالد جي حڪومت اها شرح 80-20 مان تبديل ڪري 62.5-37.5 ڪري ڇڏي ۽ رات وچ ۾ صوبن جو حصو 80 سيڪڙي مان گهٽجي وڃي 37.5 سيڪڙو بيٺو، جڏهن ته ان حڪومت کي آئيني طور اهو اختيار به حاصل نه هوندو. افسوس جو ممتاز ڀُٽي صاحب جي حڪومت به ان تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ستين ايوارڊ تحت صوبن وچ ۾ ورڇ گذريل ڀيري رڳو آباديءَ بجاءِ گهڻ رُخي بنياد تي ڪئي وئي آهي، پر بدقسمتيءَ سان اڃان به صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست ۾ 82 سيڪڙو حصو آباديءَ جي بنياد تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته غربت ۽ پسماندگيءَ جو حصو صرف 10.3 سيڪڙو، روينيو جي پيداوار ۽ ڪليڪشن صرف 5 سيڪڙو ۽ ايراضيءَ جي شرح جو حصو 2.7 سيڪڙو رکيو ويو آهي. جنهن جو واضح مطلب اهو آهي ته ملڪي وسيلن جو قطعي وڏو حصو اڃان به وڏي صوبي پنجاب کي ئي ملي رهيو آهي. مجموعي طور تي جيڪڏهن اٺين مالياتي ايوارڊ کي به ساڳيءَ طرح رکيو ويو ته پوءِ قومي مالياتي ايوارڊ تحت هاڻ پنجاب کي 53.1 سيڪڙو، سنڌ کي 24.94 سيڪڙو، خيبر پختونخوا کي 14.88 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 7.17 سيڪڙو حصو ملندو، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ملڪ جي مجموعي روينيو پيداوار ۾ 69.2 سيڪڙو ڏيڻ وارو صوبو سنڌ هن ڀيري به رڳو 24.94 سيڪڙو حصو کڻي سگهندو، جنهن سان سنڌ جي احساس محروميءَ ۾ بدستور اضافو ته ٿي سگهي ٿو، پر اُن جو سدِباب پري پري تائين نظر نٿو اچي.
اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان هيٺين ڳالهين تي عمل کانسواءِ صوبائي خودمختياريءَ جي سوال جي اهميت هڪ دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندي؛
· سڀ کان اڳ ۾ وسيلن ۽ آمدنيءَ جي ورهاست جي هن ايوارڊ کي قومي مالياتي ايوارڊ بدران ”وفاقي مالياتي ايوارڊ“ سڏيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ قوم نه پر گهڻين قومن جو الحاق/ وفاق آهي.
· وفاق ۽ صوبن وچ ۾ جيڪا ناڻي جي ورهاست ٿئي ٿي؛ ۽ جنهن کي Vertical Distribution سڏيو وڃي ٿو، ان جو 1996ع کان اڳ وارو تناسب بحال ڪيو وڃي، جنهن موجب مرڪز کي 20 سيڪڙو ۽ صوبن کي 80 سيڪڙو ڏنو ويندو هو.
· موجوده آئين جي آرٽيڪل 160 (ڊي) مطابق به مرڪز کي صوبن وچ ۾ وسيلن ۽ ناڻي جي ورهاست ۾ ڪابه مداخلت نه ڪرڻي آهي، ان ڪري صوبن وچ ۾ ورهاست يعني Horizontal Distribution کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ شامل نه ڪيو وڃي. اهو صوبن جو استحقاق آهي، ته هو اهي معاملا پاڻ ۾ جمهوري انداز سان طئي ڪن، جڏهن ته اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن مرڪز ۾ صوبن جا ٽيڪس ۽ آمدنيءَ جا جدا جدا اڪائونٽ رکيا وڃن، جنهن مان ويهه سيڪڙو ڪٽوتيءَ کانپوءِ صوبن جا سمورا وسيلا ۽ آمدني لاڳاپيل صوبن جي پنهنجن پنهنجن اڪائونٽس ذريعي واپس ڪيا وڃن.
· صوبن وچ ۾ ناڻي جي ورهاست گهڻ رُخي فارمولا تحت اهڙيءَ طرح ڪئي وڃي، جنهن ۾ بنيادي اهميت روينيو ۽ غربت کي ڏني وڃي. سنڌ کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪيس دليلن سان ۽ دنيا جي ٻين وفاقي ملڪن جي تجربن جي بنياد تي تيار ڪرڻ گهرجي. (جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ان ڪيس جي تياريءَ لاءِ سمورو مواد گهرجي ته اسان جو سنڌ ريسورس سينٽر رضاڪارانه طور حڪومت جي معاونت ڪري سگهي ٿو، جتي اهو سمورو رڪارڊ موجود آهي)
· جنرل سيلز ٽيڪس کي مڪمل طور صوبن جي تحويل ۽ اختيار ۾ ڏنو وڃي. آئين جو آرٽيڪل 142 به اهڙي هدايت ڪري ٿو.
· صوبن جي ڪنهن به ٽيڪس کي وفاقي مالياتي ايوارڊ جي TORs ۾ شامل نه ڪيو وڃي.
· گئس ڊولپمينٽ سرچارج جو اُصولي طور مالياتي ايوارڊ سان ڪوبه تعلق نه آهي؛ ۽ نه هئڻ گهرجي. صدر کي رڳو انهن ٽيڪسن کي شامل ڪرڻ جو اختيار آهي، جيڪي مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ ورهايا وڃن ٿا. جڏهن ته حقيقت ۾ جي ڊي ايس (GDS) ڪو ٽيڪس نه پر هڪ قسم جي في آهي، ان ڪري اهو مڪمل طور صوبائي معاملو هئڻ گهرجي؛ ۽ ان کي مسلسل مالياتي ايوارڊ ۾ شامل ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ٿي رهي آهي، اُها نه رڳو غير آئيني آهي؛ پر صوبائي خودمختياريءَ ۽ 18هين ترميم جي روح جي ئي خلاف آهي.
· وفاقي حڪومت تيل تي ڊيوٽيءَ کي پڻ اين ايف سي جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته آئين مطابق ان بابت ڪوبه فيصلو ڪرڻ جو اختيار صرف ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ کي آهي. ان ڪري وفاقي حڪومت کي اهڙو ڪوبه اختيار نه آهي؛ ۽ تيل تي ڊيوٽيءَ کي ايوارڊ جو حصو نه بڻايو وڃي.
سنڌ جي هاڻوڪي بجيٽ 617 ارب روپيا آهي، جڏهن ته سنڌ جو روينيو لڳ ڀڳ 1500 کان 2000 ارب روپين جي وچ ۾ آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اٺين مالياتي ايوارڊ ۾ گهربل تياريءَ ۽ دليلن سان وڃي ته اُها سنڌ جو مالياتي حصو وڏيءَ حد تائين وڌرائي سگهي ٿي، پر ان لاءِ سنڌ حڪومت کي ٻين صوبن ۽ خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن سان وڏيءَ قابليت سان لابنگ ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته نظر ايئن ٿو اچي ته هن ڀيري اٺين مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ اڪيلائپ جو شڪار هوندي. سوال آهي ته ڇا سنڌ حڪومت جو ڪو ارادو آهي ته اُها اٺين مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ جو ڀرپور ڪيس وڙهي؟ جي ها، ته پوءِ ڇا اهو ڪم اڪيلي سر مراد علي شاهه ڪري سگهندو؟

شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي

سهيل سانگي

    شهيد ڀُٽي جي سياست جو عوامي انداز 
           ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽي   
                               آچر 05  جنوري 2014ع 
  مشهور صحافڻ اوريانا فلاسي ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڏوراپو ڏنو ته، ”اندرا گانڌي کيس اهڙو ماڻهو سمجهي ٿي، جنهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته شام جو ٻي.“ ڀُٽي صاحب اُن جي موٽ ۾ اوريانا کي ٻڌايو ته، سياستدان جو ڪم آهي ته هو نيون ڳالهيون ڪري ته جيئن ڪو هن جي شخصيت کي آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي  ۽ هرو ڀرو منفي پهلو ڳولي نه سگهي. ڀُٽي صاحب کيس اهو به چيو ته، ”آئون گهڻن ماڻهن سان ملندو آهيان، گهڻو پڙهندو آهيان، ان ڪري پنهنجي سوچ تبديل ڪندو رهندو آهيان.“ ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي ۽ پراسرار شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ شايد ان کان بهتر جملا نه ملن. ڀٽو جيئرو هو ته تڏهن به ڪرشماتي ۽ پراسرار هو، مرڻ کانپوءِ به ائين ئي آهي. هن جي ڦاهي چڙهڻ کي چوٽيهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر ڀٽو فيڪٽر جي ان خاصيت تان نه پردو کڄي سگهيو آهي ۽ نه اها ختم ٿي سگهي آهي. ملڪ جا صدر ۽ وزير اعظم هن کان اڳ به هئا ۽ پوءِ به ٿيا پر جهڙي نموني سان ڀٽي صاحب جي شخصيت پاڪستان جي تاريخ ۾ قدآور بڻيل آهي، ڀٽو فيڪٽر جو يا ملڪ جي سياست تي اثر آهي، سو زائل  نه ٿي سگهيو آهي. هڪڙيون ڌريون اڄ به يا ”پِرو پيپلز پارٽي“ آهن ته وري ٻيون ”اينٽي پيپلز پارٽي“ آهن.
هو ٻن متضاد ڳالهين کي کڻي هلندو هو. مثال طور: هن نعرو سوشلزم جو هنيو پر سوشلسٽن جي نظر ۾ هن سوشلزم آڏو بند ٻڌو. هن هارين جي ڳالهه ڪئي پر پاڻ سان وڏيرا کنيائين. پاڻ کي جديديت واري نظريي سان واڳيل رکندي وچ اوڀر جي عرب بادشاهن کي پاڻ سان جوڙي ورتائين. پاڪستان جي سياست، معيشت، سماجيت وغيره ۾ سندس ڪردار ۽ حصو نه وسارڻ جوڳو رهندو. هن سماج جي بنيادن ۾ ڪجهه اهڙيون شيون وڌيون، جن کي آسانيءَ سان ڪڍي نٿو سگهجي.  ضياءَ جا اپاءُ گهڻو منفي هئا، جڏهن ته ڀٽي صاحب جا اپاءُ مجموعي طور سماج جي حوالي سان مثبت هئا. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ان کان پوءِ ضياءَ الحق توڙي سندس باقيات سمورا زور لڳائڻ جي باوجود انهن بنيادن جون پاڙون پٽي نه سگهي آهي.
ڀٽو صاحب پهريون سياستدان آهي، جنهن سڄي ملڪ ۾ ۽ هيٺين سطح تي سياسي هلچل هلائي ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتو، عام ماڻهوءَ کي احساس ڏياريائين ته هو اهم آهي. سينيئر صحافي آءِ اي رحمان قبائلي علائقن ۾ ڀٽي صاحب جي لڪل تصوير جو تازو پنهنجي ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هڪ ڏورانهين علائقي جي هڪ همراهه جي اوطاق ۾ لڳل هئي. اهو همراهه نه پيپلز پارٽيءَ جو هو، نه ان جو ووٽر، هن اها تصوير رڳو ان ڪري لڳائي هئي، جو ڀٽو صاحب سندس ڳوٺ آيو هو. يعني ڀٽي صاحب جو اچڻ نشانبر بڻجي ويو. هو عوام سان ڪيئن رجوع ڪندو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڪيئن ويهي رهندو هو، ان جا هزارين مثال آهن ۽ ملڪ جي اڪثر ماڻهن وٽ اهڙن واقعن جا ڌار ڌار قصا آهن. ڀٽو صاحب شملا ٺاهه ڪرڻ ويو پئي ته سنڌ جو دورو ڪيائين. هن سانگهڙ ۽ دادوءَ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوام کي ملڪ جي صورتحال ٻڌائي ۽ ساڻن صلاح ڪيائين ۽ پڇيائين ته، هيءَ صورتحال آهي، توهان ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟ آئون نئين دهلي اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ وڃان يا نه وڃان؟ ڪو ٺاهه ڪري اچان يا نه ڪري اچان؟ اهو سياسي ڪميونيڪيشن جو عجيب ۽ اعلى طريقو هو. ساڳئي طرح بنگلاديش منظور ڪرڻ تي به هن ماڻهن سان مشاورت ڪئي ته ٻڌايو، بنگلاديش منظور ڪريان يا نه؟ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو سجاول جي جلسي جو آهي. 70ع وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب ٺٽي ضلعي مان به بيٺو هو ۽ چونڊ کٽي هئائين. جلسي کي خطاب ڪندي هن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ کانئن پڇيو ته، ٻڌايو توهان کي ڇا کپي؟ ڪهڙي شئي توهان کي ڏيان؟ ميڙ مان آواز آيو ته اسان کي آغا شاهي ڊپٽي ڪمشنر کپي. آغا شاهي تڏهن پرڏيهي کاتي جو صلاحڪار  هو، هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنريءَ وارو دور هن ضلعي ۾ گذاريو هو، ماڻهن سان چڱو هليو هو، ان ڪري ماڻهو سندس واپس مقرريءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ڀٽي صاحب کين وراڻيو ته، ”بابا، هو مون وٽ پرڏيهي معاملا سنڀالي پيو، ان کي ڪيئن اتان فارغ ڪري هيڏانهن موڪليان؟“ ميڙ مان ڪنهن چيو ته، ”سائين، نه ڏيڻو اٿوَ ته اها ڳالهه ڪريو.“ ڀٽي ماڻهن کي ٻڌايو ته آغا شاهي کي ڊپٽي ڪمشنر ڪري ٺٽي موڪليم ته منهنجو پرڏيهي ناتن وارو ڪم سڄو رُلي ويندو. ٻيو ڪجهه گهرو. ماڻهن کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سندن فيصلو ڪيڏو صحيح آهي، جو جنهن ماڻهوءَ لاءِ هو مطالبو ڪري رهيا آهن، سو ڀٽي صاحب جا به پرڏيهي معاملا سنڀالي ويٺو آهي، يعني ڀٽي صاحب جي ۽ اسان جي سوچ هڪ ليول جي آهي.
ڀٽي صاحب جي باري ۾ سندس ساٿي ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتن جا قلمدان رکندڙ عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم ٻه واقعا ٻڌايا. هن ٻڌايو ته، ڀٽو صاحب پاڻ ڪرپٽ ڪونه هو، ان ڪري ڪنهن کي ڪرپشن جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. سندس چواڻي ته، وٽس جيل، صحت سميت چار اهم کاتا هئا، پر پگهار ايتري ڪانه هئي جو چئن ٻارن کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم ڏياري سگهجي. سو پيار علي الانا مرحوم، جيڪو تڏهن وزير تعليم هو، تنهن سان ڳالهه ڪيم ته يار پگهار وڌايو يا ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيو. ائين چئي هن الانا کي ٻارن جي اسڪالرشپ لاءِ درخواست به ڏني. الانا اعتراض ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ائين ڪيوسين ته ماڻهو چوندا ته وزير اقربا پروري پيا ڪن ۽ ماڳهين فلڊ گيٽ کلي پوندو، جيڪو بند ئي نه ڪري سگهنداسين. پوءِ الانا ڪٽپر جي ٻارن لاءِ آغا خان ٽرسٽ مان تعليم جي خرچ جو بندوبست ڪرايو. جيڪڏهن هن واقعي کي ڏسجي ٿو ته ڪرپشن ڪيئن ممنوع بڻيل هئي ۽ وزير پنهنجي ٻارن جي تعليم جو خرچ نه پيو ڀري سگهي ۽ ٻيو وزير وري اقربا پروري کان پيو ڀڄي. اڄ ته خود انهيءَ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وزيرن جا ٻار جيڪي سهولتون غير قانوني طور ماڻين ٿا، سا ته وڏي ڳالهه آهي، پر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي هر ضلعي ۾ جيڪي اختيار، فنڊ ۽ سهولتون مليل آهن، تن بابت سوچي نٿو سگهجي. جيڪڏهن اقربا پروريءَ واري ڳالهه تي اچجي ته وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي خاندانن جا ٻار ۽ رشتيدار سڌو آفيسر گريڊ ۾ ڀرتي ٿين ٿا، سڻڀن عهدن تي اچن ٿا. ڪو ايم اين اي آهي ته سندس پٽ، ڀاڻيجو، ڀائيٽو ايم پي اي آهي، وري ضلعي ۾ مڪاني ادارن ۾ به ساڳئي خاندان کي ورسايو پيو وڃي.
عبدالوحيد ڪٽپر ڪچهريءَ ۾ هڪ ٻيو مزيدار واقعو ٻڌايو. ڪراچي ميونسپل ورڪرز يونين جو هڪ عهديدار ڀٽي صاحب جو سخت نقاد ۽ مخالف هو. ورڪرز جي جلسي ۾ هن ڀٽي صاحب ۽ پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته غريبن جي ٻڌي نٿي وڃي. ڀٽي صاحب کيس ٻانهن مان جهلي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ هيٺ ويٺو ۽ چيائين ته هاڻ ڳالهائي ۽ پوءِ اهو عيسائي ملازم آخري دم تائين پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو. هن واقعي جو ٻيو حصو هي آهي ته سندس ڌيءَ انٽر پاس ڪئي،  پر مارڪون گهٽ هجڻ ڪري کيس داخلا نه ملي سگهي. عبدالوحيد ڪٽپر جي صلاح تي هن ڀٽي صاحب اڳيان دانهيو ۽ گوڙ ڪيو ته غريب ماڻهو ميرٽ تي ان ڪري نٿو اچي، جو وٽس اهي سهولتون ڪونه آهن. ڀٽي صاحب فوري طور آرڊر ڪڍيو ته ڇوڪريءَ کي فوري طور داخلا ڏني وڃي. هي ٻئي انفرادي عمل آهن، جن جي موٽ مثبت طريقي سان ڏني ويئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ۽ ان جي وزيرن مان ڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو آهي، جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ائين عزت ڏني هجي يا ان جي جائز مطالبي تي ائين موٽ ڏني هجي. وزيرن سان رڳو ملاقات لاءِ جيئن ماڻهن کي اسيمبلي، آفيسن ۽ انهن جي گهرن تائين ڊوڙڻو پوي ٿو ۽ اتي به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ناهي، اثر رسوخ ناهي ته خالي هٿين موٽڻو پوي ٿو، سو خود پيپلز پارٽيءَ جو نئون ٺهندڙ رڪارڊ آهي. هاڻ ته اها صورتحال آهي ته جي ڪنهن با اثر ماڻهوءَ جو واسطو، تعلق ۽ سفارش هٿ نٿي اچي، ته ڪو عام ماڻهو وزيرن سان ملڻ جو رخ به ڪونه ٿو ڪري.
 هو ته هو پيپلز پارٽيءَ جو قائد ۽ ان جي سياست ۽ ماڻهن سان سندس ورتاءُ، پر اڄ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، شهر ۽ ضلعي جي قيادت ته پري جي ڳالهه، ان جي صوبائي ڪائونسل يا ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان به نٿي ملي، ان لاءِ وٽس نه ٽائيم آهي ۽ نه حڪمت عملي. نتيجي ۾ عوام ۽ پارٽي، توڙي پارٽي ورڪرن ۽ قيادت جي وچ ۾ خلا آهي، وڏي وڇوٽي آهي، انهيءَ وڇوٽيءَ جو فائدو مفادپرست ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرائيندڙ وٺن ٿا، اتان ڪرپشن جو دروازو کلي وڃي ٿو. جيڪڏهن پارٽي قيادت ورڪرن ۽ عام ماڻهن سان ڳانڍاپو نٿي رکي ته کيس پوءِ ڀوتارن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. نتيجي ۾ اڄ عام ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ ۽ ميمبر سازي ڪرڻ، نوان ماڻهو ڳولي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران ڀوتارن جي ڀرتيءَ وارو سلسلو زورن تي آهي. اها پيپلز پارٽي، جنهن جي ٽڪيٽ لاءِ وڏيرا، مير، پير جتيون پيا گسائيندا هئا، اڄ خود پيپلز پارٽي جي قيادت انهن وڏيرن جي اوطاقن تي سلامي ڀري رهي آهي، سندن جائز ناجائز سڀ مطالبا مڃي رهي آهي. عوام ۽ ورڪرن سان ڳانڍاپي جي صورت ۾ انهن ڀوتارن کي ڊپ رهندو هو، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ وٽ متبادل موجود هو، پر هاڻي پارٽي اهو متبادل پنهنجي حڪمت عملي ۽ ائپروچ جي نتيجي ۾ وڃايو آهي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناراض ورڪرن جي ڳالهه، پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر عملي طور تي ان جو ڪو قدم يا عڪس ڪونه ٿو ملي، ڇاڪاڻ جو مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ڳولي ڳولي ووٽرن ۽ ڀوتارن کي هٿ ڪيو ويو آهي.
سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ”سنڌ ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟“ جو پوتاميل ڪيو وڃي ٿو، ته لڳي ٿو ته ان کان پوءِ سنڌ وڃايو ئي وڃايو آهي، ترقيءَ ۾، سياسي شعور ۾، ماڻهن جي حڪومت تائين رسائيءَ ۾، گورننس ۾، تعليم ۾، زراعت ۾، صنعتڪاريءَ ۾ به وڃايو آهي. هاڻي هڪ بنهه منفي حوالي سان تبديل ٿيل ۽ ورهايل سماج ۾ اسين رهون پيا، جنهن ۾ ڪير ڪنهن جو ڪونهي، ذاتي مفاد، ذاتي سهولتون، ذاتي تڪ، ذاتي اثر ۽ ترجيح رکن ٿا. پارٽي، ماڻهو ۽ ماڻهن جي خدمت، ماڻهن جي ترقي،  انهن کي ڪجهه ملي، اهو سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به ذاتي طور نوڪريون وٺڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ، پنهنجا پنهنجا تڪ ٺاهڻ م رڌل آهن، اجتماعي ايجنڊا گهڻو ڌڪجي وئي آهي. اڄ ڀٽي صاحب جو ورثو اهو سڀ ڪجهه نٿو مڃيو وڃي، جيڪي مٿي بيان ڪري آيا آهيون، رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ، حڪومت ۾ اچڻ، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه رهجي ويو آهي.

ڪجهه ذڪر سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو

لياقت عزيز


مرحوم ڊاڪٽر عبدالشڪور دائود پوٽو هڪ بهادر ۽ دلير انسان هو. شڪور دائود پوٽو ”شيخ السنڌ“ مولانا عبدالحق رباني جو وڏو فرزند هو. مولانا عبدالحق رباني جي علم ۽ فڪر جي لحاظ کان ننڍي کنڊ ۾ وڏي هاڪ هئي. مولانا عبدالحق ربانيءَ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو، بعد ۾ هن جمعيت العلماءِ هند ۾ شموليت اختيار ڪئي. انگريزن کي ننڍي کنڊ مان تڙڻ لاءِ هو ڪانگريس جو حامي هو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي ڏتڙيل هارين جي حالت سڌارڻ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪيائين. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته مولانا عبدالحق رباني محفل سينيما هالا جي هال ۾ پ پ پ جي ڪيل جلسي ۾ تقرير ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان مخاطب ٿيندي چيو ته، ”پ پ پ ۾ جاگيردار، وڏيرا ۽ نواب شامل نه ڪر، ڇاڪاڻ ته هنن هميشه غريبن جي مفادن تي سوديبازي ڪئي آهي. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن توتي ڏکيا ڏينهن ايندا، هي سڀ توکي ڇڏي ڀڄي ويندا ۽ توکي ڦاسي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا“. مولانا عبدالحق رباني هڪ شعله بيان مقرر هو، هن پ پ پ جي ڪري جيل جون صعوبتون پڻ برداشت ڪيون.
شڪور دائود پوٽو انٽر سائنس پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. هو به پنهنجي والد جيان سچو انسان هو. طبيعت جو تيز ۽ کرو هو، هر ڪنهن کي منهن تي سچ چوندو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد هن کي ”مولانا شبلي“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هن کي سونهاري مبارڪ منهن تي هئي. هو هاسٽل ۾ رهندو هو، شاگردن جا فيصلا پڻ ڪندو هو. جڏهن شاگرد اڳواڻن 4 مارچ 1967ع کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي کان ونيونٽ (شهباز) بلڊنگ تائين جلوس ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته شاگرد اڳواڻن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. ڪجهه دوستن جو موقف هو ته صرف ان وقت حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر مسرور حسن خلاف نعرا هڻجن، جيڪو ان وقت جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي تنگ ڪري رهيو هو. ڪجهه دوستن جو وري اهو موقف هو ته مسرور حسن سان گڏوگڏ ”جنرل ايوب خان جي آمريت مرده باد“ ۽ ”ون يونٽ ٽوڙيو“ جا نعرا پڻ هڻڻ گهرجن. شڪور دائود پوٽي پڻ تائيد ڪئي ته پوئين ڌر جو موقف درست آهي. جيئن ته يوسف لغاري ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جو صدر هو، هن جو موقف هو ته شاگرد يونين جا عهديدار طئي ڪندا ته ڪهڙا نعر الڳائڻ گهرجن. ڊاڪٽر شڪور دائود پوٽو کٽ تي ويهي پلٿي ماري سڀني کي سمجهائيندو رهيو ته مسرور حسن خلاف نعرا هڻڻ سان گڏ سياسي نعرا پڻ هنيا وڃن، ون يونٽ جو ٽٽڻ سنڌ جي مفاد ۾ آهي، پر دوستن سندس ڳالهه نه مڃي. ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ اندر شاگردن جون مختلف تنظيمون سنڌ سطح تي اڀريون. ان کان اڳ صرف ڪراچي ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن N.S.F ۽ اسلامي جمعيت طلبا ڪم ڪري رهيون هيون، پر N.S.F ۾ ٻه ڌڙا قائم هئا، هڪ ڌڙو ”چين نواز“ هو ۽ ٻيو ڌڙو ”ماسڪو نواز“ هو. ان وقت ڪراچي ۾ معراج محمد خان، علي مختيار رضوي، سيد رشيد رضوي، نفيس صديقي، امير حيدر ڪاظمي وڏا اڳواڻ هئا، جن اڳتي هلي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. معراج محمد خان ۽ امير حيدر ڪاظمي وفاقي وزير پڻ ٿيا.
ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ ڪلچرل اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو. اڳتي هلي شاهه محمد شاهه، جيڪو ڄام ساقي وارن سان گڏ هو، تنهن يوسف ٽالپر ۽ اقبال ترين سان گڏجي ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ ٺاهي. سنڌ سطح تي ڄام ساقي، اقبال ترين، شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، لالا قادر، حسين شاهه بخاري وڏا شاگرد اڳواڻ ٿي اڀريا. حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل شاگردن جو ڪنوينشن ٿيو. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جنهن جو پهريون صدر ڄام ساقي ۽ جنرل سيڪريٽري مير ٿيٻو چونڊيا ويا. هن تنظيم جا ٻيا اهم اڳواڻ سيد مهر حسين شاهه، عنايت الله ڪشميري، هدايت حسين، عبدالحئي پليجو، شبير شر، نديم اختر هئا. 2 جنوري 1970ع تي حيدرآباد ۾ اقبال ترين ۽ مسعود نوراني جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگردن جو جلوس نڪتو. هي جلوس مسلم ڪاليج کان شروع ٿي، جڏهن سٽي ڪاليج وٽ پهتو ته سنڌي شاگردن مٿان فائرنگ ٿي، ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا، ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ننڍي پٽ کي ٽنگ ۾ گولي لڳي. حڪومت طرفان گرفتاريون ڪيون ويون، شاگردن سان گڏوگڏ سياستدانن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد شهر ۾ سنڌي-مهاجر فساد شروع ٿي ويا هئا. شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، لالا قادر، حسين شاهه بخاري، اقبال ترين، الله اوڀايو ڏاهري، هاشم لغاري ۽ ٻيا شامل هئا. اردو ڳالهائيندڙ شاگرد اڳواڻن ۾ عثمان ڪينيڊي، ۽ ٻيا شامل هئا. بعد ۾ ڄام ساقي ۽ ٻين دوستن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. سينٽرل جيل حيدرآباد اندر ڪجهه اڳواڻن کي ”اڇي چڪر“ ۽ ڪن کي ”ڪاري چڪر“ ۾ رکيو ويو، مسعود نوراني جو آواز ڏاڍو سريلو هو، هو دوستن کي شيخ اياز جو ڪلام ”مڻيار آيو مڻيار آيو“ ٿالهي وڄائي ٻڌائيندو هو ته دوستن کي جيل وسري ويندو هو. جيل سپرنٽينڊنٽ مسعود نوراني کي اڪيلائي ۾ کوليءَ اندر بند ڪري ڇڏيو، ان کوليءَ ۾ ڪنهن سان ملڻ نه ڏنو ويندو آهي ۽ چوويهه ڪلاڪ بند رکيو ويندو آهي. ماني يا جيل جو پتو گيٽ هيٺان ڏنو ويندو آهي. مسعود نوراني بند کوليءَ ۾ بک هڙتال ڪئي ۽ سندس حالت ڪجهه نه کائڻ پيئڻ جي ڪري بگڙجي ويئي. سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري دوستن جيل اندر Doctor wanted جا نعرا هنيا. جيئن ته ان وقت سڄي ملڪ ۾ ملٽري ڪورٽس قائم هيون. ملٽري ڪورٽس جا جج ملٽري آفيسر هئا، اهي شاگردن کي ڪلاس وائيز سزا ڏيندا هئا. ميٽرڪ جي شاگرد لاءِ ٽي مهينا، انٽر جي شاگرد کي ڇهه مهينا، بي اي جي شاگرد کي نو مهينا ۽ ايم اي جي شاگرد کي هڪ سال سزا ڏيڻ کانپوءِ مختلف جيلن ۾ موڪليو ويندو هو. 
سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو طرفان ”سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو“ تحريڪ هلي، پنج سئو کان مٿي هاري جيل ۾ ويا. اسان جون چار نياڻيون، جن ۾ اختر بلوچ، جنهن اڳ ۾ سنڌي لسٽن جي تحريڪ ۾ رضاڪارانه طور تي گرفتاري ڏيئي پهرين قيدي شاگردياڻيءَ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، اها هن تحريڪ ۾ پڻ گرفتار ٿي، هن سان گڏ رياض ميمڻ، نسيم سنڌي ۽ شميم بهراڻي پڻ شامل هيون. (اختر بلوچ جيجي زرينه بلوچ جي نياڻي ۽ سسئي پليجو جي ماءُ آهي). رياض ميمڻ کي فوجي ڪورٽ سزا ڏيئي سينٽرل جيل پشاور موڪليو، اسان جي دوستن هن جي پارت عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڪئي. رياض ميمڻ جي شادي اڳتي هلي مسعود نوراني سان ٿي. هي تحريڪ محض حيدرآباد ڊويزن جي هڪ ڪمشنر جي خاطريءَ تي ختم ڪئي ويئي. جيڪڏهن هي تحريڪ ختم نه ڪئي وڃي ها ته شايد سنڌ جون زمينون ڌارين کي نه ڏنيون وڃن ها، ۽ سنڌ کي ڪو ميري اک سان نه ڏسي ها.


لياقت عزيز

Thursday, 1 October 2015

پاڻي ۽ بجلي وزارت جو احتساب ڪير ڪندو؟ ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل
Ibrat   عبرت
اربع 30 سيپٽمبر 2015ع

نيپرا وفاقي حڪومت کي بجلي بحران جو ذميوار قرار ڏيندي ڄاڻايو آهي ته پاور پلانٽ ڄاڻي واڻي بند ڪيا ويا آهن، ملڪ ۾ لاڳو ڪيل نئون ميٽر سسٽم به ناڪام ٿي چڪو آهي، نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 15 -2014ع ۾ سرڪاري پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا آهن، جناح پن بجلي منصوبي مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي، ٿرمل پاور پلانٽن کي به هٿ سان بند ڪيو ويو آهي. نئين ميٽر سسٽم کي پڻ ناڪام قرار ڏيندي نيپرا جو چوڻ آهي ته ان سان 70 سيڪڙو صارفين کي غلط بل ملي رهيا آهن، رپورٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي مڪمل طور تي ناقص ڄاڻائي وئي آهي، سنڌو درياءَ تي قائم ڪيل جناح هائيڊرو پراجيڪٽ جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته منصوبي تي 17 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود خرابيون ختم ناهن ڪيون ويون، ٽي سال گذري ويا، پر منصوبو درست نموني ڪم ئي نه پيو ڪري ۽ ان مان رڳو ٽن سالن ۾ 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، رپورٽ ۾ آئيسڪو جي ڪارڪردگي پهرين ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ٻي نمبر تي بهتر قرار ڏني پئي وڃي، باقي بجلي ورهاست وارين ٻين ڪمپينن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي.
هونئن ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ قوم ڪيترن ئي وڏن سانحن ۽ بحرانن کي منهن ڏنو آهي، انهن ۾ توانائي جو بحران به شامل آهي، جيئن جيئن ملڪ جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن تئين وري گهُرجن ۾ به واڌ ٿيندي رهي، پر وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان بجليءَ جي بحران ڪرُ کنيو، ان وقت کان وقت جي حاڪمن توڙي سياستدانن انهيءَ قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ بجاءِ ان تي سياست شروع ڪئي ۽ پنهنجي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر تڏهن به بجلي بحران وارو مامرو حل نه ٿيو، ويتر ان کي ڳنڀير بڻائي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۽ ان معاملي کي ووٽ حاصل ڪرڻ جو وسيلو ۽ ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيترائي ڀيرا اڳين توڙي موجوده حڪومت ۾ پاڻي ۽ بجلي وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙن جي واتان بجلي بحران حل ڪرڻ جا واعدا ۽ وچن به ٻڌا ويا، ايتري تائين جو ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو به بجلي جي معاملي تي بيان ۽ ٽائيم فريم ڏيڻ کان وسان ڪين گهٽايو، پر خبر ناهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائين جو عوام کي ثمر ڇونه ملي سگهيو؟
نيپرا جي سالياني رپورٽ ۾ موجوده وفاقي حڪومت کي بجلي جي بحران جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاقي سرڪار عوام جي فلاح لاءِ منصوبا جوڙي اڳيان وڌڻ جون دعوائون ته کوڙ ڪيون آهن، پر انهن مان اڪثر اڃا لاڀائتيون ثابت ناهن ٿيون، اسين رڳو بجليءَ جي معاملي تي ئي ڳالهايون ته ان جي ورهاست واري نظام ۾ بهتري ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ جون ڳالهيون رڳو بيانن تائين ئي محدود لڳن ٿيون، هتي اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ ۾ ٿرمل پاور پلانٽ ان ڪري بند ڪرايا آهن ته جيئن ان تي سياست ڪري سگهجي يا وري انهن بجلي گهرن کي ان وقت ٻيهر فعال بڻايو ويندو، جڏهن عام چونڊون ويجهو اينديون ۽ ان کي ووٽ وٺڻ جو وسيلو بڻايو ويندو؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته مرڪزي سرڪار جو اهو رويو صوبن خاص ڪري سنڌ سان تعصب ظاهر ڪري ٿو ۽ ان سان مستقبل ۾ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. نوان ميٽر لڳائي عوام ڏانهن واڌو بل موڪليا ويا، انهن کي قرضي بڻايو ويو، ٻڌايو ُوڃي ته هاڻي پاڻي ۽ بجلي وزارت جي وفاقي توڙي مملڪتي وزيرن ۽ انهن جي ماتحت ڪم ڪندڙ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين خلاف ڪير احتساب ڪندو؟
اها حقيقت آهي ته وزيراعظم نوازشريف پاڻي ۽ بجلي واري وزارت انهن شخصيتن حوالي ڪئي آهي، جن جو ماضيءَ توڙي حال ۾ سنڌ سان رويو مناسب ناهي رهيو ۽ انهن جا ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي حقن تي رڳو مخالف بيان ئي ٻُڌڻ ۾ مليا آهن، ظاهر ڳالهه آهي ته انهن شخصيتن جو سنڌ سان ڪهڙو همدرداڻو مزاج ۽ خيال هوندو؟ ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت اهڙي قابل ۽ غيرجانبدار شخصيت حوالي ٿيڻ گهرجي، جنهن کي ملڪ ۾ احتساب جي عمل ۾ توازن رکڻ ۽ بجلي بحران حل ڪرڻ جي صلاحيت هجي.

انتظامي ڏڪار ۾ مرندڙ ماڻهو! .. ریاض سهیل

اربع 12 نومبر 2014ع 
ریاض سهیل
سنڌ اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبر ڊاڪٽر کٽومل جي دعوى آهي ته، ”ٿر ۾ جيڪو انفرا اسٽرڪچر موجود آهي، اهو پاڪستان جو بهترين نظام آهي.“ هن اسيمبلي ميمبرن کي گڏ هلڻ جي به دعوت ڏني ته جيئن هو اهو ثابت ڪري سگهي. انهيءَ اسيمبليءَ جي فلور تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه چئي چڪو آهي ته، ”ضلعي اسپتال مٺي ۾ آغا خان اسپتال جي مقابلي واريون سهولتون دستياب آهن.“ اها دعوى ٻڌڻ کان پوءِ هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته، جيڪڏهن ان پُٺتي پيل علائقي ۾ ايتريون جديد سهولتون ۽ نظام موجود آهي ته پوءِ اهو گوڙ ڇو آهي، ڇو ٻارڙا تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. نوجوان ۽ عورتون کوهن ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ان صورتحال ۾ ڇو ميڊيا عامر خان جي فلم ”پيپلي لائيو“ بڻيل آهي. ٿر مان اسيمبلي ميمبر مهيش ملاڻي سومر واري ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته، ”ضلعي اسپتال جي او پي ڊي شعبي ۾ ساڍا ٽي لک ماڻهن جو معائنو ڪيو ويو.“ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال تنگ ڪري ٿو ته ڇا مٺي اسپتال تفريحي مقام آهي، جتي ماڻهو عورتن ۽ ٻارڙن کي آڻين ٿا. سرڪاري انگن اکرن موجب ٿر ۾ 100 کان وڌيڪ ڊسپينسريون، بنيادي صحت جا مرڪز ۽ تعلقي اسپتالون موجود آهن. صحت جي عالمي اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته، ”انفرا اسٽرڪچر جي عدم دستيابيءَ سبب انهن صحت جي مرڪزن تائين پهچڻ لاءِ ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳن ٿا.“ جڏهن ته ٽرانسپورٽ نه هجڻ ڪري ڀاڙو 1500 کان 4000 رپيا ادا ڪرڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جيڪو پاڻ به سرڪاري نوڪري ۾ رهي چڪو آهي، ڇا اهو ٻڌائيندو ته ڏڪار ۾ جڏهن ماڻهن وٽ آمدني جا ذريعا دستياب ناهن، اُهي اِهو خرچ ڪري ضلعي اسپتال مٺي ڇو ايندا آهن؟ ان جو ته اهو ئي مطلب آهي ته ٻين صحت جي مرڪزن ۾ اسٽاف دستياب ناهي يا دوائن جي کوٽ آهي. اها به حقيقت آهي ته سواءِ ضلعي اسپتال جي ڪنهن به صحت جي مرڪز ۾ سج لهڻ کان پوءِ اسٽاف دستياب نه هوندو آهي، اُهي صرف ڊي اسپتالون آهن.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سومر تي وائرل بيمارين جي روڪٿام جي حوالي سان هڪ بل منظور ڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته، ”صحت جي عالمي اداري جي گائيڊ لائينز جي روشنيءَ ۾ اهو بل تيار ڪيو ويو آهي.“ ان عالمي اداري جي نيوٽريشن جي باري ۾ به وصف دستياب آهي، جنهن جي مطابق نيوٽريشن يعني اها خوراڪ جيڪا اسان جسماني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. متوازي غذا ۽ سرگرميون جسم کي ۽ ذهن کي تندرست رکندي آهي، جڏهن ته غير متوازي غذا سبب بيمارين جي حملي آور ۽ ذهني نشو نما متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت سڄي حڪومت جو سمورو زور ان تي آهي ته انهن ڪڻڪ فراهم ڪري ڇڏي آهي. ڇا اها ڪڻڪ نيوٽريشن لاءِ ڪافي آهي؟ ان ۾ ڪئلشيم، پروٽين، وٽامنز ۽ فٽنس وافر مقدار ۾ موجود آهي، جيڪا ذهني نشو نما لاءِ لازمي آهي. اچو ته ڪراچيءَ جي روشنين مان نڪري انڌيرن ۾ ليئو پايون. مٺيءَ کان 30 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ماڇيو ڀيل واقع آهي. جنم اشٽمي کان پوءِ ان ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو، ڇهن مهينن جي هڪ ٻارڙي مسلسل روئيندي نظر آئي ۽ ماءُ ان کي خاموش نه پئي ڪري سگهي. ٻارڙيءَ جو مسئلو کير هو، جيڪو ماءُ سمجهي ته رهي هئي، پر مجبور هئي. شريمتي ٻائي جسامت ۾ ڪافي ڪمزور نظر اچي رهي هئي. سندس چوڻ هو ته، هو بيمار رهي ٿي ۽ کير نه ٿو لهي. هوءَ ڊاڪٽر وٽ به وئي هئي، پر ڊاڪٽر ڪجهه دوائون ڏنيون ۽ چيو ته ”خوراڪ کائو“ پر هاڻي هوءَ خوراڪ ڪٿان آڻي؟ ٻن ٻارڙن جي ماءُ شريمتي ٻائي ٻڌايو ته، هن وٽ اهو ئي علاج آهي ته پاڻيءَ ۾ ٿوري کنڊ ملائي، ٻارڙيءَ کي ڏئي ڇڏيندي آهي، جنهن کان پوءِ اها خاموش ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ بورچي خاني ۾ ڪجهه پَچندي ڏسي ڪري اسان تجسس ۾ اندر داخل ٿياسين، اُتي موجود عورت کان دريافت ڪيو ته هو ڇا ٺاهي رهي آهي. هن مسڪرائيندي چيو ته، ”ڀائرو توهان پاڻ ئي ڏسي وٺو.“ ديڳڙيءَ ۾ پاڻي هو، جنهن ۾ لوڻ ۽ ڳاڙها مرچ موجود هئا، جڏهن ته بصر به ڪٽيل نظر آيو جيڪو ان شورٻي ۾ وجهڻو هو. ٿر ۾ اهو منظر ڪنهن هڪ ڳوٺ جو ناهي، اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڏينهن رات اهڙي طرح ئي رهواسي گذارين ٿا. اهو ئي انهن جي نيوٽريشن جو رستو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻن سالن جي ڏڪار ۾ ڪيترائي جانور مري چڪا آهن يا وري ماڻهو ملڪيت وڪڻي ڪري پنهنجن اثاثن کان محروم ٿيندا رهيا آهن.
ٿر ۾ گذريل ڏهن مهينن ۾ 41 ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آهن. هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته صدين کان ڏڪار ۽ مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ وارو ٿري اڄ ان قدر ڪمزور ٿي ويو آهي، جو نجات جي راهه ڳولي رهيو آهي. ڏڪار معاشي ۽ سماجي لاڳاپن کي به بُري طرح متاثر ڪيو آهي، پر ان جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي ڪي به ادارا موجود ناهن. ڊاڪٽر لڪيش کتري، ٿر، عمرڪوٽ ۽ کپرو ۾ شايد واحد سائڪاٽرسٽ آهي. سندس چوڻ آهي ته، ” ٿر ۾ ڊپريشن جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ خودڪشين ۾ اضافو به انهيءَ سبب جي ڪري ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته، ”ان ڏڪار جي ڪري ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جيڪي ماڻهو بئراجي علائقن ۾ وڃن ٿا، اُهي اتان جي خوشحالي ڏسي ڪري احساس محروميءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي ٿرين جون عورتون ڳوٺن ۾ هونديون آهن، جيڪي پڻ تنها ٿي وينديون آهن، ان سبب جي ڪري ماڻهو سمجهن ٿا ته ان زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڊاڪٽر لڪيش کتري روزانو 40 کان 50 مريضن جو معائنو ڪندو آهي، جن ۾ اڪثريت ڊپريشن جي مريضن جي آهي. هڪ اهڙي ئي مريض سان عمرڪوٽ ۾ اسان جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ننگر پارڪر کان پنجن ڪلاڪن جو سفر طئي ڪري پهتو هو. هتي اچڻ لاءِ کيس هڪ جانور 7 هزارن ۾ وڪرو ڪرڻو پيو، ان سان سندس سئوٽ به موجود هو. ٻنهي کي ننگر پارڪر کان عمرڪوٽ تائين ڀاڙو 0032 رپيا ڀرڻو پيو، جڏهن ته 400 ڊاڪٽر جي فيس ۽ دوائون الڳ هيون. ان مريض جا چار ٻارڙا آهن، جن مان صرف هڪ ميٽرڪ پاس آهي، پر ٻين وانگر هو به بيروزگار آهي. ڏڪار سبب گذر سفر جا رستا بند ٿي چڪا اٿس، بس هو زندگيءَ کي زنده رکيو پيا اچن. عمرڪوٽ کان 60 ڪلوميٽر پري ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ شاهپر دين محمد ۾ گذريل مهيني هڪ نوجوان کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. چمو ميگهواڙ ٻُڌائي ٿو ته، سندس 21 سالن جو پٽ راءِ مل مزدوري لاءِ بئراجي علائقي ۾ ويو هو، پر اُتي روزگار نه مليو ۽ هو واپس اچي ويو، ان کان پوءِ سندس دماغ ۾ خلل پئجي ويو. زال مڙس ۽ 8 پٽن تي ٻڌل، ان گهراڻي وٽ 6 رڍون 2 ٻڪريون ۽ اُٺن جي هڪ جوڙي باقي آهي، جن کي اُهي وڻن مان پَن پٽي کارائيندا آهن.
هلندڙ سال خودڪشي ڪرڻ وارن 41 ماڻهن مان 90 سيڪڙو هندو آهن، جن ۾ تعليم جي شرح انتهائي گهٽ آهي، جنهن سبب ڏڪار سندن لاءِ خوفناڪ نتيجا کڻي اچي ٿو، انهن نتيجن کان بچڻ لاءِ اهي ماڻهو چوپائي مال سميت بئراجي علائقن طرف لڏپلاڻ ڪندا آهن. گذريل ٻن سالن کان مسلسل ڏڪار قالين سازيءَ کي هڪ نئين زندگي ڏني آهي ۽ ان غير رسمي صنعت جو شڪار عام طور تي ستن سالن کان 16 سالن جي عمر وارا ٻارڙا بڻجي رهيا آهن. هڪ اهڙي کڏ ۾ 12 سالن جو سوجو ميگهواڙ 12 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو. اُهي صبح جو سج اُڀرڻ تي ڪم تي پهچن ٿا ۽ سج لهڻ کان پوءِ گهر واپس وڃن ٿا. ان سڄي وقت ۾ صرف اڌ ڪلاڪ کاڌو کائڻ لاءِ وقفو هوندو آهي، جنهن ۾ سُڪل ماني ۽ بصر کائيندا آهن يا ڪڏهن وري گهر مان ڀاڄي آڻيندا آهن. انهن ٻڌايو ته، جيڪڏهن آڱريون زخمي ٿي وڃن ته پوءِ موڪل ملندي آهي ۽ هو پوءِ کيڏي سگهن ٿا، نه ته ان کڏ مان فرار ٿيڻ جو ڪو به رستو ناهي، جتي 11 ڪلاڪ ويهڻ سبب سندن گوڏا سڄي رات سُور ۽ درد ۾ وٺجي وڃن ٿا. گاهه جي ڇت جي ان ڪمري ۾ روشنيءَ جو ڪو به انتظام ناهي ۽ نه وري انهن ٻارڙن ريشمي ذرڙن کان ڦڦڙن کي بچائڻ لاءِ ماسڪ پاتا آهن. 12 ڪلاڪن جي مزدوريءَ جو معاوضو 30 کان 100 رپيا ملي ٿو، جنهن ٻار کي ڪم ۾ جيتري مهارت آهي، ان کي ايتري ئي مزدوري ملي وڃي ٿي، پر پوءِ به اها مزدوري 100 رپين کان وڌيڪ نه ٿي ٺهي. ان ڳوٺ ۾ اسڪول جي سرڪاري عمارت ته موجود آهي، پر استاد دستياب ناهي. ڪجهه ماڻهن عملدارن کي شڪايت به ڪئي، پر ڪو به ازالو نه ڪيو ويو. ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهن هڪ نجي استاد جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جيڪو ٻارڙن کي پڙهائي ٿو ۽ ان کي 100 رپيا في ٻارڙو ادا ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي غريب خاندان 100 رپيا ڏيڻ بدران اهو بهتر سمجهن ٿا ته اهو 100 رپيا ٻارڙو کڏ ۾ ڪم ڪري کڻي اچي ته گهر جي چُلهه ڪجهه دير تائين ٻرندي رهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ نيوٽريشن ۽ روڊن جي تعمير واري اعزاز تي معلوم ناهي ڪيترا ڏينهن بحث ٿيڻ باقي آهي، پر 8 مهينن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي ٿر جي صورتحال تي اپوزيشن کي مُنهن ڏيڻو پيو پوي. ان علائقي ۾ ارباب خاندان موجود آهي، جنهن جي سربراهه ارباب غلام رحيم کي آخري ڀيرو اُن وقت ڏٺو ويو، جڏهن وزير اعظم نواز شريف مٺي آيو هو، هُن ۽ سندس خاندان پُراسرار خاموشي اختيار ڪئي آهي. ٿر مان قومي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ تي تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي گذريل چونڊن ۾ اميدوار هو، سندس مريدن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، پر اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي موقعي تي ۽ ڪراچي ۾ جلسي ۾ هڪ ريفرنس جي طور سان ٿر جو حوالو ڏنو ويو. پنجاب ۾ ٻوڏ ۾ سرگرم عمران خان فائونڊيشن اڃا تائين هتان جو رُخ نه ڪيو آهي، اهڙي طرح حُر جماعت جا مريد به هتي آباد آهن، پر مسلم ليگ فنڪشنل جو ڪو به اهم ڪردار سامهون ناهي آيو.
قومپرست پارٽين تي ته هاڻي ڪو به تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٻه ڀيرا ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ به اُنهن ماڻهن جي مدد ۾ ڪردار ادا نه ڪيو، يعني نه انهن وٽ ڊاڪٽر آهن، جيڪي وڃي ڪري طبي ڪئمپ لڳائين، نه انهن جي ايتري ساک آهي ته هو شهرن ۾ دوائون ۽ راشن گڏ ڪري، ٿر ۾ متاثرن جي مدد ڪن. اهڙو ئي قومپرست گروپ آمريڪا ۽ لنڊن ۾ موجود آهي، جن جي دلچسپي گيت ۽ سنگيت ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿي، نه ته ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو ته ڪشمير ۾ زلزلي ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن عملي ۽ مالي مدد ڪئي، پر ٻوڏ هجي يا ڏڪار برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽيءَ جو ڪو به ڪردار سامهون نه ٿو اچي.

ڪراچيءَ جي سياست تي طالبان جو اثر - ریاض سهیل

اربع 05 فيبروري 2014ع

ریاض سهیل

طالبان ڪراچي شهر جي سياست کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عام چونڊن کان پهرين طالبان قيادت طرفان آيل ”خط“ کان پوءِ ڪراچيءَ جي پشتون علائقن ۾ صورتحال تبديل ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ عوامي نيشنل پارٽي انتهاپسندن جي نشاني تي اچي وئي هئي. ان خط ۾ محسود قبيلي کي تحريڪ انصاف جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ان کان پهرين به 2012ع ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي هئي، جو عوامي نيشنل پارٽيءَ ڪراچي ۾ پنهنجون آفيسون بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ پشتون آباديءَ ۾ سندن ڪوبه جهنڊو نظر نه ٿي آيو. ان دوران عوامي نيشنل پارٽيءَ جي تمام گهڻن ڪارڪنن کي قتل پڻ ڪيو ويو. عام چونڊن دوران عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اميدوار صادق زمان خٽڪ کي قتل ڪيو ويو. هڪ ٻئي حملي ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوار بشير جان محفوظ رهيو. ايتري حد تائين جو چونڊن واري ڏينهن لانڍيءَ ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اميدوار امان الله محسود تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي. چونڊ مهم دوران پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ کي نشانو بنايو ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ تحريڪ انصاف بنا ڪنهن خوف خطري جي چونڊ مهم هلائي. ان دهشت جي فضا ۾ عوامي نيشنل پارٽي نه صرف صوبائي اسيمبلي پر پشتون علائقن مان پڻ آئوٽ ٿي وئي. ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ طالبان سزا ۽ جزا جو نظام به قائم ڪري ورتو آهي، جتي ذاتي تڪرارن، ملڪيت، زمين ۽ ڏيتي ليتيءَ جي معاملن جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. اهڙي ئي هڪ فيصلي ۾ هڪ شخص کي سرعام ڦٽڪا به هنيا ويا هئا.
افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان جي وچ ۾ روايتي ويجها لاڳاپا آهن، اهي افغانستان ۾ هجن يا ڏکڻ وزيرستان يا وري ڪراچي ۾، اهڙي ريت فرقيواراڻه شدت پسند گروهه به طالبان جا نظرياتي ساٿي آهن، جن جون ڪيتريون ئي ڪارروايون پڻ گڏيل نموني سان ٿينديون آهن. پوليس مطابق، عباس ٽائون بم ڌماڪي ۽ چوڌري اسلم تي حملي ۾ هڪ ئي گروهه ملوث آهي، پر هڪ واقعي جي ذميواري لشڪر جهنگوي، جڏهن ته ٻئي واقعي جي ذميواري بندش پيل تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي ايندڙ آبادي گهڻي ڀاڱي هڪ مسلڪ سان تعلق رکندي هئي، پر پوءِ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب مان جيڪا آبادي آئي، ان ۾ اڪثريت جو تعلق ٻئي مسلڪ سان آهي، جنهن جي ڪري شهر ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ وڌي آهي، ان ڇڪتاڻ جو هڪ سبب معاشي بدحالي پڻ ٿي سگهي ٿو.
ٻه ڪروڙ آباديءَ واري ڪراچي شهر جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آبادي اهڙن علائقن ۾ يا ان جي ڀر پاسي ۾ رهندي آهي، جتي طالبان جو اثر موجود آهي. انهن علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس وارا وڃڻ کان لنوائين ٿا. حد ته اها آهي جو اهڙن علائقن ۾ پوليو ويڪسين پياري نه ٿي سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ خود ڪسٽم اينٽيليجنس، ڪوسٽ گارڊ ۽ ايف بي آر اها تصديق  ڪري چڪيون آهن ته جن علائقن ۾ اسمگلنگ جو سامان ۽ هٿيار وڪرو ٿي رهيا آهن، اتي انتهاپسند تنظيمون موجود آهن، ۽ اتي ڪارروائي ڪرڻ مشڪل آهي.
ڪراچي پوليس به تحريڪ طالبان جي نشاني تي آهي، ته جيئن پوليس کي ايترو ته ڊيڄاريو وڃي جو اها انهن علائقن ۾ داخل نه ٿئي، جتي طالبان جو قبضو ۽ اثر آهي. ڏيڍ سال اڳ جڏهن گلشن بونير ۾ ٻن پوليو رضاڪارن کي نشانو بڻايو ويو هو ته ٻئي ڏينهن پوليس سان گڏ منهنجو پڻ وڃڻ اتي ٿيو هو ۽ اهو احساس واضح هو ته ڄڻ هتي پوليس پهريون ڀيرو آئي هجي. گذريل هڪ سال ۾ ڪراچي ۾ 200 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار قتل ڪيا ويا آهن، ڪيترائي پوليس آفيسر اڃان تائين انهن انتهاپسندن جي هِٽ لسٽ تي آهن، جنهن کانپوءِ هاڻي پوليس انتهائي محتاط ٿي وئي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ رينجرس کي ڪارروائيءَ جا اختيار ڏنا ويا آهن پر رياست جي رِٽ بحال ڪرڻ يا قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن کي اڃان تائين ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي.
طالبان ۾ گروهه بندي:
تحريڪ طالبان جو سربراهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪراچي لاءِ امير مقرر ڪندو آهي، جنهن جو هڪ  وڏو سبب معاشي مفاد آهن. ولي الرحمان جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ کانپوءِ حڪيم الله محسود کي تحريڪ طالبان جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پنهنجو قبضو رکڻ جي لاءِ حڪيم الله ۽ ولي الرحمان گروپن ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين جنگ هلندي رهي، جنهن ۾ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي نشانو بنايو ويو. اهڙا واقعا گهڻي ڀاڱي لانڍي ۽ منگهي پير ۾ پيش آيا. اهي ڪي نظرياتي اختلاف نه هئا پر ڀتي جي وصوليءَ تي اختيارن جي جنگ هئي.
ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان حڪومت جيڪڏهن طالبان خلاف هڪ ڀيرو وري ڳالهين جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو فيصلو ڪري ٿي ۽ اتان ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿئي ٿي ته انهن جو رخ هن ڀيري ڪيڏانهن هوندو؟ ظاهر آهي ته اهي ڪراچيءَ ڏانهن ئي ڀاڄ کائيندا، ڇو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي پنجاب هر اهڙي ذميواريءَ کي اڳتي ڌڪيندو رهيو آهي. وسيلن جي کوٽ ۽ مسئلن ۾ جڪڙيل ڪراچي شهر ڇا آئينده اهڙن ”ناپسنديده مهمانن“ جي آجيان ڪندو؟ ان امڪاني آپريشن ۾ جيڪو جاني نقصان ٿيندو، ڇا ڪراچيءَ ۾ موجود انهن ماڻهن جا رشتيدار، قبيلا ۽ گروهه خاموش تماشائي بڻجي ويندا يا ان جو ڪو شديد رد عمل ٿيندو؟

ڪراچي ۾ ”سياسي بالادستيءَ“ واري هلندڙ راند!

By Riaz Sohail
سومر 06 اپريل 2015ع

ریاض سهیل
  سڄي دُنيا جون نظرون هن وقت يمن تي آهن، ته ايران اُتي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا سعودي بالادستي برقرار رهي ٿي. انهيءَ صورتحال سبب خِطي ۾ عدم استحڪام وڌڻ جا خطرا پيدا ٿي چُڪا آهن. ڪراچيءَ ۾ به هن وقت اهڙي قسم جي راند کيڏي پئي وڃي، جتي اين اي 246 وارو تڪ ته ڄڻ يمن بڻيل آهي، جتي ايم ڪيو ايم پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ ۽ تحريڪ انصاف بالادستي قائم ڪرڻ چاهي ٿي. وچ شهر جي خالص اُردو آباديءَ جي اڪثريت تي مشتمل هن تڪ ۾ 1988ع کان متحده قومي موومينٽ بنا ڪنهن وقفي جي ڪاميابي حاصل ڪندي اچي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي هميشه جماعتِ اسلامي جو ميمبر ايندو رهيو آهي، جيڪو به انهيءَ آباديءَ مان هوندو آهي. موجوده صورتحال ۾ ائين ٿو لڳي ته، ڄڻ جماعتِ اسلامي هتي موجود ئي ناهي، جماعتِ اسلامي خيبر پختونخوا ۾ تحريڪِ انصاف جي اتحادي جماعت آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ اندر ماضيءَ ۾ اها تمام مضبوط جماعت رهي آهي. بقول هڪڙي جماعتي اڳواڻ جي ته، اين اي 246 واري تڪ تي هميشه کين اڳواڻي ملندي رهي آهي، هتي اُنهن جا خاندان آباد آهن، جيڪي نسل در نسل پارٽيءَ سان گڏ هلي رهيا آهن، ان ڪري اهي تحريڪِ انصاف کي اهو تڪ ڪنهن به صُورت ۾ نه ڏيندا. گُذريل عام چُونڊن ۾ ڌانڌليءَ جا الزام هڻي جماعتِ اسلامي بائيڪاٽ ڪيو هو، جڏهن ته 12 بجي تائين اين اي 246 تي جماعتِ اسلامي جي اُميدوارَ کي 10 هزار ووٽ ملي چُڪا هُئا، پولنگ اسٽيشنن تي موجود پارٽيءَ جي ووٽرن پوءِ اهو ووٽ تحريڪِ انصاف جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو هو. بقول جماعتِ اسلامي جي مقامي اڳواڻ جي ته، تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته، اهو ووٽ سندن حِصي جو آهي پر دراصل اهو جماعتي ووٽر هو، جيڪي پنهنجي تنظيم سان سچا آهن.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ تحريڪِ انصاف جي سولو فلائيٽ نظر اچي ٿي، ڇو ته هيستائين ان جو ڪنهن به پارٽيءَ سان چُونڊ اتحاد نظر نه ٿو اچي، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ، ايم ڪيو ايم جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو اهو بيان به سامهون آيو آهي ته، اسان پاڻ کي غير جانبدار رکيو آهي. گُذريل عام چُونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي لڳ ڀڳ 2 هزار ووٽ مليا هُئا، جيڪي اُنهن ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. اين اي 246 واري تَڪَ ۾ آغا خاني ڪميونٽيءَ جو به وڏو ووٽ بئنڪ آهي، جيڪو هميشه فيصلا ڪُن ثابت ٿيندو رهيو آهي. ڪريم آباد، شريف آباد، حُسين آباد ۽ ٻين علائقن جي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ اها ڪميونٽي ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيندي رهي آهي، ته ڇا هاڻ اهو ووٽ تحريڪِ انصاف کي ملي سگهي ٿو؟ ڇو ته شهر جي ٻِي ڪميونٽي بوهري برادريءَ ۾ تحريڪِ انصاف لاءِ ڪُجهه نرم رويو ڏٺو پيو وڃي ۽ پهريون دفعو ان ڪميونٽيءَ تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ به شرڪت ڪئي، نه ته ماضيءَ ۾ بوهري برادري اليڪشن جي ڏينهن تائين سياسي نظر ايندي هئي، هاڻي بوهري علائقن ۾ بم ڌماڪن کي ان جي ردِعمل سان جوڙي سگهجي ٿو يا نه؟ ان جو پوليس وٽ ڪو به ثبوت ڪونهي.
هڪ صحافي دوست جو خيال آهي ته، تحريڪِ انصاف جو ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان لاءِ نرم رويو آغا خاني ووٽر جو ان کان پري ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻي ڳالهه اها به آهي ته، ڪيترائي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته، تحريڪِ انصاف بنيادي طور تي ”موسمي بُخار“  آهي، ان ڪري ڪو به هن شهر جي اهم سياسي قُوت سان ٽڪراءَ ۾ نٿو اچڻ چاهي. تحريڪِ انصاف پاران ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس جي ويجهو جلسي جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي. تحريڪِ انصاف جي اُميدوار عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته، شهر ۾ جيڪو خوف جو ماحول طاري آهي، هُو ان کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ آهي ته، سندن ۽ رينجرز جي حڪمتِ عمليءَ ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي. ڇو ته ماضيءَ جي برعڪس رينجرز تازي ٿيل آپريشن ۾ نائن زِيرو تي ڪارروائي ڪري ٻين جماعتن کي به ٿَڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ تقريبن هر ڪميونٽيءَ کي ايم ڪيو ايم سان شڪايت رهي آهي، گُذريل 4 ڏهاڪن ۾ پٺاڻ، پنجابي، سنڌي، بلوچ ڪميونٽيز ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽڪراءَ واري سياست موجود رهي آهي پر 2007ع کان مُسلسل پختون ڪميونٽي ٽڪراءَ ۾ آهي. دراصل اهي سڀ ڪميونٽيز هڪ قسم جو اينٽي ايم ڪيو ايم ووٽ بئنڪ به آهن ۽ تحريڪِ انصاف جي نظر انهيءَ ووٽ بئنڪ تي آهي. موجوده ضمني اليڪشن ۾ تحريڪِ انصاف جي ڪاميابي ڏُکي ٿي ڏسجي پر نائن زيرو تي ٻه درجن ماڻهن جو وڃڻ ۽ بار بار ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن ۾ ريليون ڪڍڻ سان تحريڪِ انصاف اهو تاثر پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته، جيڪڏهن ڪير ايم ڪيو ايم کي چئلينج ڪري سگهي ٿو ته اها صرف تحريڪِ انصاف ئي آهي، ان ڪري اهي سياسي پروگرام ڪرڻ بجاءِ اهڙي طريقي سان همدرديون حاصل ڪري رهيا آهن.
اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته، گُذريل چُونڊن کان پوءِ ڌانڌليءَ جي شڪايت تي ڪراچيءَ جي تڪ اين اي 250 جي ڪُجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ کان پوءِ تحريڪِ انصاف کي ڪراچيءَ ۾ ”انٽري“ ڏني وئي، حالانڪه ڌانڌليءَ جون شڪايتون ته ٻين ڪيترن تڪن تي به هُيون، اُن سِيٽَ ۽ ٻن ٻين صوبائي سِيٽن تي ڪاميابيءَ کانپوءِ تحريڪِ انصاف خاموشي اختيار ڪري ورتي. اهي به ڳالهيون سامهون آيون ته، ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي جي ڪاميابيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو به حِصو هو، اهو جلسو اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي دوران ڪيو ويو هو. ان جلسي ۾ عمران خان زهره شاهد جي قتل واري واقعي تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم تي ڪا تنقيد ڪئي هُئي، جڏهن ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچي پوليس زهره شاهد قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري اِشارن ۾ اُن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان ڄاڻايو هو. هن پوري صُورتحال ۾ تحريڪِ انصاف مصلحت پسنديءَ جو ثبوت ڏنو هو. ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي تازي آپريشن جيئن تحريڪ انصاف جي سُڪندڙ رڳن ۾ نئون رَت پيدا ڪيو آهي، ماضيءَ ۾ ان جو مثال ايم ڪيو ايم حقيقي جي صُورت ۾ ملندو رهيو آهي. جنهن کي آپريشن جو فائدو پهچايو ويندو رهيو آهي، هن وقت تحريڪِ انصاف، زهره شاهد جي قتل جو به حوالو ڏيئي رهي آهي، تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران اسماعيل عزيز آباد جا چڪر ڪاٽيندي به ڏسجي ٿو، اهو بدليل بدليل ماحول بدلجندڙ موسم جي به نشاندهي ڪري رهيو آهي.
ڏٺو وڃي ته، تحريڪِ انصاف گُذريل چُونڊن ۾ همدرديءَ وارا ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب وئي پر انهن ووٽرن جون همدرديون برقرار رکڻ لاءِ ڪو به تنظيمي ڍانچو موجود ئي نه هو. مون کي ياد آهي ته هڪ جلسي ۾ مون هڪ پٺاڻ نوجوان کان سوال ڪيو هو ته، توهان هن جلسي ۾ ڇو آيا آهيو؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته، ”هتي اسان جو ”خان صاحب“ آهي، ان ڪري آيا آهيون.“ شايد ان ڪري ئي تحريڪِ انصاف جي جلسن ۾ پختون آبادي گهڻي نظر ايندي آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون هُيون، جو عوامي نيشنل پارٽيءَ جي قيادت کي پارٽي ۽ پاڻ کي بچائڻ مشڪل ٿي ويو هو. نتيجي ۾ ان نوجوان طبقي تحريڪِ انصاف جو رُخ ڪيو. دراصل ڪراچيءَ ۾ وقت ۽ حڪومتن سان گڏوگڏ متحده قومي موومينٽ جو سياسي حِصو به وڌندو ويو ۽ اها ڪراچيءَ جي وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي. 2008ع جون چُونڊون هُجن يا 2013ع جون، اهڙي ڪا به ڪوشش نظر ڪانه آئي، جنهن سان شفاف اليڪشن ٿي سگهن، ته جيئن عوام جي مرضي ۽ منشا مطابق نتيجا سامهون اچي سگهن پر گُذريل ٻن سالن ۾ هڪدم قانون نافذ ڪندڙ ادارا ايڪشن ۾ اچي ويا، حالانڪ انهن ئي پگهارن سان انهن علائقن ۾ اهي پهرين به موجود هُئا، پر هاڻ اُنهن پنهنجو ردِعمل ظاهر ڪرڻ ڇو ضروري سمجهيو؟ ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ ان ڳالهه جو سُٽ سُلجهڻ اڃا باقي آهي.
اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن شفاف اليڪشن به ٿين، ته ڪراچيءَ مان ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ قومي اسيمبليءَ جون 10 سِيٽون ڪيڏانهن به نه وينديون، شهر جي وڏي پارٽيءَ جو اعزاز ته وٽن برقرار ئي رهندو. ان کان پهرين به جڏهن ڪُجهه سِيٽون ڇڏڻ جو چيو ويو هو ته، خود الطاف حُسين چئي چڪو آهي ته، اُنهن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. اين اي 246 واري تڪ تي به جيڪڏهن سختي وڌي وڃي ۽ رينجرز پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر موجود رهي ٿي، ته پوءِ ايم ڪيو ايم وٽ اهو به آپشن ٿي سگهي ٿو ته، اهي في الحال هن چونڊ عمل جو ئي حصو نه بڻجن، ڇو ته ڪاميابي انهن کي ملي ئي ويندي پر ووٽن جي شرح اها نه هُوندي، جيڪا پهرين نظر ايندي رهي آهي. گُذريل چُونڊن ۾ نبيل گبول هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، ضمني چونڊن ۾ هونئن به ٽرن آئوٽ گهٽ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم غير مقبول ٿيڻ جو الزام پاڻ تي برداشت ڪرڻ بجاءِ، ٿي سگهي ٿو ته ان سڄي صورتحال مان ئي ٻاهر نڪرڻ بهتر سمجهي پر تحريڪِ انصاف جي اُميدوار جي قسمت پوءِ به نه چَمڪندي ۽ اها سِيٽ جماعتِ اسلامي جي حوالي ٿي ويندي، جيڪا ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي ٻي وڏي جماعت آهي، پر ان کان اها سِيٽ واپس وٺڻ  ايترو مشڪل ناهي.
صولت مرزا جو بيان ۽ نائن زيرو تي ڇاپي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ جاري آپريشن واضح سياسي لائين تي نظر اچي رهيو آهي، جنهن اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا ڪيترائي نوجوان، جيڪي تحريڪِ انصاف کي هڪ مُتبادل جماعت سمجهندا هُئا، هاڻ اُن کي ڪراچيءَ ۾ پختونن جي جماعت سمجهن ٿا، جيڪا انهن جي سياسي ۽ مُعاشي مفادن جي خلاف آهي.